ڀنڀور ڀانيان باه لڳي ، نه اوء نه آئون، ستل ڇڏيائون سيج تي ، نسورو نيائون، ورِ پنهل پانهون ، هت هيڪليء هانءُ ڏري۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔شاڪرالرحمان لنجو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ڏُکي شآعري سائين ذوالفقار علي لنجو جي۔۔۔۔۔۔۔۔ سمجهاڻي ٻڌايو دوست شاڪر الرحمان لنجو ! اوهان لڳي ٿو ته اسانجو امتحان ٿا وٺو، هون اصول اهو آهي ته هر دوست ڪو بيت پيش ڪندو آهي ته انجي معني يا مطلب به پيش ڪندو آهي پر اوهان مٿئين بيت کي پيش ڪندي سنڌ سلامت جي دوستن کي معني يا مطلب ٻڌائڻ لئه چيو آهي ۔۔۔ آ هي پنهنجي سمجهه آهر هن بيت جي معني يا مطلب ٻڌايان ٿو، ضروري ناهي ته آ سهي هجان، ڇاڪاڻ ته بيت چوڻ واري ممڪن ڪنهن ٻي فڪر طرف رخ ڪيو هجي ۽ ممڪن منهنجو رخ ڪنهن ٻي پاسي هجي ۔۔۔ خئير حاضر آهي، حال پريان نال ۔۔۔ ڀنڀور ڀانيان باه لڳي ، نه اوء نه آئون، ستل ڇڏيائون سيج تي ، نسورو نيائون، ورِ پنهل پانهون ، هت هيڪليء هانءُ ڏري۔ هن بيت جي ڪجهه لفظن جي معني ۽ مطلب ڀانيان ؛سمجهڻ. تخمينو يا اندازو لڳائڻ. اوء ؛ اهي نسورو ؛ نج يا خالص پانهون ؛ پسارڪي وکر جو هڪ قسم (سُرهو گاهه جو جبل ۽ وارياسي زمين ۾ ٿئي، ٽاريون ۽ پن کهرا ٿين). هن بيت ۾ سسئي پنهنجي حال جو اظهار ڪجهه هن طرح سان ڪري ٿي ... “لڳي ٿو ته ڀنڀور ۾ باهه لڳي آهي، نه اهي (سسئيءَ جا ڏير پنهل سميت) موجود آهن ۽ نه آئون ئي اتي آهيان. مونکي سيج تي اڪيلو ستل ڇڏي هليا ويا ۽ صرف هُنَ (پنهل) کي وٺي هليا ويا. منهنجا مڙس، گلن جي خوشبوءَ جهڙا پنهل، موٽي اچ، هِتِ منهنجو اڪيلائيءَ ۾ حيانءُ ٿو ڦاٽي ....”
جواب: ڏُکي شآعري سائين ذوالفقار علي لنجو جي۔۔۔۔۔۔۔۔ سمجهاڻي ٻڌايو ڪالھ جي هتي هيا سي اڄ ناهن نه هورهيا آهن نه آءُ رهي آهيان ۔ هڪ درويش قبرن جي ڀر ۾ ويهي انهن کي مخاطب ڪري رهيو هو ته زندگي ۾ اوهان ذات پات رنگ و نسل جو امتياز رکندا هيو اهو امتياز اوهان جو ڪاڏي هليو ويو آهي اڄ اوهان هڪ ٻئي جي ايترا قريب آهيو پر پوءِ به ايڏي تنهائي آهي اوهان وٽ ۔ ڪالھ جي ڪوٌٺين ۾ رهندا ها سي اڄ بيابان ۾ تنها پيا آهن ۔ هاڻي جو ٻاروچو جي ڪرم ڪري ته واه نه ته منهنجو ته هن بيابان ۾ هانءُ ٿو ڦاٽي ۔ سائين اسان جي خيال ۾ هن شعر جو هي باطني مفهوم به ٿي سگهي ۔ وسلام
جواب: ڏُکي شآعري سائين ذوالفقار علي لنجو جي۔۔۔۔۔۔۔۔ سمجهاڻي ٻڌايو ادا نثار جي ڳالهه ۾ وزن آهي۔ شاعر ڪڏنهن لفظي معنئ تحت هلندو آهي ۽ ڪڏنهن ظاهري معنئ ڪجهه ٻي پر حقيقت ۾ ڪو ڳجهو نياپو (زو معنئ) هجي ٿو۔ جيئن ڀٽائي جي شاعري کي اسلام سان ڳنڍيو وڃي ٿو۔ والله عالم۔ حقيقت ڇا آهي پر اهڙي موقعي تي مون کي سدائين هڪ دلچسپ لطيفو ياد ايندو آهي جنهن لاءِ شاعر طور علامه اقبال جو نالو ٻُڌائين ٿا پر مون کي پڪ ناهي ته اهو علامه اقبال چيو هو۔ بهرحال هڪ شاعر ۽ انهي جي تعريف ڪندڙ جو قصو آهي۔ هڪ شاعر جي شان ۾ نشست هئي۔ مقرر هڪ شعر تي اڌ ڪلاڪ ڳالهائي شعر جون الائي ڪيتريون سمجهاڻيون ۽ ذو معنائون سمجهائي اسٽيج تان هيٺ آيو ته شاعر ٺهه پهه چيس ته يار اهي سڀ خيال تو کي ڪٿان آيا؟ مون ته اهڙو ڪجهه به نه سوچيو هو۔ منهنجي شعر جو مطلب اهو ئي آهي جيڪو ظاهري طور لفظن ۾ نظر اچي ٿو۔ سو هاڻ هڪ لنجو ٻي لنجو جي شاعري جو مطب ڄاڻڻ چاهي ٿو سو ته صحيح آهي پر اسان به ڪٿي گهڻو ئي اڳتي نه نڪري وڃون۔ تنهنڪري نثار صاحب واري معنئ تي اڪتفا ڪندي بس ڪجي ته بهتر۔ نه ته ذولفقار لنجو کي معذرت ڪندي مطلب ڪڍجي ته هي به ٿي سگهي ٿو۔ شاعر هن شعر ۾ وڏي ڳوڙهي ڳالهه ڪئي آهي۔ شاعر ظاهري طور سسئي ۽ ڀنڀور جي نالي ۾ دنيا ۽ آخرت جي ڳالهه ڪئي آهي۔ شاعر جو مطلب آهي ته هي دنيا بظاهر سيج نظر اچي ٿي پر هڪ ڏينهن هو (فرشتا) پنهون (دنياوي سک عيش ۽ آرام) کڻي هليا ويندا ۽ ڀنڀور ۾ اڪيلي (قبر ۾ ) هيانءُ پيو ڦاٽندو۔سو اي پنهل پانهون (نيڪي ۽ سٺا عمل) مون ڏي جلدي اچ ته ڇوٽڪارو ٿئي۔