سنڌي ڪتاب دنيا سڀ درياهه جي مهورت (ڪتاب جو ليکڪ حفيظ ڏيرو)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    نامياري ليکڪ حفيظ ڏيرو جي ڪتاب ”دنيا سڀ درياهه“ جي مهورت سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد ۾ ٿِي گُذري..​


    هن مهورت واري تقريب جي صدارت سنڌ جي مشهور ليکڪ محترم غلام نبي مغل ڪئي. جڏهن ته خاص مهمانن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين محترم ڊاڪٽر قادر منگسي، سنڌ جو ڏاهو محترم امان الله شيخ، ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي تخليق ڪاره آپا، مهرالنساءِ لاڙڪ، مشهور شخصيت، شفيع محمد چانڊيو، محترم رسول بخش درس، سنڌي ادبي سنگت
    حيدرآباد جو سيڪريٽري امين لاکو هُئا.​


    رپورٽ: نثاراحمدناز، تصويرون عبدالغفور سمون ۽ نثارناز.​


    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ فيس بُڪ جا دوستو ڪافي ڏينهن کان پوءِ سنڌ جي خوبصورت هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ محترم حفيظ ڏيري جي ڪتاب ”دنيا سڀ درياهه“ جي مهورت واري خالص ادبي تقريب ۾ سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان شرڪت جي دعوت ملي، سو هن خوبصورت ادبي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ جو پنهنجي لاءِ هڪ اعزاز سمجهي ٻه ڏينهن پهرين فيصلو ڪري ڇڏيو هُئم. مهورت جي هن تقريب جو ڏينهن به ڀاڳن ڀريو جمع وارو هو تاريخ 6 جنوري 2012 ۽ ٽائيم ڏينهن جو ٻين وڳي جو هو، سو پنهنجي شهر ٽنڊو محمد خان کان حيدرآباد اچي ان مهورت واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزار کان علاوه آساني سان اچي ان تقريب کي سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ واسطي ڪور ڪري وري واپس پنهنجي ماڳ ٽنڊو محمد خان وڃڻ هو، دوستو ڪافي ڏينهن کان منهنجي صحت ، بُگڙيل هُئي، شوگر ، بلڊ پريشر، ڪولسٽرول جي ليول وڌي وڃڻ جي ڪري ڪنهن به تقريب ۾ شريڪ ٿي ان جو اکين ڏٺو احوال ، وري ان تقريب جو تصويري احوال ۽ وڊيو رپورٽ ترتيب ڏيئي اپ لوڊ ڪري توهان دوستن سان ونڊڻ وارو ٿڪائيندڙ ڪم سچ پُڇو ته هاڻي مونکان پهچي به ڪونه ٿو، کي گهر وارا به شدت سان روڪيندا آهن سفر ڪرڻ کان ، ڪمپيوٽر يوز ڪرڻ کان انٽر نيٽ تي ويهڻ کان ، پر منهنجا محبتي دوست پيار مان صرف سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان مونکي دعوت ڏين ٿا سو منهنجي لاءِ اهو ممڪن ئي ڪونهي جو آئون کين انڪار ڪريان، دوستو زندگي ته الائي ڪيتري آهي، خبر ناهي ڪڏهن هن دنيا مان لاڏاڻو ٿي وڃي ساري عمر پيار ورهايو اٿم، سو لاکيڻي لطيف جي لازوال چواڻين مطابق ته :[/JUSTIFY]

    تَتِي ٿڌي، ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿئي اونده پير نه لهين پرينءَ جو.

    ڏُور َ مَ تون ڏوريج صبر ڪر مَ سسئي،
    پُرڻ ڇَڏِ پيرن سين ،وِهَڻُ وِساريج،
    سُکن جا سيد چئي، لاڳاپا لاهيج،
    هِنئين ساڻ ُ هليج، ته پَنڌُ پاسي ڀر نِبري.

