هاڻي روبوٽ هارپو ڪندا۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄ جي دور جو انسان ٽيڪنالاجي ۽ نين ايجادن جو ايترو ته عادي ٿي چڪو آهي جو ان کان بغير جيئن سندس لاءِ محال آهي۔۔ ان حوالي سان ترقي يافتا ملڪ روز روز نيون ايجادو ڪري رهيا آهن۔۔ جنهن سان هڪ طرف ته ڪيتريون ئي آسانيون پيدا ٿي رهيون پر ٻئي طرف انسان ڪاهل ۽ سست ٿي رهيا آهن۔۔۔
    جاپاني حڪومت طرفان اڄ ڪلهه ”ڊريم پروجيڪٽ“ نالي هڪ منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي جنهن تحت هاڻي ٻنين ۾ فصلن لاءِ روبوٽ ڪم ڪندا۔۔۔ ايسيتائين جو اهي روبوٽس صرف هارپو ئي نه پر ان کي عليحده عليحده ڪري پيڪنگ پڻ ڪري ڏيندا۔۔۔ اهڙن روبوٽس جو نظارو هن تصوير مان ڏسو۔۔

    [​IMG]

    ياد رهي ته جاپان ۾ تازو آيل سونامي ۽ زلزلن ڪري نيوڪليئر پلانٽ مان تابڪاري مادو اخراج ٿيڻ لڳو آهي۔۔ ۽ هاري اهڙن تابڪاري اخراج جي اثرن ڪري ڊپ ۾ هارپو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي۔۔ اهو ئي سبب آهي جو حڪومت هن وڏي پروجيڪٽ تي 130 ملين ڊالر خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي۔۔

    پر ڇا روبوٽ هاري جي جڳهه والاري سگهندا۔۔؟
    هاري جيڪو رات ڏينهن محنت ڪري زمين جو سينو چيرن ٿا ۽ گرمي سردي جي پرواه کان بغير لذت سان ڀريل ميوا ۽ ڀاڄيون پوکين ٿا۔۔ پر ان سڀ کان سواءِ جيڪڏهن اڳتي هلي انهن روبوٽس ۾ ڪو وائرس اچي وڃي ۽ اهي هارپي کان انڪاري ٿي حڪومت جون وزارتون گهري وٺن ته پوءِ ان جا ذميدار ڪير هوندا۔۔۔ ؟
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هاڻي روبوٽ هارپو ڪندا۔۔

    ادا رشيد

    دلچسپ معلومات آهي

    سدائين گڏ
     
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: هاڻي روبوٽ هارپو ڪندا۔۔

    واقعي ۾ دلچسپ معلومات آهي۔
     
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هاڻي روبوٽ هارپو ڪندا۔۔

    واه تمام زبردست معلومات
     
  5. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: هاڻي روبوٽ هارپو ڪندا۔۔

    اڳ ۾ اهي روبوٽ فقط آفيسن اندر ۽ ليبارٽرين ۾ ڪم ڪندي نظر ايندا هئا هاڻي اهي نڪري ٻني ۾ آيا آهن ڀلي کين اٽي جي اگهه جي خبر پوي۔ باقي جيڪر انهن صحيح ڌنڌو نه ڪيو ته سنڌ ۾ وڏيرن حوالي ڪن جيڪي مئل ماڻهو کان به ٻني جو ڪم ڇڪي وٺندا آهن هنن کي به اهي سڌو ڪندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو