جواب: سنڌ سلامت جي سپر ايڊيٽر فقير وحيد ڦلپوٽو کي جنم ڏينهن جون واڌايون
سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران اسان جي فورم جي سپر ايڊيٽر ، سهڻي دوست ۽ محنتي ساٿي لوڪل فقير عبدالوحيد ڦلپوٽو کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔
فقير ڦلپوٽو اڄڪلهه صحافت سان وابسته آهي ۽ اميد ته سندس ڏاهپ ڀريا ليک يا واري روايتي صحافين واريون سسپنس سان ڀريل رپورٽون ۽ خبرون ضرور پڙهڻ لاء ملنديون رهنديون۔ دعا آهي ته اسان جو هي سهڻو ۽ سدا ملوڪ دوست خوش رهي ۽ زندگيء جون انيڪ بهارون مسڪرائيندي ملهائي۔
سڀ کان پهريائين ته مان ٿورائتو آهيان سائين سليمان وساڻ صاحب جن جو جنهن کي مون فقير جي سالگره نه صرف مبارڪ ڏني پر مون کي پڻ ياد ڏياريو ته اڄ مون جي سالگره آهي سائين سليمان وساڻ صاحب جن جو ٿورائتو آهيان ۽ سليمان وساڻ صاحب جون مبارڪون اکين تي ۔
سدائين گڏ
ڪي ڪي ماڻهون موتي داڻا ۔۔۔
سنڌ سلامت جي خوشنصيبي جو کيس ڄمندي ئي اهڙا ته پالڻهار ملي ويا جو الحمد الله هاڻ سنڌ سلامت مواد سان ڀريل ۽ هزارين سنڌي هن سنڌ دوست ويب سائيٽ جو ڀيرو ڪن ٿا ۽ پنهنجا ليک پڻ ونڊ ڪنٿا ۔۔۔ اها سڄي ساري محنت اسانجي دوستن جي آهي جن ۾ فقير ڦلپوٽو، جنهن کي پيار ۾ دوست ” لوڪل فقير“ پڻ چون ٿا شامل آهي ....
فقير ڦلپوٽي سنڌ سلامت جي سکيا، ڪمپيوٽر جي ڄان ۽ انٽرنيٽ جي معلومات ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۔۔۔ دوستن جي لکڻين تي پنهنجا مختصر پر جامع تبصرا ۽ کل ڀوڳ سان ڀريل رايا، اسانکي پڻ اهو اتنظار رهندو آهي ته اسانجي لکڻين تي فقير جي نظر ڪڏهن ٿي پوي ۔۔۔
حاصل مطلب ته نماڻو، سهڻو ۽ پيارو دوست عبدالوحيد ڦلپوٽو ( فقير) اسانجي ساهن ۾ سمايل آهي ۽ دعا آهي ته هو پنهنجي ٻچڙن سميت هميشه جڙيل ۽ آباد هجي ۽ ڪاميابي جون ڏاڪڻيون چڙهندو رهي ۔۔۔ آمين
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سائين ابڙا صاحب توهان جون مبارڪون به اکين تي
اصل ۾ جيڪي پاڻ سهڻا ۽ مۡخلص ماڻهو هوندا اهن انهن کي پڻ هر ڪو سهڻو ۽ مۡخلص لڳندو آهي
اها ته مون جي ۡخوشنصيبي آهي جو مون کي توهان جهڙا مۡخلص دوست مليا آهن
مبارڪون ڏيڻ لا۽ قرب سائين
سدائين گڏ
فقير کي جني ڏينهن تي لک لک واڌايون
توهان جي به وڏي مهرباني ادا
سدا خوش هجو
سدايئن گڏ
ڄمڻ جي ڏينهن تي واڌيون ڏيون ٿا الله ڪري ڊگهي زندگي لا دعا گوه آهيون
آمين ادا
توهان جي به وڏي مهرباني ادا
سدا خوش هجو
سدايئن گڏ
ادا اسان جي طرفان به فلپوٽو فقير کي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون ڏجن ٿيون ۔۔۔۔۔
توهان جي به وڏي مهرباني ادا
سدا خوش هجو
سدايئن گڏ
ادا وحيد ڦلپوٽو المشهور ڦلپوٽو فقير هن اڳڻ جي انهن ميزبانن مان آهن جيڪي هر نئين توڙي پراڻي ميمبر جي ڪمپيوٽر جي فليڊ ۾ مدد ڪرڻ کي پنهنجو نصيب العين بنائي ڇڏيو آهي۔اسان کي اهو چوڻ ۾ ڪڏهن به عار محسوس نه ٿيندو ته سنڌي ۾ هن محبتي اڳڻ تي ليک ڪيئن ليکجي اسان کي فقير صاحب جن سکاريو۔سائين توهانجون مهربانيون۔جڏهن به فقير صاحب سان اسانجي ٽيلفون تي ڳاله ٻوله ٿيندي آهي ته هميشه هن فورم کي بهتر کان بهتر بن ڪيئن بنائجي ته تمام گهڻو ڌيان ڏياريندا آهن۔
ادا سائين۔اسان پنهنجي دل جي گهرائين سان اوهان کي اوهان جي زندگي جي نئين سال جي مبارڪ ٿا ڏيون۔الله پاڪ شل اوهان کي ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاري،توهانجون هر خواهشون جيڪي پٺين سال ۾ حقيقت جو رنگ نه ورتو،هن سال ۾ پوريون ٿين۔الله سائين توهان کي سٺي نوڪري عطا فرمائي۔آمين۔هميشه خوش رهو۔
ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بو۽ بهار جي
سائين ميمڻ صاحب جن پڻ اهڙن ماڻهن منجهان آهن
سائين توهان مون جي ڏنل سبقن مان ڪجه سکيو اها ئي ڳالهه مون جي ڪوشش رهي آهي ته جيئن دوست وڌ کان وڌ انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي کي پکيڙي سگهن ۔
مان توهان جو پڻ ٿورائتو آهيان جو توهان پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي ڪري مون حقير جي لا۽ ڪجهه لکيو مان اهو سمجهان ٿو ته توهان جي اهي مٿيان لفظ مون لا۽ ڪنهن بيش بها خزاني کان گهٽ نه اهن
وڏي مهرباني سائين
فقير سائين کي جنم ڏينھن جون لک لک مبارڪون
توهان جي به وڏي مهرباني ادا
سدا خوش هجو
سدايئن گڏ