جڏهن ونڊوز ايڪس پي نئين ئين رليز ٿي هئي، ته ڪافي دوستن صلاح ڏني ته ادا! توهان به ونڊوز ايڪس پي ۾ سنڌي استعمال ڪريو. پر جيئن ته ان وقت ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلن جو حل نه پيو ملي، انهيءَ ڪري ونڊوز ايڪس پي کي سنڌي ڪمپوزنگ لاءِ اپنائڻ ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪافي مونجهارا هوندا هئا، جن مان هڪڙو مونجهارو سنڌيءَ کي ڪورل ۾ منتقل ڪرڻ جو پڻ هو. جنهن جو حل ڪافي دير کان پوءِ اهو مليو، جو ونڊوز ۾ ”ليزر ماسٽر يوٽيلٽي“ مينوفيڪچرر جو پرنٽر هوندو هو، جنهن کي ايڊ ڪرڻ سان اسان جو فائل پرنٽ ٽو فائل ٿي ڪورل ڏانهن منتقل ٿيندو هو. هينئر وري ڪن دوستن جي صلاح تي ونڊوز 7 جي استعمال جي صلاح ڏني وئي آهي. جيڪو خيرخوبيءَ سان انسٽال ته ڪيو اٿم، پر هتي پڻ انهيءَ مونجهاري ۾ منجهي پيو آهيان. ڇاڪاڻ ته هتي ته مٿي ڄاڻايل مينوفيڪچرر جو پرنٽر موجود ناهي. جيڪڏهن ڪنهن دوست کي انهيءَ بابت ڪا ڄاڻ هجي ته رهنمائي فرمائي.
جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو ڇا توهان مائڪروسافٽ آفيس 2007 جي PDF or XPS يوٽيليٽي استعمال ڪري ڏٺي آهي۔۔
جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو سائين پرنٽ فائيل ٺاهڻ جي ڳالهه ٿا ڪيو شايد اگر اها ڳالهه آهي ته ڪنٽرول پينل ۾ وڃي پرنٽر جي آئي ڪن تي ڊبل ڪلڪ ڪريو ان ۾ ايڇ پي پرنٽر ڪلڪ ڪري ٻي سائيڊ مان ليزر ماسٽر کي سليڪٽ ڪري انسٽال ڪيو انسٽال وقت پرنٽ ٽو فائيل آپشن کي سليڪٽ ڪجو پرنٽر انسٽال ٿي وڃي ته پوء ورڊ فائيل مان پرنٽ ٽو فائيل جو آپشن اچي ويندو اگر اڃا به ڪا مشڪل هجي ته هي عاجز وري ڪوشش ڪندو ڇو ته مان اهو تجربو ڪري چڪو آهيان۔ دعائن ۾ ياد فرمائيندا۔
جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو مانائتا سائين! منهنجو خيال آهي ته ايڇ پي جي ڪمپني الڳ آهي ۽ ليزر ماسٽر يوٽيلٽي جي ڪمپني الڳ آهي۔ مون پنهنجي ونڊوز ۾ ايڇ پي جي مينوفيڪچر ۾ چيڪ ڪيو آهي، پر مون کي شايد ان ۾ ليزر ماسٽر نالي سان ڪو پرنٽر ناهي مليو۔ جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ ٻيو ڪو آپشن هجي ته مهرباني فرمائي۔
جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو سائين پيارا اوهان جي ڳالهه بالڪل درست آهي ته ليزر ماسٽر الڳ يوٽيلٽي آهي ليڪن اگر ايڇ پي ليزر جيٽ سان ڪم هلي وڃي يعني پرنٽ ٽو فائيل آپشن اچي وڃي تڏهن به ٺيڪ آهي يا نه مون ته ائين تجربو ڪيو آهي وڌيڪ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي دوست وٽ ڪا معلومات هجي ته شيئر ڪري هن فن ۾ اوهان استاد جي حيثت رکو ٿا شايد ٻيو ان ڪري به نه لکندو هجي۔ بهرحال مون ته ان طرح جڳاڙ سان ڪم هلايو آهي۔
جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو ونڊوز ايڪس پي ۾ Generic جو MS Publisher Color Printer پرنٽر پڻ LaserMaster Unity 1200XL v47.0 وارو ڪم ڪري ٿو. ڇا هي پرنٽر ونڊوز سيون جي مينوفيڪچر ۾ موجود آهي.....
جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو سائين پيارا اوهان جي اڳيان گرافڪس جي ڳالهه لکڻ سج کي ڏيو ڏيکارڻ جي برابر آهي ليڪن شايد ڌڪو ميٿڊ ڪم اچي وڃي ان جي ڪري پنهنجي ناقص تجربي طور جيڪو ڪجهه مون کان ظاهر ٿيو اهو اوهان جي اڳيان پيش ڪجي ٿو . 1. ونڊو سيون ۾ ڪورل 13 پورٽيبل کڻي ورڊ 2003 تي لکيل فائيل ڪاپي ڪري اهو ونڊو سيون ۾ ورڊ 2010 ۾ کوليم ان کي سيو ايز جي آپشن ۾ Xps Doucument طور سيو ڪيم پوء ڪورل کولي Xps Doucument فائيل تان ڪاپي ڪري ڪورل ۾ پيسٽ ڪيم ته سنڌي ڪورل ۾ بالڪل صحيح طريقي سان اچي وئي . 2. ٻيو ورڊ 2003 وارو مواد ڪاپي ڪري نوٽ پيڊ ۾ پيسٽ ڪري اتان ڪاپي ڪري وري ڪورل ۾ پيسٽ ڪيم تڏهن به سنڌي ٽيڪسٽ باڪس ۾ ظاهر ٿي ايڊيٽ ايبل به رهي. سائين ابو زين جن واري طريقي مطابق به اوهان جي پرنٽ ٽو فائيل جو مسئلو آساني سان حل ٿي سگهي ٿو. (مجرب) . هي ته منهنجا ناقص تجربا هئا اگر ڪو مڪمل تجربو اوهان کان ظاهر ٿئي ته ضرور آگاه ڪندا دعائن جو طالب بنده معلوم.
مانوارا سائين۔۔۔ مون وٽ هنن طريقن مان ڪوبه طريقو ڪم نه آيو۔۔۔ ۽ مان هيئنر تمام گهڻي سوچ ۾ پئجي ويو آهيان۔۔۔ ته مون وٽ انهن مسئلن جي حل لا ڪو ٻيو سٺو طريقو ٻڌايو اوهان دوستن جي تمام گهڻي مهرباني ٿيندي۔۔۔۔۽ مونکي ڪورل ڊرا 13 جي پورٽيبل فائيل جي ڊائونلوڊ لنڪ ٻڌايو ۔۔ اوهان دوستن جي مهرباني ٿيندي
لڳي ائين ٿو ته اڄ ڪلهه هن ويب سائيٽ تي مسئلا حل ٿيڻ جيهڙا نه آهين تنهن جي ڪري مونکي ڪا ٻي ويبسائيٽ ڳولڻي پوندي جنهن جي ذريعي مونکي ڪجهه سمجه يا ڪجهه مسئلن جو حل ملي سگهي۔۔ اوهان دوستن جي وڏي وڏي مهرباني جو پنهنجي ڪجهه وقت مان منهنجي لاءِ وقت ڪڍيو جنهن جي ڪري مان اوهان جو شڪر گزار رهندس ۔۔۔
ادا محسن توهان جو مسئلو سمجهه ۾ نه آيو هي ڪافي هنٽس توهان جي سهولت لاء موجود آهن ليڪن توهان وٽ ڪابه ڪارگر نه ٿي ان جي وضاحت ڪيو ته توهان کي سمجهه ۾ نه آيو يا توهان ڪوشش ڪرڻ بعد به ڪاميابي حاصل نه ٿي ڪهڙو ميسيج اچي ٿو ممڪن آهي ته توهان وضاحت ڪيو ٿي سگهي ٿو ڪنهن دوست وٽ ان جو حل ملي پوي۔
