پير شاهه مردان شاهه پاڳارو اسحاق مڱريو [JUSTIFY]انهيءَ ڳالهه جو پڻ پير صاحب پاڳاري ڏانهن ڪريڊٽ وڃي ٿو ته پير صاحب ملڪ جي سياست ۾ پهريون دفعو مفاهمت جو بنياد وڌو هو. جنهن جي بنياد تي حر جماعت جي ٻيهر بحالي ٿي. ڪنهن کي معاف ڪرڻ يا جنهن سان دشمني هجي ان سان ٺهي وڃڻ سڀ کان ڏکيو ڪم هجي ٿو . جيڪو پير صاحب ان وقت ڪيو هو جڏهن سندن ڄمار ٽيويهه سالن جي ڦوهه جواني واري هئي. ان وقت جي سياسي ۽ سماجي صورتحال ڪجهه هن ريت هئي: پاڪستان هڪ نئون ملڪ وجود ۾ اچي چڪو هو. پير صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) شهيد ٿي چڪا هئا، انگريز واپس وڃي چڪا هئا. جڏهن ته ان وقت حر جماعت جا هزارين ماڻهو عورتن ، مردن ۽ ٻارن سميت جيلن ۽ حر ڪئمپن ۾ قيد هئا. سوين حر شهيد ٿي ٿي چڪا هئا. اهڙي طرح سوين مزاحمتڪار حر جيڪي ان وقت جي انگريز حڪومت سان گوريلا ويڙه سبب جهنگ منهن ڪيل۽ ڀاڳيلا بنيل هئا. جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ نئين وجود ۾ آيل ملڪ جي حڪمرانن کان پير پاڳارو ۽ حر جماعت وسري ويا هئا. اهوئي سبب آهي جو پاڪستان ٺهڻ کان ست سال پوءِ به حر مرد توڙي عورتون جيلن ۾ قيد هيون. شهيد ٿيل پير پاڳاري (سورهيه بادشاهه) جا نوجوان پٽ انگريزن جي ڪنٽرول ۾ انگلينڊ جي هڪ ڳوٺاڻي پنر واري علائقي ۾ زير تعليم هئا. جتي ڪو وڏو تعليمي ادارو نه هو پر انگريز سرڪار جي ٻين ملڪن جي باغي اڳواڻن جا ٻارنهن نوجوان پڻ اتي پڙهندڙ هئا . ان وقت جي وزير اعظم لياقت علي خان 1949 ۾ انگلنڊ ۾ نوجوان پيرن سان ملاقت ڪري سندن گادي بحال ڪرڻ واري ڳالهه ڪئي هئي . ايڏي وڏي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين جي باوجود ٽن سالن کان پوءِ سورهيه بادشاهه جي ٻنهي صاحب زادن پير شاهه مردان شاهه ۽ پير نادر شاهه کي وطن واپس آندو ويو. هنن ئي سياري وارن ڏينهن ۾ جڏهن شاهه مردان شاهه ٽيويهه سال ٻه مهينا چوويهه ڏينهن جي ڄمار ۾ هئا ته سندن دستاربندي ڪئي وئي. اهو چوٿين فبروري اڻويهه سئو ٻاونجاهه وارو ڏينهن هو . حر جماعت ۽ ان جي گهڻگهرن جي حوالي سان اهو انتهائي اهم ڏينهن هو. ڇو ته سندن والد صاحب پير صبغت الله شاهه (سورهه بادشاهه) جي شهادت جيڪا ويهين مارچ 1943 تي حيدر آباد جي سينٽرل جيل ۾ انگريزن پاران ڦاسي ڏيڻ جي نتيجي ۾ ٿئي هئي. جنهن جي ڪري نو سال ٻارنهن ڏينهن پير پاڳاري جي گادي انگريز سرڪار پاران معطل ڪيل هئي. ان سڄي صورتحال ۾ پير صاحب در پدر ٿيل حر جماعت جي ٻيهر بحاليءَ لاءَ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. حر جماعت وڏي عرصي کان انگريز سرڪار سان ٽڪراءَ ۾ هئڻ ڪري سندن ملڪيتون ۽ زمينون ضبط ڪيون ويون هيون. هو ڪنهن به ڪاروبار ۾ شامل نه هئا.