
ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي جنهن تحت صوبي جي سڀني اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ موبائيل تي پابندي لڳائي وئي۔۔۔
موبائيل فونز اڄ ڪلهه ضرورت کان وڌيڪ استعمال ڪيا پيا وڃن۔۔۔ اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ شاگرد ليڪچرس دوران به موبائيل فونز تان ميسيجز ۽ ڪالز جاري رکندا آهن جنهن ڪري انهن جي توجه پڙهائي ۾ بلڪل نه رهندي آهي۔۔
ياد رهي ته ملڪ ۾ اڳ ئي اهو قانون موجود آهي پر ان تي عمل نه هجڻ ڪري پنجاب اسيمبلي ۾ اهڙي قرارداد پاس ڪئي وئي۔۔ ان کان علاوه پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه طرفان اڳ ئي وفاقي حڪومت کي خط موڪليا ويا آهن ته موبائيل ڪمپنين کي رات جو مفت يا ڪلاڪن جا پيڪيج ختم ڪرڻ جو پابند ڪن ته جيئن شاگرد راتين جو جاڳڻ بجاءِ آرام ڪري ڏينهن جو اسڪولز ۽ ڪاليجز جي تعليم طرف توجه ڏئي سگهن۔۔
اهڙي عمل کي سنڌ ۾ سختي سان نافظ ڪجي ته تعليمي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا۔۔