اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان
خبر ناهي ڇو ۽ ڪهڙي سبب مان ڊسسمبر کان ڊنو هيس ۽ هي ليک ”ڊسمبر تون وري آئين“ لکيو هو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
موت ته برحق آهي پر پوء به بس ان ساڳي ئي ڊسمبر ويندي ويندي مونکان منهنجو بابا سائين کسي ورتو۔ سندس اوچتو وڇوڙي سچ ته جيء کي جهوري وڌو۔ 29 ڊسمبر جو صبح منهنجي لاء اڀاڳو ثابت ٿيو ۽ بابا جو اچانڪ وڇوڙو ٿيو۔ بابا جي طبيعت خراب ضرور هئي پر اهڙي به نه جو پاڻ ايئن اسان کي ڇڏي هليا وڃن۔ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي منهنجي ادا رشيد سمون سان ڳالهه ٿي هئي ۽ مون کين عرض ڪيو هو ته ڪيلينڊر پراجيڪٽ کي پاڻ ڏسن ڇو ته بابا جي بيمار هجڻ سبب مان ڊسٽرب هيس۔
هو طبيعت جو سادو، کليل دل، سڀ ڪجهه صاف ۽ سچ چوڻ وارو انسان هو۔ جنهن شايد ئي ڪڏهن ڪنهن سان تلخ ڳالهايو هجي۔ پنهنجي ڪم ۾ مصروف ۽ اسان کي وڏو سمجهي سڀ ڪجهه اسان جي حوالي ڪيو هين۔ ڳوڍ جي هر ماڻهو سان پنهنجائپ ۽ پيار وارو رويو رکندڙ انسان جي وڇوڙي تي مون ڪيترائي ماڻهو روئندي ڏٺا جن کي مان به ڪونه پي سڃاتو۔ سڀ کيس پنهنجو سمجهي روئي رهيا هئا۔ ۔۔۔۔۔۔ ماء پيء جڏهن جيئرا هوندا آهن ته هنن جا دعا لاء کنيل هٿ پنهنجي اولاد لاء رحمت جو سبب بڻجندا آهن۔ مون لکڻ ته گهڻو ڪجهه پي چاهيو پر خبر ناهي ڇو اڄ قلم منهنجو ساٿ ڪونه پيو ڏي ۽ مان وڌيڪ لکي ڪونه ٿو سگهان ۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪافي ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت جي دوستن سان گڏ آهيون. منهنجي بابا سائين جي اچانڪ انتقال ڪري وڃڻ سبب مان ڳوٺ ويل هئس. ڪالهه ڪراچي واپسي ٿي آهي. گهڻن ئي دوستن ذاتي پيغامن. فيسبوڪ پيغامن، ٽيليفون ذريعي ۽ ذاتي طور تڏي تي اچي عذر خواهي ڪئي ۽ منهنجي والد صاحب جي مغفرت لاء دعا گهري ، سندن مهربانيون.
دوستن کي عرض ته بابا جي مغفرت لاء قل شريف پڙهي دعا گهرن ته رب پاڪ بابا سائين کي جنت الفردوس عطا ڪري ۽ سندس درجا بلند ڪري ........آمين ۔۔۔۔۔ ساڳي وقت دعا ڪيو ته رب پاڪ مونکي حوصلو ۽ صبر ڏي ته جيئن مان پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان نڀايان ۽ بابا جي دوستن، مٽن مائٽن سان گڏ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن، دوستن ، يارن ۽ سنگتين سان نڀائي سگهان۔