    هلندي هوت پنهون ڏي ڀَئو مڙئي ڀيل،
    اُٿِي رائو ريل، ويٺن تان وارِي وري..​


    [JUSTIFY]سو گهران ڏينهن جو هڪ وڳي ماسات سڳوري کان ڪجهه روڪ رقم وٺي پنهنجي 6.5 ميگا ڊجيٽل ڪئميرا، ڪيئمرا جا ٻه جي بي وارا ڪارڊ ۽ ڪئيمرا ۾ استعمال ٿيندڙ چار بيٽري سيل کڻي چيڪ ڪري هن تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ حيدرآباد وڃڻ لاءِ اُسهيس، جيئن ته دوستن کي خبر هُوندي ته منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان کان حيدرآباد صرف 35 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي جيڪڏهن پنهنجي گاڏي آهي ته اڌ ڪلاڪ پنجٽيهه منٽن ۾ آرام سان حيدرآباد ۾ پهچي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ڪوسٽر يا وين ۾ حيدرآباد وڃبو ته زياده ۾ زياده هڪ ڪلاڪ ۾ حيدرآباد پهچي سگهبو، سو آئون مولائي مڙس پنهنجي گاڏي ته آهي ئي ڪونه سدائين مُلاڪاتيار کان حيدرآباد وڃڻ واري ڪوسٽر ۾ ويهندو آهيان ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ بدين بس اسٽاپ حيدرآباد پهچي ويندو آهيان ، سو هڪ ڪلاڪ ۾ حيدرآباد پهچي پنهنجي موبائل تان سنڌ سلامت جي فوٽو گرافر عبدالغفور سمون کي ڪال ڪيم، ته هو ڪٿي آهي، ادا عبدالغفور سمون به اڄڪلهه پنهنجي وڏي ڀاءُ جي وفات جي ڪري ڪافي ڏينهن کان رابطي ۾ ڪونه هو، پر منهنجي موبائل ڪال هُن اٽينڊ ڪئي پڇومانس ته ادا ڪٿي آهين هُن چيو ته سائين حيدرآباد آهيان ، مون پڇيومانس ته مصروف ته ڪونه آهين ، جواب ڏنائين ته نه سائين کيس حفيظ ڏيري جي ڪتاب جي مهورت جي ڪوريج جو چيم، پاڻ چيائين ته ها سائين مان هلندس، مونکي حيدرآباد شهر جي غريب نواز پُل تي اچڻ جو چيائين ،بدين بس اسٽاپ حيدرآباد کان فور سيٽر عوامي سواري تي ويهبو ته پنجن روپين جي عيوض ڏهن منٽن ۾ غريب نواز پُل جي پوئين ڀر گاڏي کاتي پهچي وڃبو، مونکي خبر نه ٿِي پوي ته هن عوامي سواري جو نالو ”فور سيٽر“ ڇو پيو آهي، حالانڪه هن کر کر ڪندڙ فٽ فٽي ۾ ڊرائيور سميت ڏهه ماڻهو ويهندا آهن....!، خير ڏهه منٽن ۾ آئون حيدرآباد شهر جي مشهور ۽ تاريخي غريب نواز پُل جي سبزي منڊي واري پاسي کان پوئين ڀر گاڏي کاتي واري پاسي ۾ پهچي ويس، عبدالغفور سمون پنهنجي هُنڊا موٽر سائيڪل تي منتظر هو، دعا سلام کان پوءِ عبدالغفور سمون سنڌ سلامت سان شڪايت ڪندي چيو ته سائين منهنجي وڏي ڀاءُ جي وفات جو سنڌ سلامت وارن پاران ڪو ڪنڊولنس جو اظهار ڪونه ڪيو ويو، حالانڪه عبدالغفور سمون جون سنڌ سلامت واسطي اعزازي طور ڪافي ساري جاکوڙ ۽ ڪاوشون ڪنهن به سنڌ سلامت جي دوست کان ڳُجهيون ڪونه آهن ، مون کيس چيو ته ادا مون سنڌ سلامت جي منتظم اعلى محترم عبدالرشيد کي فيس بُڪ جي پي ايم ذريعي تُنهنجي ڀاءُ جي وفات جي خبر تفصيل سان ڏني هُئي، پر پوءِ خبر ناهي ڇو، تو سان تنهنجي ڀاءُ جي وڇوڙي جو ڪنڊولنس نه ڪيو ويو............ خير وري مون عبدالغفور سمون سان ٻيهر سنڌ سلامت پاران سندس مرحوم ڀاءُ لاءِ تعزيت جو اظهار ڪيو، عبدالغفور سمون کي چيم ته حفيظ ڏيري جي ڪتاب جي مهورت ڏينهن جي 2 وڳي جي آهي هينئر ڏينهن جا ٽي ٿي رهيا آهن ، هُن چيو ته سائين پاڪستان آهي ٻه وڳي واري تقريب ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي تيستائين مون توهان جي باري ۾ سنڌ سلامت جي ميمبر محترم امين سمون کي ٻُڌائي ڇڏيو آهي سو لطيف آباد چار نمبر هلون ٿا اتي محمد امين سمون توهان جي مانجهاندي جو انتطام ڪيو آهي ، اڙي غفور تون به درويش آهين سو عبدالغفور سمون مڪي شاهه روڊ تان پنهنجي موٽر سائيڪل ڊوڙائندي پوڻين ستي نمبر وارو ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪري لطيف آباد ٻه نمبر کان ٿيندو اچي امين سمي جي رهائش گاهه تي پهتاسين ، امين سمون اسان جو منتظر هو، وڌي اچي اسان سان ڀاڪرين پيو، کيس چيم ته يار اسان جي ماني جو انتظام ڇو ڪيئي ، چوڻ لڳو ته سائين ماني مولا جي آهي اتي ماني تيار هُئي ماني کاڌيسين ، گڏو گڏ سنڌ سلامت جو به ذڪر ٿيڻ لڳو، امين سمون کي گُذارش ڪيم ته ادا امين اڄوڪي ڪتاب واري تقريب ۾ تون به هلين ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي، ايڪ سي ڀلي دو، دوسي ڀلي تين ٿِي پونداسين. امين سمون خوش ٿي چيو ته سائين ضرور هلبو، تقريبن هڪ ڪلاڪ کانپوءِ عبدالغفور سمون جي موٽر سائيڪل تي ٽيل سوار ٿي سنڌي لينگويج اٿارٽي واري آڊيٽوريم ڏانهن رُخ رکيوسين جتي ڪتاب جي مهورت ٿِي رهي هُئي، ڏهن منٽن ۾ اسان سنڌي لينگويج اٿارٽي واري عمارت جي دروازي اندر پهچي وياسين، اسان موٽر سائيڪل کي هڪڙي پاسي بيهاري سنڌي لينگويج اٿارٽي واري آڊيٽوريم جي مين گيٽ طرف وڌاياسين ته اتي هڪڙي وڏي ڊبل ڪيبن واري گاڏي اچي بيٺي دروازو کُليو ته ان مان ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين محترم ڊاڪٽر قادر منگسي لهي رهيو هو، جيئن ته اسان دروازي تي هُئاسين سو وڌي اچي ڊاڪٽر قادر منگسي جو آڌر ڀاءُ ڪيوسين ، ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب سان هٿ ملايوسين ڊاڪٽر قادر مگسي منهنجو نالو وٺي چيو ته ڪهڙو حال آهي ناز صاحب، خوش آهيو، مون سندس ٿورا مڃيندي چيو ته سائين الله جو شڪر آهي ، اهڙي ريت محترم ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي گارڊن سميت آڊيٽوريم جي حال ۾ اندر داخل ٿِي ويو عبدالغفور سمون ۽ امين سمون حيران ٿِي ويا، ۽ مونکي چوڻ لڳا ته سائين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي توهان جو نالو وٺي توهان سان مخاطب ٿيو ، مون چيو ته ها، سائين جا ٿورا آهن جو هو مونکي سُڃاڻي ٿو، اسان به حال ۾ داخل ٿياسين، جن دوستن مونکي انهي ڪتاب جي مهورت واري تقريب جي دعوت ڏني هُئي ، انهن وڌي اچي اسان جو استقبال ڪيو، سمورو هال ماڻهن سان ڀريو پيو هو، مهورت واري تقريب شروع ٿي چُڪي هُئي، ان وقت مشهور سنڌي ڪتابن جي ڇپائڻ واري ادار ناز ڪتاب گهر جو روح روان محترم ناز سنائي ڪتاب جي باري ۾ پنهنجي ويچار ونڊي رهيو هو، جيئن ته مونکي جيڪو مهورت جي تقريب جو دعوت نامون مليو هو ان ۾ لکيل هو ته هي ڪتاب مشهور سنڌي لوڪ فنڪار امر ڀڳت ڪنور رام شهيد جي ساروڻين جي باري ۾ آهي، سو ناز سنائي به امر ڀڳت ڪنور رام جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هو، هن چيو ته ڀڳت ڪنور رام اسان جي سنڌ جو هيرو آهي، ڪنور ڀڳت رام مذهبي مت ڀيد کان مٿاهون هو، هن کي جن ظالمن شهيد ڪيو سي به ڪڏهن سُک ڪونه سُتا. حفيظ ڏيري پنهنجي ڪتاب دنيا سڀ درياه ۾ شهيد امر ڀڳت ڪنور رام جون ساروڻيون سهيڙي هڪڙو سنڌ دوستي جو ثبوت ڏنو آهي، ان کان پوءِ هن مهورت واري تقريب جي ڪاروائي هلائيندڙ محترم علي اظهار اهو اعلان ڪيو ته جيئن ته ڪتاب جي مهورت ٿوري دير پهرين ٿي چُڪي آهي پر سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سرواڻ محترم ڊاڪٽر قادر منگسي هينئر پهتو آهي جيڪو مهمان خاص پڻ آهي سو ڊاڪٽر قادر مگسي کي اسٽيج تي مهمان خاص جي سيٽ تي ويهڻ جي نينڊ ڏيندي چيو ته ڪتاب دنيا سڀ درياهه جي مهورت جي ري پلي تقريب دوباره ڊاڪٽر قادر منگسي جي ڪري ڪيون ٿا ۽ ڊاڪٽر قادر منگسي صاحب ۽ اسٽيج تي ويٺل تقريب جي صدر محترم غلام نبي مُغل سميت سڀني خاص مهمانن پنهنجي هٿن ۾ ڪتاب دنيا دريا شاهه کڻي ڪتاب جي مهورت ڪئي. ته هن تقريب ۾ شريڪ ٿيل سڀني حاضرين دل کولي تاڙيو ن وڄائي پنهنجي پسندديگيءَ جو اظهار ڪيو، ان کان پوءِ هن ڪتاب تي ڳالهائيڻ لاءِ محترما نظير قريشي کي نينڊ ڏني وئي ، جنهن پنهنجي مختصر پر جامع تقرير ۾ ڪنور ڀڳت رام کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اچو ته پاڻ ڪنور ڀڳت رام جو فلسفو عام ڪري انسانيت جي خدمت ڪريون، ڀڳت ڪنور رام محبتن جو امين هو، سخاوت جو ڀنڊار هو، حفيظ ڏيري پنهنجو ڪتاب ڀڳت ڪنور رام سان منسوب ڪري سنڌي جي هيروز جو مان مٿاهون ڪيو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي مشهور ادبي شخصيت محترم پروانو ڀٽي، خطاب ڪندي چيو ته موجوده وقت سنڌي ڪتابن جو وقت آهي ڪو وقت هوندو هو جو اسان جا سنڌي ڪتاب تمام گهٽ پڙهندا هُئا پر هاڻي انهن ۾ سُجاڳي اچي چُڪي آهي، هو باقائده سنڌي ڪتاب پڙهن به ٿا ۽ خريد به ڪن ٿا، هن ڪنور ڀڳت جي سخا جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪنور ڀڳت جڏهن پنهنجا سُر وکيريندو هو ته ڪائنات مدهوش ٿي جهومڻ لڳندي هُئي، حفيظ ڏيري جي ڪتاب دنيا سڀ درياهه جي باري ۾ چيو ته حفيظ ڏيري سنڌ جي سخي ڪردار ڀڳت ڪنور رام جي شخصيت کي اجاگر ڪري سنڌي سپوت پُٽ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي فن موسيقي سان تعلق رکندڙ استاد فتح علي خان چيو ته مونکي پنهنجي وڏڙن فن موسيقيءَ جي استادن کان خبر پئي ته ڪنور ڀڳت هميشه مٿين سُرن ۾ ڳائيندو هو ۽ مڃتا عيوض ڀڳت ڪنور رام کي جيڪو دان ملندو هو، سو غريبن محتاجن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، سندس دل درياهه هوندي هُئي. محفل کي اڳيان وڌائيندي سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي سيڪريٽري امين لاکو کي گهرايو ويو، جنهن تقرير ڪندي چيو ته ڀڳت ڪنور رام اسان جي سنڌي سماج جو هڪڙو سخي ڪردار آهي، لطيف سائين جي دور۾ جيڪڏهن هي سخي ڪردار هُجي ها، يقينن لطيف سائين پنهنجي 10 سخي ڪردارن سميت ڀڳت ڪنور رام جو يارهون سخي ڪردار طور ڪري ضرور اسان سنڌ واسين کي روشناس ڪرائي ها اسان جي سنڌ سدائين انسانيت جو درس ڏنو آهن منفاقتي مذهبي مت ڀيد کان هٽي سوچيو آهي، ڀڳت ڪنور رام کي جن به شهيد ڪيو انهن سنڌ جي انهي انسانيت واري فلسفي جي توهين ڪري پهريون ڀيرو سنڌ ۾ مذهبي مت ڀيد جو بنياد وڌو ۽ پهريون ڀيرو مذهبي تنگ نظري جو بنياد وڌو.[/JUSTIFY]

