جي ها مون اهو مشورو ان لاءِ ڏنو ته گوگل توهان کي اداڪاري ڪري ٻڌائيندي ته ڪششِ ثقل ڇا آهي۔۔ توهان ڪرڻو صرف اهو آهي جو سرچ باڪس ۾ Google gravity لکو ۽ گوگل سرچ بٽڻ بجاءِ ڀرسان موجود I'm feeling lucky بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ ياد رهي ته گوگل ڪروم ۾ اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن گوگل ڪروم آپشنس منجهان instant search آف ٿيل هجي۔۔۔ توهان ڏسندو ته گوگل جا سمورا لفظ باڪسز جي صورت ۾ توهان جي اسٽيٽس بار تي ڪري پوندا۔۔۔ بلڪل هن تصوير وانگر۔۔۔ هاڻي چاهيو ته باڪسز کي کڻي مٿي ڪريو۔۔۔ پر هي ڇا باڪسز ته ڪششِ ثقل ڪري وري هيٺ ڪري پوندا۔۔ ۽ اهڙي طرح گوگل ڪجهه مواد بجاءِ عملي طور توهان کي ٻڌائيندي ته ڪششِ ثقل ڇا آهي۔۔۔ تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔
جواب: ڪششِ ثقل گوگل کان معلوم ڪريو۔۔۔ ادا ڪجهه ڏينهن کان توهان ڇو گوگل جي ڪڍ پيا آهيو؟ ڪڏنهن گهوماٽيون ٿا کارايو ڪڏنهن وري ڀڃ ڊاهه ٿا ڪرايو۔