اڄ جي دور جو انسان ٽيڪنالاجي ۽ نين ايجادن جو ايترو ته عادي ٿي چڪو آهي جو ان کان بغير جيئن سندس لاءِ محال آهي۔۔ ان حوالي سان ترقي يافتا ملڪ روز روز نيون ايجادو ڪري رهيا آهن۔۔ جنهن سان هڪ طرف ته ڪيتريون ئي آسانيون پيدا ٿي رهيون پر ٻئي طرف انسان ڪاهل ۽ سست ٿي رهيا آهن۔۔۔
جاپاني حڪومت طرفان اڄ ڪلهه ”ڊريم پروجيڪٽ“ نالي هڪ منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي جنهن تحت هاڻي ٻنين ۾ فصلن لاءِ روبوٽ ڪم ڪندا۔۔۔ ايسيتائين جو اهي روبوٽس صرف هارپو ئي نه پر ان کي عليحده عليحده ڪري پيڪنگ پڻ ڪري ڏيندا۔۔۔ اهڙن روبوٽس جو نظارو هن تصوير مان ڏسو۔۔
ياد رهي ته جاپان ۾ تازو آيل سونامي ۽ زلزلن ڪري نيوڪليئر پلانٽ مان تابڪاري مادو اخراج ٿيڻ لڳو آهي۔۔ ۽ هاري اهڙن تابڪاري اخراج جي اثرن ڪري ڊپ ۾ هارپو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي۔۔ اهو ئي سبب آهي جو حڪومت هن وڏي پروجيڪٽ تي 130 ملين ڊالر خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي۔۔
پر ڇا روبوٽ هاري جي جڳهه والاري سگهندا۔۔؟
هاري جيڪو رات ڏينهن محنت ڪري زمين جو سينو چيرن ٿا ۽ گرمي سردي جي پرواه کان بغير لذت سان ڀريل ميوا ۽ ڀاڄيون پوکين ٿا۔۔ پر ان سڀ کان سواءِ جيڪڏهن اڳتي هلي انهن روبوٽس ۾ ڪو وائرس اچي وڃي ۽ اهي هارپي کان انڪاري ٿي حڪومت جون وزارتون گهري وٺن ته پوءِ ان جا ذميدار ڪير هوندا۔۔۔ ؟