    باقي ٿوري دير کان پوءِ

    پيش آهن هن خوبصورت خالص ادبي پروگرام جون ڪُجهه تصويري جهلڪيون

    [​IMG]
    سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي ، سنڌ ڏاهو محترم امان الله شيخ، سنڌ جو ناميارو ليکڪ ۽ ڏاهو محترم غلام نبي مغل، شاعري جي خوبصورت ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي ليکڪه سانئڻ مهرالنسا لاڙڪ ۽ ڪتاب دنيا سڀ درياهه جو ليکڪ سنڌ جو ڀلوڙ اديب محترم حفيظ ڏيرو صاحب ڪتاب دنيا سڀ درياهه جي مهورت ڪري رهيا آهن

    [​IMG]
    سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سنڌ مشهور ڏاهو امان الله شيخ ڪتاب دنيا سڀ درياهه ڪتاب پنهنجي هٿن ۾ کڻيو ڪتاب جي مهورت ڪري رهيا آهن

    [​IMG]
    معروف سنڌي ليکڪ محترم غلام نبي مغل ۽ شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي سرجڻهاره سانئڻ مهرالنسا لاڙڪ جي هٿن ۾ ڪتاب دنيا سڀ درياهه موجود آهي

    [​IMG]
    سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سرواڻ محترم ڊاڪٽر قادر مگسي ڪتاب جي باري ۾ مخاطب آهي

    [​IMG]
    سنڌ جو کاهوڙي ڏاهو محترم امان الله شيخ ڪتاب دنيا سڀ درياهه جي باري ۾ پنهنجي ويچار ونڊي رهيو آهي

    [​IMG]
    سنڌ مشهور ليکڪ محترم غلام نبي مغل پنهنجي صدارتي تقرير ڪندي ڪتاب دنيا سڀ درياهه ۾ شامل مضمونن جيڪي امر ڀڳت ڪنور رام شهيد جي زندگي جي باري ۾ آهن تي روشني وجهي رهيو آهي ۽ ڪتاب جي ليکڪ محترم حفيظ ڏيرو کي شاباسيون ڏيئي رهيو آهي جنهن امر ڀڳت ڪنور رام جي باري ڏينهن رات جاکوڙي اهڙو شاندار ڪتاب سنڌي قوم جي هٿن ۾ ڏيئي پنهنجي حلالي سنڌي هُئڻ جو ثبوت ڏنو۔

    [​IMG]
    ڪتاب دنيا سڀ درياهه جو ليکڪ محترم حفيظ ڏيرو ڪتاب جي باري ۾ ڪيتريون ئي يادگيريون ونڊ ڪيون۔

    [​IMG]
    ڪتابن رنگن جا اوجاڳا جي سرجڻهاره سانئڻ مهرالنسا لاڙڪ ڪتاب دنيا سڀ درياهه جي باري ۾ شاندار مقالو پڙهيو۔

    [​IMG]
    سنڌ جي جاکوڙي ۽ سنڌ جي بهترين شاعره محترما زيب نظاماڻي ڪتاب دنيا سڀ درياهه جي باري پنهنجا ويچار ونڊي رهي آهي

    [​IMG]
    آپا نظير قريشي پنهنجي مختصر مگر جامع لفظن ۾ هن ڪتاب جي ليکڪ جي محنتن کي ساراهيو ۽ سنڌ جي سخي امر ڀڳت ڪنور رام جي فن ۽ شخصيت تي ڳالهايو​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ڪتاب دنيا سڀ درياهه جي مهورت (ڪتاب جو ليکڪ حفيظ ڏيرو)

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: سنڌي ڪتاب دنيا سڀ درياهه جي مهورت (ڪتاب جو ليکڪ حفيظ ڏيرو)

    سائين نثار ناز صاحب تمام سٺي ونڊ توهان شامل ڪئي آهي۔ سائين ڪتاب ۾ گهڻو ڪجهه لکيل هوندو جيڪو اسان جهڙا خريد ڪري پڙهن ته ڇا ڇا رنگ ڀريل آهي انهي ڪتاب ۾ تنهنڪري جلد کان جلد وٺي پڙهنداسين۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ڪتاب دنيا سڀ درياهه جي مهورت (ڪتاب جو ليکڪ حفيظ ڏيرو)

    سائين نثار ناز مهربانيون جو اوهان ڪتاب دنيا سڀ درياهه جي مهورتي تقريب جو تصويرن سان گڏ تفصيلي رپورٽ جي صورت ۾ احوال اسان سڀني دوستن سان ونڊ ڪيو۔ حفيظ ڏيري صاحب کيرون لهڻيون جنهن ڀڳت ڪنور رام جي ساروڻين تي مشتمل ڪتاب لکي سڀني اڳيان آندو آهي۔

    مهربانيون عبدالغفور سمون ۽ امين سمون صاحب جون به جيڪي اوهان سان گڏ رهيا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو