سنڌ ۽ ڪراچي مان ڇا مطلب؟
وينگس
روزانه عبرت جي ٿورن سان
وينگس
سنڌ جتي مسئلن ۾ گهريل آهي اتي ٻيهر سنڌ کي ان جي وحدانيت سان هٿ چراند ڪرڻ لاءِ اڻسڌي طرح سان قدم کنيا پيا وڃن، جنهن ۾ پهرين ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن جي داخلاء تي بندش ئي نه هنئي وئي پر سنڌين کي ڪراچي ۾ سوڙهو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي لاءِ ڪيٽگري لکندي انهن لاءِ سنڌ الڳ لکيو ويو ڄڻ سنڌي نوجوان پنجاب، پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ داخلا وٺڻ وڃن پيا. ميڊيا ۾ ڪراچي ۽ سنڌ کي مسلسل الڳ ڪري پيش ڪرڻ جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته پردي پٺيان وارن جي من ۾ ڇا آهي؟
ڳالهه اتي ئي رڪجي نه ٿي هاڻي اڻسڌي سان ڪم ڪيو پيو وڃي جو متحده ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۾ هزارا ۽ سرائيڪي صوبن جي ڳالهه ڪندي بل ۾ ٽو ٿرڊ ميجارٽي واري شرط کي ختم ڪرڻ جي شق وڌي آهي، جنهن ۾ پهرين ته انهن سرائيڪي ۽ هزارا جي لاءِ ڳالهه ڪئي آهي ته صوبن کان ٽو ٿرڊ ميجارٽي جو شرط ختم ڪيو وڃي، جنهن سان صوبن کي ٺاهڻ ۾ آساني ٿئي.
سرائيڪي صوبي جي ڳالهه هڪ تاريخي پسمنظر رکي ٿي ۽ ان کي ٺهڻ گهرجي پر جنهن طريقي سان گيم کيڏيندي راهه سڄي سنڌ ڏانهن ڪئي پئي وڃي ته اڄ سرائيڪي ۽ هزارا صوبا ٺهن ته سڀاڻي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي لاءِ بل داخل ڪرائجي ڇاڪاڻ جو پوءِ صوبن ۾ موجود ٽو ٿرڊ ميجارٽي جو شرط ڪا اهميت نه رکندو، ڏسڻو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ ٽو ٿرڊ ميجارٽي واري شرط کي قائم رکيو ويندو يا وري ان کي ختم ڪيو ويندو.
ان سان گڏوگڏ ستم ظريفي آهي جو ميڊيا جتي صرف ڳالهائڻ دوران ڪراچي ۽ سنڌ ڪري پيش ڪندي آهي هاڻي انهن لکڻ ۾ ڪراچي ۽ سنڌ الڳ الڳ ڪري پيش ڪيو آهي.
ملڪ جي انگريزي اخباري ڊان 4 تاريخ جنوري 2012 تي هڪ لسٽ دهشتگردي جي حوالي سان رپورٽ ۾ پيش ڪئي آهي جنهن ۾ انهن صرف سنڌ ۽ ڪراچي کي الڳ ڪري لکيو آهي جيتوڻيڪ ملڪ جا ٻيا شهر وڏا آهن انهن جي لاءِ انهن ائين نه لکيو آهي هيٺيان لسٽ تي نظر وجهندا ته ڳالهه سمجهه ۾ ايندي،
اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڊان جهڙي ذميوار اخبار اهڙي غلطي ڪنهن جي چوڻ تي ڪئي آهي ۽ انهن واضح لفظن ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري لکيو آهي.
اسان هن ملڪ جي عدالتي، حڪومتي ۽ ميڊيا جي هر ذميوار ادارن کي پڇڻ چاهينداسين ته اهي سنڌ کي ڪهڙي راهه تي ڏسڻ چاهين ٿا ۽ اهڙي ٻولي ڳالهائي پڻ لکي ڪري سنڌ جي احساس کي ڏکارو ڪرڻ مان ڇا مطلب آهي؟ جيڪي به سنڌ جي لاءِ اهڙي سوچ رکن ٿا ته سنڌ ۽ ڪراچي الڳ الڳ هجي ته انهن کي سامهون اچڻ گهرجي لڪ لڪوٽي ۾ ڪم ڪرڻ ڪهڙو مقصد آهي؟
جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته ميڊيا جي ذريعي ماڻهن جي ذهنن مٿان آپريشن ڪري انهن کي اڻسڌي مڃرائي وٺجي ته سنڌ ۽ ڪراچي الڳ آهن ته پوءِ اهي وڏي غلطي تي آهن سنڌ ۽ سنڌي عوام ان گناهه کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو، هي صرف جذباتي عمل ناهي پر سنڌ جو وجود ڪراچي سان ڳنڍيل آهي، ڪراچي بينا سنڌ ڪجهه ناهي. سنڌ حڪومت کان گذارش ڪرڻ ائين آهي جيئن لوهي ڀت آڏو مٿو هڻڻ ته اهي ڪراچي ۽ سنڌ واري تصور کي ختم ڪن.
ڇا سنڌ حڪومت اسان کي غلط ثابت ڪندي اهڙي تصوير کي ختم ڪرڻ خلاف قدم کڻندي ۽ ميڊيا تي اک رکندي؟ ان سوال جو جواب سنڌ حڪومت ئي ڄاڻي، پر اسان سنڌ واسين کي گذارش ڪنداسين ته اهي ميڊيا جي ذريعي ذهنن تي ٿيندڙ آپريشن کي مسترد ڪندي پنهنجو موقف پاڪستان جي ادارن ۽ ميڊيا آڏو واضح ڪن.