سندن اولاد تعليم کان ڏور ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ انگريز ملڪ ڇڏي ويا هئا پر حر گوريلا پير صاحب تي ڪيس ڪندڙ ۽ ڪيسن ۾ سرڪار جي مدد ڪندڙن جي خلاف جنگ ۾ مصروف هئا، ته اهڙي ماحول ۾ پير پاڳاري جي دستار بندي ٿي . جڏهن پير جي ڳوٺ ۾ دستاربندي واري تقريب ٿي رهي هئي ته ان وقت پير صاحب جو بنگلو بمباريءَ سبب مسمار ٿيل هو . جنهن جي ڪري هڪ ٽينٽ لڳائي تقريب ڪئي وئي هئي. انگريزن هڪ سازش تحت پير صاحب جي راشدي خاندان ۾ وڏو ٽڪراءُ پيدا ڪرايو هو . اهو ٽڪراءُ انهيءَ سطح تي پهتل هو جو سورهيه بادشاهه تي ڪئين ڪيسن ۾ انگريزن جي چوڻ تي مخالفت ڪندي راشدي خاندان وارا به ڪئين شاهد بڻيل هئا. پر پير صاحب پنهنجي سڄي راشدي خاندان کي پاڻ سان شامل ڪيو. اهوئي سبب هو جو پير صاحب پاڳاري جي دستاربندي واري تقريب ۾ حر تحريڪ دوران سندن سخت مخالف پير علي محمد راشدي ۽ ان جو ڀاءُ پير حسام الد ين راشدي پڻ موجود هئا. اهڙي ريت حر تحريڪ دوران حرن ۽ پير صاحب جي خلاف شاهديون ڏيندڙ ۽ ٻئي مخالفت ڪندڙن سمورن ماڻهن کي پير صاحب معاف ڪري ڇڏيو هو ۽ سندن خصوصي دعوتن ۾ شريڪ ٿيو. مفاهمت جي حوالي سان اهو هڪ وڏو اهم ورتاءُ هو . حر جماعت جنهن جي وڏي اڪثريت ٻهراڙين ۾ رهڻ واري آهي.انهن جي لاءِ پير صاحب پاران اهڙي ورتاءَ جي نتيجي ۾ سڪتي ۾ اچي ويا. هو في الحال ته ڪجهه به سمجهڻ کان قاصر هئا. ايڏي شديد مخالفت ڪندڙن ۽ دشمني جي سطح تائين پهتل ماڻهن سان اچانڪ گڏجي هلڻ واري ڳالهه مزاحمت ڪندڙ حرن به مرشد جو حڪم سمجهي ڪڙي گوري ڳهي ورتي هئي. پر هو اهڙن سمورن ماڻهن کي وڏي عرصي تائين وساري نه سگهيا هئا. نيلسن منڊيلا کان وٺي صدر زرداري تائين پنهنجن مخالفن سان ٺهي وڃڻ انهن سمورين پارٽين جي ورڪرن لاءِ ايڏو سولو ڪم نه رهيو آهي. ان ڪري اهڙي صورتحال حر جماعت سان پڻ رهي. ان ڪري اهڙن سمورن ماڻهن جي دعوتن دوران حر جماعت جا ماڻهو سندن کاڌو نه کائيندا هئا. پر پير پاڳاري جي دور انديشيءَ جي ڪري اهڙا سمورا تڪراري معاملا اڳتي هلي بهتر ٿي ويا. ان ڪري پير صاحب پاڳاري پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ ۾ پڻ ڪڏهن تڪراري سياست کي ترجيح نه ڏني. ۽ پنهنجي حر جماعت کي هميشه اهڙي ڪنهن به تڪراري سياست کان گريز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جيتوڻيڪ پير صاحب جا نقاد پير صاحب جي اهڙي سياست تي تنقيد ڪندا رهيا آهن. پر پير صاحب ڪڏهن به سياست ۾ ٻيائي وارو ورتاءُ نه ڪيو. هميشه جيئن رهيو، اهائي ڳالهه ڪئي. جيتوڻيڪ ملڪ جي سياسي اڳواڻن جو وڏو انگ اندران ئي اندر جي ايڇ ڪيو وارن سان مليل رهيو آهي پر ڪنهن ۾ اهڙي اخلاقي جرئت نه هئڻ ڪري سمورن سياستدانن مان فقط پير صاحب علي الاعلان چوندو هو ته آئون جي ايڇ ڪيو جو ماڻهو آهيان. پير صاحب چوندو هو ته آئون پڙهيل نه پر ڪڙهيل آهيان. هو جڏهن پندرنهن سالن جي ڄمار جو هئو ته هن جي والد صاحب کي ڦاسي ڏني وئي ۽ پير صاحب کي پهرين علي ڳڙهه ۽پوءِ لنڊن ۾ پڙهائڻ لاءِ رهايو ويو. هڪ باغيءَ جي ٻار کي ڪيترو پڙهڻ جو موقعو ڏنو ويو هوندو؟ ان ڪري پير صاحب هميشه اها ڳالهه چوندو هو ته مان پڙهيل نه پر ڪڙهيل آهيان. پير صاحب پنهنجي سڄي عمر ۾ پنهنجي جماعت سان ٻه دفعا انتهائي اهم نوعيت جون ڳالهيون ڪيون. پهريون دفعو جڏهن پير صاحب جي دستاربندي ٿي ان وقت پنهنجي سمورن مزاحمت ڪندڙ حرن کي حڪم ڏنو ته هٿيار ڦٽا ڪري حڪومت وٽ پيش ٿيو ۽ ملڪ جي قانون تحت پنهنجو بچاءُ حاصل ڪيو. انهيءَ حڪم جي نتيجي ۾ سمورا مزاحمتڪار حر هٿيارن سميت پيش پئجي ويا. اهڙي ريت ٻيهر سماجي طور عورتن سان اڻ برابري واري ورتاءَ جي خلاف پير صاحب مريدن کي اهڙو حڪم ڏنو هو. 2 فيبروري 2004 تي پير صاحب پنهنجي مريدن کي پير جي ڳوٺ ۾ روايتي زيارت دوران حڪم ڏنو ته پنهنجي نياڻين کي پڙهايو ۽ سندن خواهش موجب شاديون ڪرايو. پير صاحب سياري جي مند ۾ زيارت دوران ڊگهي تقرير ڪئي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ دستاربندي دوران پڻ اهڙي حڪم واري تقرير 4 فيبروري تي ڪئي هئي. پير صاحب 2004 واري پنهنجي جماعت کي حڪم ڏيڻ دوران اهو چئي مخاطب ٿيو هو ته 1952 ۾ 4 فيبروري تي اوهان مون کي پڳ ٻڌائي، جڏهن ته هاڻ چوٿين فيبروري ۾ فقط ٻه ڏينهن بچيا آهن تڏهن اهڙي قسم جي ڳالهه ڪيان ٿو. هن واضح طور چيو ته ڪير به پنهنجي نياڻين جي شادي قرآن سان نه ڪرائي ، بالغ ڇوڪري جو بالغ مرد سان شادي ڪرايو. جڏهن ته ڪير به ننڍي عمر دوران سڱابندي نه ڪري ۽ نياڻين کي ملڪي ۽ مذهبي قانون موجب پنهنجي ملڪيت ۾ حصو ڏيو. پير صاحب جو اهڙو حڪم نه رڳو حر جماعت لاءِ پر اڄ جي هن جديد دور ۾ داخل ٿيندڙ سنڌين لاءِ پڻ هڪ وڏو پيغام هو. ايڏو وڏو حر جماعت تي اثر رکندڙ پير صاحب جو اهڙو حڪم سماجي طور ڪنهن انقلاب کان گهٽ نه هو. اهڙي ريت لبرل سوچ رکندڙ پير صاحب سگار پيئڻ، گهوڙن جي ريس ڪرائڻ واري ڳالهه پڻ ڪڏهن نه لڪائي . پير صاحب مذهبي فرقيواريت جي پڻ سخت خلاف رهيو . اهوئي سبب هو جو پير ڳوٺ جي جامع راشديه ۽ ان سان لاڳاپيل مدرسن پاران پڻ پنهنجي ديني تعليم دوران ڪڏهن به فرقاواريت جي اجازت نه ڏني وئي. پير صاحب پنهنجي گهڻ پڙهيو هئڻ ڪري سياسي ڳالهيون استعارن ۽ طنز مزاح واري انداز ۾ ڪنهن به قسم جي وڏي ڳالهه چئي وڃڻ جي وڏي مهارت رکندو هو. علم فلڪيات ۽ نجوم سان پڻ سندن وڏي دلچسپي هئي. اهوئي سبب هو جو پير صاحب پنهجي سالگرهه دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو هو ته آئون منهنجي عمر ۾ ته اليڪشن ٿيندي نه پيو ڏسان.[/JUSTIFY] روزانه عبرت جي ٿورن سان