يار ذيشان رشيد ڊيلي ڊيلي جي نواڻ به هڪ مسئلو آهي۔ هڪ موبائيل ڦٽو ڪري ٻيو نون فيچرس سان وٺي خوشي خوشي گهر پُهچ ته خبر پئي ٿي ماررررررررررررررررررررررررررررررررررررررررر! ڀينسان هن ۾ ته ٽارچ ۽ ڊبل سم آهي ئي ڪانه۔ ايئن ئي ونڊروز ۽ آفيس ۾ به ٿيندو آهي۔ اوهان جي هن ٽِپ کي آزمايم پر هي آن لائين مائڪروسافٽ تي وڃي پهتو۔ بند کڻي ڪيم جو اسان وٽ آفيس اڳي چوري جي مٿان وري گهرون آن لائين هيلپ يا اپڊيٽ ته ٻڌي نه ڇڏين
وڏا ڀلوڪيئي جو ڀلي جان بچايئي۔۔ پر هڪ راز جي ڳالهه ٻڌايائين آفيس واقعي پيسن جي آهي پر جي هي ايڊ1ن انسٽال ڪرين هاته مفت ۾ هيئي۔۔
ادا اوهان جو هي ليک اوهان جي جوڙيوال (@يونس ملڪاڻي گرافڪس ۾ ڪم ڪندڙ) کان ڏسڻ رهجي ويو۔ اڄ ڳالهه ڪيم ته ٺَڪ چيائين ”ڪورل ۾ ته سڌو سنئون سنڌي لکبي آهي۔ ايتري جهنجهٽ ۾ پوڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟”“ اهو ڪيئن ٿيندو؟ هُن مختصر ٻڌايو پر گرافڪس اسان لاءِ ٿيا پاڪي ۽ اسان گنجا۔ سو ڳالهه سمجهڻ کان مٿي هئي۔ هن جلد انهي سلسلي ۾ هڪ ٽيوٽوريل آڻي ٻڌائڻ جو چيو آهي۔ بس ٿورو انتظار۔ ملڪاڻي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان ويل بجلي بحال ٿيندي ئي هو اهو ڪم شروع ڪندو۔ وڏا اهو ڪم ته خاشو ٿيو پر پنهنجي گرافڪس ۽ ڪورل ڊرا سان گهٽ ئي لڳ۔ پر ياد اٿؤ ته اوهان ئي هڪ ليک ڏنو هو ڪو مسئلو ئي ناهي۔ سو هاڻي انهي ايڊ آن کان بچڻ لاءِ آفيس 2007 کان پي ڊي ايف ڪنورٽر يا چوجي ته ڊاڪ ايڪس فائيل ٽو پي ڊي ايف؟ ڪو مسئلو ئي ناهي۔ هر شئي جو هڪ متبادل استعمال به هوندو آهي۔ سو هتي به ٿي ويو۔ هاڻ ونڊوز انسٽال ڪرڻ کان پوءِ آفيس انسٽال ڪري رڳو هي ايڊ آن انسٽال ڪبو۔ نه ته اڳي وري ڪنورٽر ڳولڻا پوندا هئا۔ ۽ اهي به وڏن نخرن سان ملندا هئا۔ جيئن اوهان ئي هڪ عارضي آفر جو ڏس ڏنو هو۔ اهي ملي به وڃن ته به پي ڊي ايف ٺاهي به بيڪ گرائونڊ ۾ پنهنجي ڪا نه ڪا نشاني ڇڏيندا هئا۔
ونڊوز 7 لاءِ ڪا بهترين ٽپس نه آهي اسان چايون ٿا ته ونڊوز 7 ۾ ڪورل 9 لاءِ ڊيٽا شفٽ ڪريون جئين ونڊوز ايڪس پي ۾ ڪريون ٿا اگر ڪنهن دوسٽ وٽ اها هنٽ آهي ته مون کي روانو ڪري