اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان خبر ناهي ڇو ۽ ڪهڙي سبب مان ڊسسمبر کان ڊنو هيس ۽ هي ليک ”ڊسمبر تون وري آئين“ لکيو هو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ موت ته برحق آهي پر پوء به بس ان ساڳي ئي ڊسمبر ويندي ويندي مونکان منهنجو بابا سائين کسي ورتو۔ سندس اوچتو وڇوڙي سچ ته جيء کي جهوري وڌو۔ 29 ڊسمبر جو صبح منهنجي لاء اڀاڳو ثابت ٿيو ۽ بابا جو اچانڪ وڇوڙو ٿيو۔ بابا جي طبيعت خراب ضرور هئي پر اهڙي به نه جو پاڻ ايئن اسان کي ڇڏي هليا وڃن۔ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي منهنجي ادا رشيد سمون سان ڳالهه ٿي هئي ۽ مون کين عرض ڪيو هو ته ڪيلينڊر پراجيڪٽ کي پاڻ ڏسن ڇو ته بابا جي بيمار هجڻ سبب مان ڊسٽرب هيس۔ هو طبيعت جو سادو، کليل دل، سڀ ڪجهه صاف ۽ سچ چوڻ وارو انسان هو۔ جنهن شايد ئي ڪڏهن ڪنهن سان تلخ ڳالهايو هجي۔ پنهنجي ڪم ۾ مصروف ۽ اسان کي وڏو سمجهي سڀ ڪجهه اسان جي حوالي ڪيو هين۔ ڳوڍ جي هر ماڻهو سان پنهنجائپ ۽ پيار وارو رويو رکندڙ انسان جي وڇوڙي تي مون ڪيترائي ماڻهو روئندي ڏٺا جن کي مان به ڪونه پي سڃاتو۔ سڀ کيس پنهنجو سمجهي روئي رهيا هئا۔ ۔۔۔۔۔۔ ماء پيء جڏهن جيئرا هوندا آهن ته هنن جا دعا لاء کنيل هٿ پنهنجي اولاد لاء رحمت جو سبب بڻجندا آهن۔ مون لکڻ ته گهڻو ڪجهه پي چاهيو پر خبر ناهي ڇو اڄ قلم منهنجو ساٿ ڪونه پيو ڏي ۽ مان وڌيڪ لکي ڪونه ٿو سگهان ۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪافي ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت جي دوستن سان گڏ آهيون. منهنجي بابا سائين جي اچانڪ انتقال ڪري وڃڻ سبب مان ڳوٺ ويل هئس. ڪالهه ڪراچي واپسي ٿي آهي. گهڻن ئي دوستن ذاتي پيغامن. فيسبوڪ پيغامن، ٽيليفون ذريعي ۽ ذاتي طور تڏي تي اچي عذر خواهي ڪئي ۽ منهنجي والد صاحب جي مغفرت لاء دعا گهري ، سندن مهربانيون. دوستن کي عرض ته بابا جي مغفرت لاء قل شريف پڙهي دعا گهرن ته رب پاڪ بابا سائين کي جنت الفردوس عطا ڪري ۽ سندس درجا بلند ڪري ........آمين ۔۔۔۔۔ ساڳي وقت دعا ڪيو ته رب پاڪ مونکي حوصلو ۽ صبر ڏي ته جيئن مان پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان نڀايان ۽ بابا جي دوستن، مٽن مائٽن سان گڏ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن، دوستن ، يارن ۽ سنگتين سان نڀائي سگهان۔
جواب: اڙي موت ميار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا سليمان وساڻ صاحٻ توهان جي والد جي وڇوڙي جو جيترو توهان کي صدمو آهي اوترو اسان کي به آهي۔اسان جي انهن سان ڪڏهن ڪا ملاقات ته نه ٿئي هئي پر توهانجي ۽ ادا نثار ابڙو جي ڳالهين مان انهن جي هردلعزيز شخصيت جي باري ۾ خبر پوئي ٿئي۔بقول توهان جي انهن پنهنجي زندگي ئي ۾ پنهنجي پوئنيرين کي انهن جي ذميدارن جي خوب احساس ۽ تربيت ڏياري تاڪي انهن جي جدائي کانپوء توهان کي ڪا تڪليف نه اچئي۔الله پاڪ جي در تي نماڻو عرض آهي ته هو توهان جي والد بزرگوار کي جنت الفردوس ۾ جڳه عطافرمائين۔انهن لاء قبر ۾ هر قسم جون آسانيون پيدا ڪن۔انهن کي جهنم جي باه کان پنهنجي حفاظت ۾ رکن۔آمين۔
جواب: اڙي موت ميار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا سليمان توهانجي والد صاحب جي وصال جو صدمو سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي آهي۔ دعا آهي ته شال مولا ڪريم اوهانجي بابا کي جنت الفردوس ۾ بلند مقام عطا فرمائي آمين۔
