ادا رياض اسانجو نثار ناز، سينيئر ميمبر ئي نه پر سنڌ سلامت جو روح روان سرپرست اعلا پڻ آهي، سنڌ سلامت لئه سندس پيار پڻ ايترو ئي گهرو آهي جيترو پيار هو سنڌ سان ڪندو آهي، ڇاڪاڻ سنڌ سلامت سنڌي ٻولي جي اوطاق آهي ۽ سنڌي ٻولي نالي ڀائي جي جان آهي، سندس لوريون ۽ لوليون سنڌي ٻولي سان وابسته آهن ۔۔۔
نثار ناز هميشه پاڻکي ٽين درجي جو شاعر چئي اسانکي چيڙائيندو رهندو آهي۔ ڇاڪاڻ ته اسانکي خبر آهي ته هو ڪيترن درجن جو شاعر آهي ۽ نه فقط شاعر آهي پر ڪيترن ئي درجن جو سٺو انسان ۽ قومپرست ڪارڪن به آهي ۔۔۔
نثار ناز جي مٽي ڳوهڻ وقت رب العالمين ڪيتريون خوبيون ملرائي ڳوهرائي هوندي ۔۔۔ انڪري ته سندس تخلص به ” ناز” آهي ۔۔۔
آ ڪنهنکي به جنم ڏينهن جو واڌايون ناهيان ڏيندو، ڇاڪاڻ جنم وٺڻ ڪنهنجي ڪا خوبي ناهي هوندي نه ئي وري ڪنهنجي وس جي ڳالهه هوندي آهي، ها جنم وٺڻ کان پو اصل مبارڪن ڏيڻ جهڙا عمل ٿيندا آهن، نثار ناز قومي ڪم، سنڌي ٻولي جي خدمت ۽ اتسهائيندڙ شاعري ڪري اسانکي واڌايون ڏيڻ تي مجبور ضرور ڪندو رهندو آهي ۔۔۔
دعا آهي ته هي دوست تمام وڏي ۽ صحتمند ڄمار ماڻي ۔۔۔ آمين
سنڌ سلامت ساٿ سلامت