جنوري ٽو جنوري
فيض چنڊ ڪليري
وري آ جنوري جانان!
رني آ دل چري جانان!
مگر هي جنوري ڏاڍي اڪيلي آ
ڊگهيون راتيون ڊسمبر جون.
ويون مهڻي جيان گذري.
دريون سڀ دستڪن جي لئه
گهڙي پل لئه ستيون ناهن.
اسان جي خواب جون ڳالهيون
اڪيلائي سليون ناهن !
اگر بتين جيان هي دل.
مزار زندگاني تي .
سڙي بس خاڪ ٿي ويندي
اوهان جا نيڻ روئيندا.
حياتي پاڪ ٿي ويندي.
۽ دل جي سردخاني ۾ .
جڏهن ڀي ياد جي سگري.
اچانڪ ئي دکي پوندي.
هوائن جي هٿيلين تي.
پراڻي پيار جون چميون.
اوهان جا ڳل ڇهي وينديون.
بدن جون بارشون ساريون.
جواني جي سمندر کي.
نهاري نير ٿي وينديون.
ته پنهنجي بيقراري جي.
ڀريل بادل کي جانان!
وسائيندين . وسائيندين.
مگر ڪاٿي وسائيندين!؟
سموري جنوري توکي.
اڻيندي خواب جيان پر تون.
اسان جي جسم جو سوئيٽر .
ته بڻجي ڪين ڪي سگهندين.
سموري جنوري توکي.
انهي ئي رات جو قصو سڻائيندي.
اها جا رات پيرن ۾ .
نرم بستر جيان پئي هئي.
اسان جا خواب زخمي هئا.
چپن جون پنکڙيون ساريون.
اسان چونڊي ٿڪا هئاسين.
ٽٽيون چوڙيون هيون تنهنجيون.
بٽڻ منهنجا ڇڄي پيا هئا.
ڪهاڙي خوف جي هئي ڄڻ .
اسان جي ذهن تي حاوي.
اسان جي دل به هئي آوي.
سمورا دک سڙي ويا پر.
وڇوڙو والڪونا جيان.
اسان جي درميان ڦاٽو.
سمورا خواب رک ٿي ويا.
اها ڀي جنوري هئي ۽
اجها هي جنوري آهي.
مگر تون مان نه ساڳيا هون.
اسان هڪ صبح جي لاء.
پرين! ڪيڏا نه جاڳيا هون!