ابليس عرف شيطان جو تعارف

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2012۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سنڌ سلامت جي خدمت ۾ ابليس عرف شيطان جو تعارف پيش خدمت آهي۔ اميد ته ناراضگي جو اظهار نه ڪرڻ فرمائيندا۔ هن جو ملعون ٿيڻ کان اڳ نالو عزازيل هيو۔ هي الله پاڪ جي مخلوق جنن مان آهي۔ ڪجھ عالمن جي بيان مطابق زمين جو ڪو اهڙو حصو باقي رهيل نه آهي جتي شيطان عبادت، رياصت ، سجدو نه ڪيو هجي۔ هي تڪبر خاطر ملعون ڪيئن ٿيو ان کان شايد هر ماڻهون واقف آهي۔ جو سيدنا آدم عليه السلام جي تخليق وقت الله پاڪ کي عرض ڪيائين ته مان باھ مان پيدا ڪيو ويو آهيان مگر سيدنا آدم عليه السلام کي مٽي مان پيدا ڪيو ويو آهي ۔ مان آدم کان افضل آهيان! مان تو الله کانسوا آدم کي هرگز سجدو ڪون ڪندس! تنهن تي مالڪ سائين ڏمرجي عزازيل مان ابليس جي نالي سان کيس پڪاريو۔

    جڏهن شيطان زمين تي لٿو ته الله پاڪ کي عرض ڪيائين ته اي منهنجا رب تو مونکي زمين تي تڙي لاٿو، مردود ڪوٺيو هاڻي منهنجو گهر مقرر فرمايو۔ مالڪ کيس چيو ته غسل خانو تنهنجو گهر آ! چيائين منهنجي ويهڻ جي جڳھ ڪهڙي هوندي؟ جواب مليس ته بازار ، چوڪ۔ چوڻ لڳو منهنجو کاڌو جواب مليس ته هر اهو کاڌو جيڪو بغير بسم الله پڙهي کاڌو وڃي۔ چيائين منهنجي پيئڻ لئه ڪهڙي شي هوندي؟ جواب مليس هر نشي واريون شيون! چوڻ لڳو منهنجو سڏ ڪرڻ ڪيئن هوندو؟ جواب مليس گانا باجا! چيائين منهنجي تلاوت مقرر فرمايو؟ حڪم مليس ته برا شعر! چيائين منهنجون ڳالهيون ؟ جواب مليس ته ڪوڙ هڻڻ! چيائين منهنجو پيغمبرڪير هوندو؟ جواب مليس نجومي! چيائين منهنجو ڄار ڪهڙو هوندو؟ جواب مليس ته عورتون!
    حوالو: ڪنزالعمال، ابوالمليح عن ابيح


    دوستو اڄ هي ڪنهن فيس فوڪ تي اردو ۾ لکيل شيئر ڪيو هيو جنهنکي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ٻه چار لفظ جيڪي ياد هئا پنهنجي پاران به لکيا اٿم۔ اگر ڪا ڪوتاهي ٿي هجي ته درست ڪرڻ فرمائيندا ۔ پنهنجا پنهنجا رايا ضرور ڏيندا ته هن کان بچڻ جو ڪو سامان فراهم ٿي ۔ دعا آهي ته شال مولا ڪريم اسان سڀني مسلمانن کي هن کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمين اوهانجو خادم عبدالغني واراهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ابليس عرف شيطان جو تعارف

    جزاڪ الله ادا

    سدائين گڏ
     
  3. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: ابليس عرف شيطان جو تعارف

    تمام بهترين تعارف شامل ڪيل آهي ابليس عرف شيطان جو ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ابليس عرف شيطان جو تعارف

    ابليس ۽ الله ذوالجلال جي ڏنل مٿين مڪالمن جو هڪ وال پيپر عربي ۾ لکيل اڄ ئي مليو آهي، جنهن ۾ ڪجهه وڌاريون شيون به آهن ۔۔۔ ممڪن سڀاڻي انهن کي ترجمو ڪري پيش ڪبو ۔۔۔ هي وال پيپر سعودي عرب ۾ موجود اسلامي تنظيم پاران شايع ٿيل آهي ۔۔۔ جنهن ۾ ابليس کان بچڻ جا ڪجهه نقطا به شامل آهن ۔۔۔

    ابليس جو مقابلو ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ ته رب العالمين پاران ڏنل کيس آزادي ۽ سگهه ايتري آهي جو هو انسان جي دل ۽ دماغ تائين رسائي حاصل ڪري وٺي ٿو ۔۔۔ ظاهر آهي ته جڏهن به انساني دل ۽ دماغ ۾ هلڪي به ايمان کان خالي ڪا جڳهه موجود هوندي ته ان ۾ شيطان پنهنجو گهر ٺاهي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ انسان کان شيطاني عمل سرزد ٿيڻ لڳندا آهن ۔۔۔ پر مضبوط ايمان وارا ماڻهون ممڪن حد تائين پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ شيطان جي داخل ٿيڻ جا رستا بند ڪري رکندا آهن، ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪو خال پئدا به ٿيندو آهي ته جلد ئي انکي ڀري وٺندا آهن ۔۔۔ بلڪل ساڳي طرح جڏهن ڪنهن گهر جي حفاظتي ڀت ڪرندي آهي ته جلد کان جلد ان جي مرمت ڪئي ويندي آهي ته جيئن محفوظ رهي سگهجي ۔۔۔

    ادا عبدالغني ابليس جو تعرف پيش ڪري اوهان اسانکي انکان خبردار ڪيو آهي ۔۔۔ جزاڪ الله
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ابليس عرف شيطان جو تعارف

    منهنجي نظر ۾ ته ابليس هر اها سرگرمي آهي جيڪا اسان کي رب کان غافل ڪري۔ هر اها طاقت ، هر اهو ڪم جيڪو رسول ڪريم صه جي زندگيء جي خلاف هجي يا قرآن جي ڏسيل اصولن کان هٽي ڪجي اهو شيطاني ڪم آهي۔ تنهنڪري اسان کي قرآن جي فلسفي کي سمجهي رسول جي ڏسيل واٽ تي هلڻو آهي نه ڪي ابليس جي ڳالهين ۾ اچي يا نفساني خواهشن جي پورائي لاء ڪي غلط ڪم ڪجن۔

    بهترين شيئرنگ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين نثار ابڙو جي وڌيڪ تفصيلي مضمون جو انتظار رهندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو