جواب: ان پيج 98 ڇا آهي؟ ان پيج مان ورڊ ۾ ڪاپي ڪيئين ڪجي؟
رشيد صاحب وڏي مهرباني جو اوهان ڄاڻ ڏني، اوهان جو ٻڌايل آن لائين ڪنورٽر ته واقعي ڪمال جو آهي پر اهو آف لائين ڪم ڪيئن ڪندو؟ ڊائونلوڊ وارو لنڪ ڪم نه پيو ڪري۔ ابو واصف سائين تمام ڪم جي معلومات ڏني آهي مون فائيل ڊائونلوڊ ڪري ڇڏي آهي پر اوهان ان کي انسٽال ڪرڻ جو طريقو ناهي ٻڌايو۔ مسئلو دراصل هي آهي ته اسان پرنٽنگ ادارن کي ڪهڙي فارميٽ ۾ مواد موڪليون جو هنن کي ڪمپوز نه ڪرڻو پوي؟؟؟ ڪافي ادارا واقعي ان پيج استعمال ڪن ٿا جيڪر اسان ايم بي سنڌي ۾ ڪمپوز ڪري اها فائيل ان پيج ۾ ڪنورٽ ڪري موڪليون ته اخبارن ۾ اهو مواد استعمال لائق هوندو پر اهو ڪيئن ممڪن آهي مهرباني ڪري ان پيج ۾ سنڌي لکڻ جو ڪو جٽادار حل ڏيو۔