جواب: اڙي موت ميار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هون ته موت سان مقابلو ڪرڻ انسان جي وس آهي ئي نه ۔۔۔ ”جل تي ڦوٽو جيئن“ جي مصداق انسان بيٺو آهي ته مآشاء الله، پر جي اوچتو ئي اوچتو ڪري پيو ته انسان جي وس کان ڳالهه چڙهي وڃي ٿي ۔۔۔ ”واڳ ڌڻي وس“ سليمان جي بابا سائين سان منهنجي ملاقات ان وقت ٿي جڏهن سندس گهر ۾ خوشين جو سمنڊ اٿليل هو، بابا پنهنجي پوري تواني سان آيل مهمانن جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن سان ڪچهرين ۾ پاڻ ملهائي رهيو هو ۔۔۔ سندس طبيعت مان ائين لڳو ئي نه ٿي ته ڪو هو بيمار آهي يا اندر ۾ سندس ڪو اهڙو موضي مرض آهي جو بس ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اسانکان جدا ڪري ڇڏيندو ۔۔۔ ادا سليمان! اوهان سان گڏ اسانکي به تمام ڏک رسيو، اوهانکي دلجا ڏيڻ لئه پاڻ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس، پر سوچيم ته جڏهن مونکي ايترو ڏک رسيو آهي ته اوهانجي حالت ڇا هوندي ۽ چوندا آهن ته جڏهن ڏک هجي ته ان کي اکين ذريعي ڪڍڻ ئي سٺو ۔۔۔۔ رب العالمين بابا سائين کي جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عنايت ڪري ۽ اوهانکي ان جي ڪمي برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: اڙي موت ميار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ والدين جو رشتو ايترو ته عظيم آهي جو انهن جي هوندي اولاد جو حوصلو هماليه جيڏو اوچو رهندو آهي۔۔ صحيح ڳالهه ته اها آهي ته انهن جي حياتي ۾ نه معاشرتي رابطن ٽٽڻ جو خوف ۽ نه وري مستقبل جو ڊپ هوندو آهي۔۔ ڇو ته پڪ هوندي آهي ته جي اسان طرفان ڪو غلط قدم کڄي به ويو ته انهي کي سنڀالڻ هُو ڄاڻين ٿا۔۔ منهنجو والدِ محترم جن پڻ 2005 ۾ وفات ڪري ويا هئا۔۔ ان وقت سندن رهلت مون کي به ايترو جهوري وڌو هو۔۔ جو پاڻ کي به ڪجهه ڏينهن جو مهمان سمجهڻ لڳو هيم۔۔ پاڙي اوڙي، سنگت ساٿ، مٽ مائٽ جي آٿت محسوس ئي نه ٿيندي هئي۔۔ جڏهن پاڻ کي سنڀاليندڙ ئي نه رهيو ته هوش ڪاٿي ٿو ڪم ڪري۔۔ ان هوندي به وڏو ڀاء هجڻ ڪري جڏهن سموري گهر جو وزن پنهنجي ڪلهن تي اچي پيو ته احساس ٿيو ته هن وزن مون کي گوڏي تائين زمين ۾ اندر ڪري ڇڏيو آهي۔۔ اڳتي وڌڻ بجاءِ جڏهن حوصلو ٽٽڻ لڳو ته منهنجي نظر پنهنجي ننڍي ڀاء تي پئي جنهن جي حالت مون کان خراب هئي۔۔ ۽ مون کي بابا سائين جا چيل لفظ ياد آيا ۔۔”پٽ ۔۔۔ حوصلو رکجان۔۔ ۽ ڀائرن جو خيال رکجان۔۔“ سندن چيل لفظن مون کي زندگي ڏانهن واپس ورنايو۔۔ ۽ مون کي ياد آيو ته اهو سڀ ڪجهه صرف مون سان ناهي ٿيو۔۔۔ اها ته ريت آهي۔۔ هر جيوت کي واپس ورڻو آهي۔۔ بس باقي رهندي ته خدا جي ذات۔۔۔ والد صاحب پنهنجيون ذميداريون پوريون ڪري ويو۔۔۔ سندس گذاريل گهڙيون اسان لاءِ اهو پيچرو آهن جنهن تي هلي اسان کي به پنهنجا فرض ۽ ذميواريون پوريون ڪرڻيون آهن۔۔۔ اهو ئي زندگي جو اصول هوندو آهي۔۔۔ انسان واقعي به ڏاڍو آهي ۔۔۔ ننڍيون ننڍيون پريشانيون ۽ سختيون ته برداشت ڪري ئي وڃي ٿو۔۔ پر زندگي جا ايڏا وڏا حادثا به سهي وڃي ٿو۔۔ توهان جي لفظن مان صاف لڳي ٿو ته توهان جي ذهن جا خيال اڃان وکريل آهن۔۔ ڇو ته توهان مٿان به هڪ طوفان گذريو آهي۔۔ اهو طوفان جذبا بڻجي ظاهر ٿيڻ ٿو چاهي۔۔ پر وکريل ذهن هجڻ ڪري ان کي سهيڙڻ ڪافي مشڪل ٿو لڳي۔۔ حوصلو ڪيو منهنجا ڀاء ۔۔ زندگي جي لاهين چاڙهين کي صبر سان برداشت ڪريو۔۔ بابا سائين لاءِ دعا ڪندا رهو جو اولاد صدقاءِ جاريا هوندو آهي۔۔ اسان جون دعائون پڻ توهان ساڻ آهن۔۔ اميد ته وقت جيڪو وڏا وڏا زخم به ڀري ڇڏيندو آهي توهان لاءِ به مرهم ثابت ٿيندو۔۔ دعا آهي ته رب پاڪ توهان جي والد صاحب کي پنهنجي نيڪ ٻانهن ساڻ رکي ۽ کين جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي ۔۔ (آمين)