عبدالغني لوهار
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي خدمت ۾ ابليس عرف شيطان جو تعارف پيش خدمت آهي۔ اميد ته ناراضگي جو اظهار نه ڪرڻ فرمائيندا۔ هن جو ملعون ٿيڻ کان اڳ نالو عزازيل هيو۔ هي الله پاڪ جي مخلوق جنن مان آهي۔ ڪجھ عالمن جي بيان مطابق زمين جو ڪو اهڙو حصو باقي رهيل نه آهي جتي شيطان عبادت، رياصت ، سجدو نه ڪيو هجي۔ هي تڪبر خاطر ملعون ڪيئن ٿيو ان کان شايد هر ماڻهون واقف آهي۔ جو سيدنا آدم عليه السلام جي تخليق وقت الله پاڪ کي عرض ڪيائين ته مان باھ مان پيدا ڪيو ويو آهيان مگر سيدنا آدم عليه السلام کي مٽي مان پيدا ڪيو ويو آهي ۔ مان آدم کان افضل آهيان! مان تو الله کانسوا آدم کي هرگز سجدو ڪون ڪندس! تنهن تي مالڪ سائين ڏمرجي عزازيل مان ابليس جي نالي سان کيس پڪاريو۔
جڏهن شيطان زمين تي لٿو ته الله پاڪ کي عرض ڪيائين ته اي منهنجا رب تو مونکي زمين تي تڙي لاٿو، مردود ڪوٺيو هاڻي منهنجو گهر مقرر فرمايو۔ مالڪ کيس چيو ته غسل خانو تنهنجو گهر آ! چيائين منهنجي ويهڻ جي جڳھ ڪهڙي هوندي؟ جواب مليس ته بازار ، چوڪ۔ چوڻ لڳو منهنجو کاڌو جواب مليس ته هر اهو کاڌو جيڪو بغير بسم الله پڙهي کاڌو وڃي۔ چيائين منهنجي پيئڻ لئه ڪهڙي شي هوندي؟ جواب مليس هر نشي واريون شيون! چوڻ لڳو منهنجو سڏ ڪرڻ ڪيئن هوندو؟ جواب مليس گانا باجا! چيائين منهنجي تلاوت مقرر فرمايو؟ حڪم مليس ته برا شعر! چيائين منهنجون ڳالهيون ؟ جواب مليس ته ڪوڙ هڻڻ! چيائين منهنجو پيغمبرڪير هوندو؟ جواب مليس نجومي! چيائين منهنجو ڄار ڪهڙو هوندو؟ جواب مليس ته عورتون!
حوالو: ڪنزالعمال، ابوالمليح عن ابيح
دوستو اڄ هي ڪنهن فيس فوڪ تي اردو ۾ لکيل شيئر ڪيو هيو جنهنکي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ٻه چار لفظ جيڪي ياد هئا پنهنجي پاران به لکيا اٿم۔ اگر ڪا ڪوتاهي ٿي هجي ته درست ڪرڻ فرمائيندا ۔ پنهنجا پنهنجا رايا ضرور ڏيندا ته هن کان بچڻ جو ڪو سامان فراهم ٿي ۔ دعا آهي ته شال مولا ڪريم اسان سڀني مسلمانن کي هن کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمين اوهانجو خادم عبدالغني واراهي