• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون سمون آئون گندري

عبدالعزيز سمون

سينيئر رڪن
تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن اپار
پسي لي لغار، متان مان ڳر مٽين

تون سمون آئون گندري،مون ۾ عيبن لک
هن منهنجي حال جي توکي سڀ پرک
ڪارڻ رب الک، متان مان ڳر مٽين

تون سمون آئون گندري،مون ۾ عيبن ڪوڙ
پسي ککي کوڙ،متان مان ڳر مٽين

تون سمون آئون مون ۾ عيبن ويههِ
پسي مئڪي دي، متان مان ڳر مٽين

تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن لک
پسي مئڪا ڪک،مڇڻ مان ڳر مٽين

تون سمون آئون گندري،مون ۾ عيبن جو
پسي راڻين رو،متان مان ڳر مٽين​
 
جواب: تون سمون آئون گندري

ادا عبدالعزيز اسلام عليڪم۔شاه عبدالطيف جي خوبصورت ۽ معنئ ڀريل بيت هن فورم جي نظر ڪرڻ تي اوهانجون تمام گهڻيون مهربانيون،شاه صاحب جن جي سڄي شاعري پنهنجي اندر وڏو مفهوم ۽ انسانيت جو پيغام ٿي رکي۔الله پاڪ جي وحدانيت ۽ وڏائي جو ذڪر ڪيو ويو آهي۔شاه صاحب جي شاعري جي باطني مفهوم کي سمجهي جيڪڏهن اسان پنهنجي اصلاح ڪيون ته يقين سان هن ۽ آخري دنيا ۾ ڪاميابي ماڻينداسين۔شاه صاحب جهڙا ڏاهه شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن،اها اسان جي پياري ڌرتي جي خوش قسمتي آهي جو شاه صاحب جن جي جنم بهومي آهي۔الله پاڪ شل انهن عظيم هستين جي ضدقي اسان جي ڌرتي کي سر سبز ڪري،اسان جي ملڪ ۾ خو ش حالي آڻي ،اسان جي ماڻهن \ماروڙن جون حالتون سٺيون ڪن۔انهن جو ن تڪليفون دور ڪن۔انهن جي مال متا،اجهو،۽ عزتن جي حفاظت فرمائين۔آمين۔توهان جا لک لائق۔
 
Back
Top