شاه سائين جي سُر يمن مان ڪجه بيت اوهانجي نظر حَبيبُ تُون، طبيِب تُون، تُون دَردَ جِي دَوا جانبَ مُنهنجي جِيءَ ۾ ، آزارَ جا اَنوا صاحَبَ ! ڏئين شِفا ، ميان! مَرِيضَنِ کي۔ حَبيبُ تُون،طبيِب تُون،تون دارُون کي دَردَنِ تون ڏيِين،تون لاهِيين، ڏاتَرَ! کي ڏکندَنِ تَڏِ ڦڪُيون فَرقُ ڪَن،جَڏِ آمُرُ ڪَرِين اُنِ کي۔ ڪوٺي ڪُهي سُپرين، ڪوٺي ڪُهَڻ ساڻُ نيزي هيٺان نِيهً جي، پاسي ڪَرِمَ پاڻُ ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ ،عاشِقَ اَجَلَ سا مُهُون، پاٻوهي هيڪارَ،مون کي پُڇئو سَڄَڻين "اَلَستُ برَبکُم" ، چَيَائُون جَنه وارَ سَندِي سُوَرَ ڪِنارَ، تَڻَ تَڏهانڪَون نه لَهي۔ سِرَ جُدا ، ڌَڙَ ڌارَ ،دوڳَ جَني جا ديڳ ۾ سي مَرُڪنِ پَچارَ ،هَڪياَ جَنِ جي هَٿَ ۾ رڳُون ٿِيون رَبابُ ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَهِين لُڇنِ، ڪُڇَن نه ٻِئو جانبَ ري جَوابُ : سوئِي سَنڌيندُم سُپِرِين،ڪَيَس جَنه ڪَبابُ سوئِي عَين عَذَابُ ، سوئي راحتَ رُوحَ جي۔ جي پائنِ ڪانَ ڪَمانَ ۾ ته ڏجيئين سِينو ڪَهِجِ م ڪيِنُو ، مَتان دو سَنئُوَن دورِ ٿِيين پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾ ، ميان ! مار مَ مَون مُون ۾ آهين تُون ، مَتان تُنهِنجو ئي توکَي لَڳي ۔ اکَرُ پَڙه "اَلفَ " جو ، ٻئا وَرَقَ سَڀ وسار اَنَدرِ کي اُجارِ ،پَنا پَڙهنَدين ڪيتَيرا۔۔۔ سُر يمن معنئ ۽ مقصد جي لحاظ سان، سُر 'يمن ' ۽ سُر 'ڪلياڻ ' ٻئي هڪ ٻئي سان جوڙ جٽُ آهن،ٻئي مجموعي طور سان، خاص انهيءَ نگاه کان 'معنوي سر' آهن جو ٻنهي ۾ ،ڪنهن عشقيه داستان يا نيم تاريخي ڳاله جي پس منظر بدران، مختلف معنائن مفهومن جهڙوڪ توحيد ، رسالت، عشق،سوز،فراق،سور،سختي،صبر،راحت ۽ لذت جي حوالي سان انسان جي اعلئ ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِترغيب ڏني وئي آهي۔ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ ،سُر ڪلياڻ ۽ سُر يمن ۾ ، شاه صاحب جن ڪن ٻين ڪردارن جي زباني بدران ڄڻ پاڻ پنهنجي زباني پنهنجي 'حال' جو اظهار ڪيو آهي۔سُر يمن گهڻي ڀاڱي سر ڪلياڻ ۾ سمايل فڪر ۽ فهم جي تصديق ۽ ان جي وڌيڪ تفسير آهي۔سر ڪلياڻ ۾ عشق جي آزمائش،محبوب طرفان سختين،۽ عاشق لاء سوز ۽ فراق جي صدمن بابت جيڪي اهڃاڻ ڏنل آهن تن جو سر يمن ۾ وڌيڪ تفصيل آهي،جنهنکي مختلف 'ماحولن' ذريعي بيان ڪيو ويو آهي۔سر يمين جي پهرين ۽ ٻئي داستان جو مکيه موضوع 'درد' آهي جيڪو انسان جي وجود ۽ نُمود جي هڪ بنيادي حقيقت آهي۔انسان جي درد واري ڪفيت ازلي آهي،ڇاڪاڻ جو سندس روح فراق واري حالت ۾ آهي۔مڪمل طور صحتمند ٿيڻ ۽ اعلئ مقام تي پهچڻ لاءِ اول اهو ضروري آهي ته درد ۽ سور جو احساس پيدا ٿئي۔