• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 268 هين عرس مبارڪ تي ڀيٽا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
bfupf.jpg


سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران دنيا جي سڀ کان وڏي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 268هين عرس جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔
 
جواب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 268 هين عرس مبارڪ تي ڀيٽا

سهڻا دوست سليمان ۔۔۔ لطيف کي ڀيٽا ڏيندي لفظ کٽي ٿا وڃن۔ ڇاڪاڻ جنهن رهبر سنڌي ٻوليءَ کي اهڙي ته جوت بخشي آهي جو هيءَ ٻولي تاقيامت روشن ٿي وئي آهي ۔۔۔ هاڻ اهڙا ڪهڙا لفظ آهن جيڪي لطيف کي ڀيٽا ڏيڻ ۾ پورا لهن ۔۔۔؟؟؟

لطيف سرڪار پاڻ وڃائي هن لهڻ جو ڪامل نظريو ڏنو آهي، هاڻ اسان جهڙو سيکڙاٽ ان فڪر ۽ نظرئي کي ڪهڙي ڀيٽا ڏي ۔۔۔!!!!

رب العالمين جا لک شڪرانا جو هُنَ اهڙو سهڻو انسان هِنَ قوم کي بخشيو، جنهن پنهنجي علم ۽ ٻوليءَ جي وسعت سان سنڌي قوم ۽ ٻوليءَ کي هميشه لئه زنده ڪري ويو آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت سميت سموريءَ سنڌ کي لطيف سرڪار جي پيغام جي موجودگيءَ جون واڌايون ۔۔۔ لطيف سرڪار جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ جون مبارڪون هجن ۔۔۔

آءُ سهڻي لطيف کي سندس جو سمورو رسالو ڀيٽ ڪريان ٿو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top