اڄ ڪلهه هر موبائيل ڪمپني پنهنجي استعمال ڪندڙن لاءِ علائقن جي حساب سان پيڪيج ڏئي رهي آهي۔۔ پر ڪافي عرصي کان ٽيلينار طرفان اهڙو ڪو پيڪيج پيش نه ڪيو ويو هو۔۔۔
ٻين ڪمپنين طرفان اهڙن پيڪيجن کي ڀرپور موٽ ملندي ڏسي ٽيلينار به هڪ قدم اڳتي وڌندي ”پورو پاڪستان آفر“ نالي مفت ڪالز پيڪيج آندو آهي۔۔ جنهن تحت:
- صرف 7 روپيه واڌو ٽيڪس (8 روپيه 37 پيسا) ذريعي ڪنهن به ٽيلنار نمبر تي پورا 21 ڪلاڪ مفت ڪال
- مفت ڪال جي سهولت رات 9 بجي کان شام 6 بجي تائين هوندي۔۔
- ٻين وقتن تي في ڪال ڪنهن به ٽيلينار يا ٻئي نيٽ ورڪ تي 80 پيسا في 30 سيڪنڊ هوندي
- هن پيڪيج ۾ ايس ايم ايس روپيو ۽ ايم ايس ايم 5 روپيا هوندو۔۔۔
- هي آفر صرف ٽيلينار ٽاڪ شاڪ 24 ڪلاڪ واري پيڪيج تي آهي۔۔۔
- رات 12 بجي پيڪيج جو وقت ختم ٿي ويندو۔۔ نئون پيڪيج مان فائدو وٺڻ لاءِ رات 12 وڄي 5 منٽن تي پيڪيج حاصل ڪرڻ جي درخواست فائديمند رهندي۔۔
- آفر حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي موبائيل تان #000*345* ڊائل ڪريو۔۔