داستان ٽئين ۾،عشق ۾ آزمائش ۽ محبوب جي عاشق تي سختي جو ذڪر آهي،جنهن جي ابتدا سر ڪلياڻ ۾ ٿيل آهي۔عاشق کي نه رڳو اها سختي صبر سان سهڻي آهي،پر کيس پاڻ ۾ بي انتها محبت واري اها نفسياتي ڪفيت پيدا ڪرڻي آهي جو هو سور سختي کي فرحت ۽ راحت سمجهي۔داستان چوٿين ۾ سوز ۽ فراق واري سختي جو وڌيڪ تفسير آهي: سڪ جو سلسلو ۽ محبت جو معاملو باه جي ٻرندڙ مچ مثال آهي،جنهن ۾ جڏهن عاشق کامندو تڏهن کَٽندو۔سر ڪلياڻ جي داستان چوٿين ۾ ان محٻت واري مچ جو ذڪر آهي جنهن ۾ سچا عاشق(پتنگ) پنهنجو پاڻ اچي سٽين ٿا۔هن داستان ۾ ان محبت جي مچ کي آڳڙين ۽ لوهارن جو کورو ڪري ڄاڻايل آهي،جنهن ۾ عاشق کي جلڻو ۽ پچڻو آهي ته جيئن سندس ڪٽ لهي صاف ٿئي ۽ هو محبوب سان ملڻ جهڙو ٿئي۔داستان پنجين ۾ علم جي بنيادي توڙي آخري مقصد جي وضاحت ٿيل آهي۔سر ڪلياڻ جي پهرين داستان ۾ اهو سبق سمجهايل آهي ته انسان ڪل ڪائنات جي خالق "هڪ الله" پروردگار کي ايمان ۽ عقيدي طور مڃي ته جئن هو انسان ذات سميت ڪُل ڪائنات جي وحدت جي حقيقت کي سمجهي سگهي۔سر يمن جي هن داستان ۾ اهڙي تعليم ۽ تربيت جي ترغيب ڏنل آهي جنهن مان انسان علم جي روشني ۾ ،ڪل ڪائنات جي خالق ۾ پنهنجو يقين پختو ڪري ته جيئن هو ٻئي غلامي ۽ محتاجي کان بچي ۽ صحيح معنئ ۾ آزاد ٿئي۔داستان ڇهين ۾ محبت جي ميخاني ۾ ميخواري ۽ مخموري جا اهڃاڻ ڏنل آهن۔شآه صاحب جن جي فڪر مطابق'نيهن جي نشي' جا خاص الخاص رخ ٻه آهن: هڪ محبوب طرفان ڏاڍائي ۽ سختي واري آزمايش ۾ صبر ۽ ان سان گڏ سوز ۽ فراق ۾ درد جي لذت،ٻيو محبوب طرفان ٻاجھ ۽ مهر ۾ راحت(جيڪا پڻ آزمايش آهي جو سندس قرب مان ڪوٺڻ ڄڻ عاشق کي ڪهڻ برابر آهي ۽ ساقي ٿي کيس جام ڏيڻ ڄڻ ڪڙي قاتل زهر پيارڻ ۽ مارڻ برابر آهي)جيڪڏهن عاشق کي محبوب هٿان پيالو پيڻ ۽ سڪ جي سرڪي جي لذت وٺڻي آهي ته ان جي عيوض ۾ کيس سر ڏيڻو پوندو۔ جيئن ته لطيف سائين جي عرس مبارڪ جو سلسلو ڀٽ تي شروع ٿئي ويو آهي۔انڪري اسان شاه صاحب جي ٻئي سر نالي يمن جي تشريح هتي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن محترم ميمبرس ان مان مستفيد ٿئي ڪري ۔شاه صاحب جي بيتين جي روح کي سمجهي ان ۾ لڪل اصلي پيغام کان واقف ٿئي ان کي تمام گهڻو ساهرائين۔توهان جي ڪمينٽس جو انتظار رهندو۔
جواب: سَر يمن "شاه عبدالطيف ڀٽائي رح" محترم ميمڻ صاحب ۔شاه عبدالطيف ڀٽائي جي سر يمن مان اوهان جا چونڍيل بيت جيڪي هن فورم تي توهان موڪليا آهن۔پڙهي اسان کي ڏاڍا پسند آيا۔سر يمن جي توهانجي ٻڌايل تشريح لاجواب آهي۔ان تشريح کي پڙهي شعر جو اصل مطلب ۽ ڪنهن حالت ۾ اهو شاه صاحب جن چيو هئو سمجه ۾ اچي ٿو۔شاه عبدالطيف جهڙا شاعر ۽ پاڪيزا شخصيتون سالن ۾ پيدا ٿينديون آهن۔شاه صاحب جي سڄي شاعري انمول آهي۔توهان جون محنتون ان طرف ڏاڍيون سٺيون آهن۔ان کي جاري رکندا۔