• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين سميت پوري دنيا جي سنڌين کي عيد مُبارڪون

نثارناز

سينيئر رڪن
mubarak.jpg


khushi.gif

سنڌ سلامت جا ساٿيو اڳواٽ ۾ مُنهنجي طرفان هن عيدالفطر جون مُبارڪون قبول ڪندا۔ ان کان علاوه اها دُعا ٿو ڪريان ته رب پاڪ توهان سڀني کي اهڙيون لازوال خوشيون سدائين نصيب ڪري آمين
 
عيد مبارڪون

دوستو، اڄ هت سعوديءَ ۾ 27 رمضان جي رات آهي، جا قدر واري رات به ٿي سگهي ٿي، هينئر هينئر آءُ الله جي گهر جو طواف ڪري آيو آهي، سبحان الله تمام گهڻي پيڙه هئي، لکين مسلمان پنهنجي مغفرت لئه ٻاڏائي رهيا هئا ... مون به پنهنجي مغفرت لئه دعائون گهريون ۽ طواف ۾ سنڌ سلامت ۽ سنڌ جي مڙني دوستن جي مغفرت ۽ صراط المستقيم تي قائم رهڻ لئه دعائون گهريون ..

دوستو، هي منهنجو الوداعي طواف هو، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي آءُ سنڌ ڏانهن سفر تي هلندم... انشاء الله جمعي جي نماز سچل ڳوٺ ڪراچيءَ جي ڪنهن مسجد ۾ پڙهبي ۽ سنڌ جي 27 رمضان جي رات پنهنجن پرين پيارن سان گڏ عبادت ڪبي ...

دوستو! ممڪن حد تائين ٻه مهينا شايد ان تسلسل سان ڪچهريون ٿي نه سگهن. انڪري آءُ سڀني دوستن کي اڳواٽ ئي عيد مبارڪ چئي ڇڏيان ٿو ... دعائن ۾ گڏ آهيون ...

پنهنجو، پنهنجي خاندان ۽ دوستن جو خيال ڪجو ۽ سنڌ سلامت جي اڱڻ کي پنهنجي علم سان رنگ برنگي ٺاهيندا رهجو ...

زندگي رهي ته انشاء الله وري ڪچهرين ۾ اچي گڏ ٿبو ...

عيد مبارڪون

سدائين گڏ

sindhsalamatsaathsal
 
سائين توهان کي به اڳواٽ عيد مبارڪون...
توهان جو ٿورائتو آهيان جو اسان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد رکو ٿا...
اسان کي سنڌ سلامت تي توهان جي ڪمي محسوس ٿيندي...
اميد ته وقتا فوقتا ديدارڙو به ڪرائيندا رهندا....

مهرباني سائين
سدائين گڏ


sindhsalamatsaathsal
 
ادا ابو زين، اميد ته وچ وچ ۾ پيا ملنداسون، سنڌ سلامت ته پنهنجي اوطاق آهي جڏهن به وارو مليو ته پيو ڀيرو ڀڃبو، اوهان پنهنجو خيال ڪجو ۽ دعائن پيا ياد ڪجو ...
 
ابڙا صاحب! ڀاڳن وارا آهيو..................... جو توهان کي ستت ئي سنڌ جو ديدار نصيب ٿو ٿئي. اسان ته هتي پرائي وس آهيون نه اسان کي سنڌ ڏانهن اچڻ جي ويزا آهي ۽ نه ئي وري هند جي سٽيزنشپ..... مطلب ته وچ تي لٽڪيل آهيون. دعا ڪجو ۽ منهنجي پاران توهان کي عيد جو اڳواٽ واڌايون هجن.
 
سائين ڦلپوٽي فقير طرفان به اوهان کي دل جي گهرائين سان عيد مبارڪ هجي ۽ پوري سنڌ سلامت جي سٿ کي ايڊوانس عيد مبارڪ هجي ۽ مون جي دعا آهي ته توهان کي ، سنڌ سلامت جي سٿ کي هميشه اهڙيون خوشيون نصيب ٿين .
آمين
 
راجا اڪرام جي طرفان سڃي سنگت کي عيد جيون مبارڪون

برڪتن واري مهيني جي اختتام تي عيد جو ڀلاروڏينهن اچي رهيو آهي

سڄي سنگت کي منهنجي طرفان


عيد جُون مبارڪون



اميد ته دُعائن ۾ ياد رکندا
 
برادرم راجا صاحب! لک لائق جو اسان کي عيد جون مبارڪون ڏنوَ. اسان حقيرن پاران پڻ اوهان کي عيد جون لَک لَک مبارڪون هجن.
 
دوستو، اڄ هت سعوديءَ ۾ 27 رمضان جي رات آهي، جا قدر واري رات به ٿي سگهي ٿي، هينئر هينئر آءُ الله جي گهر جو طواف ڪري آيو آهي، سبحان الله تمام گهڻي پيڙه هئي، لکين مسلمان پنهنجي مغفرت لئه ٻاڏائي رهيا هئا ... مون به پنهنجي مغفرت لئه دعائون گهريون ۽ طواف ۾ سنڌ سلامت ۽ سنڌ جي مڙني دوستن جي مغفرت ۽ صراط المستقيم تي قائم رهڻ لئه دعائون گهريون ..

دوستو، هي منهنجو الوداعي طواف هو، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي آءُ سنڌ ڏانهن سفر تي هلندم... انشاء الله جمعي جي نماز سچل ڳوٺ ڪراچيءَ جي ڪنهن مسجد ۾ پڙهبي ۽ سنڌ جي 27 رمضان جي رات پنهنجن پرين پيارن سان گڏ عبادت ڪبي ...

دوستو! ممڪن حد تائين ٻه مهينا شايد ان تسلسل سان ڪچهريون ٿي نه سگهن. انڪري آءُ سڀني دوستن کي اڳواٽ ئي عيد مبارڪ چئي ڇڏيان ٿو ... دعائن ۾ گڏ آهيون ...

پنهنجو، پنهنجي خاندان ۽ دوستن جو خيال ڪجو ۽ سنڌ سلامت جي اڱڻ کي پنهنجي علم سان رنگ برنگي ٺاهيندا رهجو ...

زندگي رهي ته انشاء الله وري ڪچهرين ۾ اچي گڏ ٿبو ...

عيد مبارڪون

سدائين گڏ

sindhsalamatsaathsal
شڪر الحمد الله اسان جو دوست سائين نثار ابڙو هن وقت سنڌ جي جيجل ڌرتي تي پنهنجا پير مُبارڪ رکي چُڪو هوندو۔ ۽ سالن کان سندس پيارن سان ملڻ جي سڪ ۽ اُڪير واري آس پوري ٿي چُڪي هوندي۔ محبن سان سندس ميلا ٿيا هوندا۔ اسان پڻ انتهائي خوش آهيون ڇو ته اسان جو دوست پيهي گهر آيو۔ مولا سائين رب ڪريم سندس لايا سجايا ڪيا۔
 
مگسي پاران دل جي گهرائين سان عيد مُبارڪون

سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين سميت پوري دنيا جي مسلمان ڀائرن کي مگسي پاران دل جي گهرائين سان عيد مُبارڪون
 
Back
Top