بي بي سي جي حوالي سان نئين خبر آهي ته حُرن جي روحاني پيشوا ۽ سينير سياستدان پير پاڳاري جي وفات کانپوء سندس وڏي فرزند پير صبغت الله شاهه عرف راجا سائين کي نئون پير پاڳارو منتّخب ڪيو ويو آهي۔ هو حُر جماعت جو اٺون روحاني پيشوا آهي۔
شاهه مردان شاهه پير پاڳاري جي گذريل ڏينهن لنڊن ۾ وفات کانپوء ًحُر جماعت جي 15 خليفن سڄي رات ويچارڻ کانپوء راجا سائين کي پير پاڳارو چونڊيو ويو آهي۔ پيرڳوٺ ۾ سندس دستاربندي ڪئي وئي جنهن ۾ شاهه محمود قريشي ۽ يوسف رضا گيلاني جو فرزند عبدالقادر گيلاني پڻ موجود هو۔ راشدي خاندان جي اها روايت آهي ته پير پاڳاري جي چونڊ ڪرڻ کانپوء ئي گذاري ويل پاڳاري جي تدفين ڪئي ويندي آهي۔
جواب: صبغت الله شاهه عرف راجا سائين کي نئون پير پاڳارو منتّخب ڪيو ويو آهي
جڏهن کان پير صاحب پاڳارو بيمار ٿي لنڊن ويو هيو ته منهنجي من ۾ سندس جي پڄاڻيءَ جو گهنڊ وڄي رهيو هو ۔۔۔ انجو سبب اهو ناهي ته آءُ ڪو نجومي آهيان پر حالتون ۽ سندس اچانڪ بيماريءَ سبب ٻاهر وڃڻ واري عمل ڪئي خدشا پئدا پئي ڪيا ۔۔۔ خئير هڪ ٻي ڳالهه جيڪا منهنجي ذهن ۾ هر وقت هڪ سوال جيئان هلندي رهي آهي ۽ اڃان تائين ڪو جواب نه مليو آهي ۔۔۔
گذريل ۽ موجوده صديءَ ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي سورهيه ۽ سگهه وارا انسان پئدا ٿيا، سندن سگهه ڏسجي ته ڪنهن بادشاه ۽ امير کان گهٽ ڪون هئي، سندن ڏاهپ ڏسجي ته اها به ڪنهن مفڪر کان گهٽ ڪان هئي ۔۔۔ پر پوءِ به سنڌ سورن ۾ ڇو آهي ۔۔۔؟؟؟؟ ڇا انهن سگهارن انسان سنڌ لئه ڪجهه ڪرڻ جا جتن نه ڪيا هئا۔ يا وري سندن قبلا بدليل هيا ۔۔۔؟؟؟؟ انهن سگهارن انسان جا نالا ڳڻائجن ته تمام گهڻا ٿيندا پر خاص طور تي هنن ڏاهن جا نالا ته تمام مٿاهين فهرست ۾ اچنٿا پير صبغت الله شاه راشدي، علامه آءِ آءِ قاضي، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو وغيره
جيستائين سائين پير مردان شاه پير پاڳاري صاحب جو تعلق آهي ته ان بابت به عجيب سوچون جنم وٺن ٿيون، سندس والد بزرگوار پير صبغت الله شاه پير پاڳارو، انگريزن جو مخالف ۽ انگريزن جي فوج سان جنگ جوٽي هندستان ۽ خاص سنڌ جي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندو رهيو پر هي مرحوم پير صاحب، انگريزن جي حمايتي فوج جو ساٿياري ٿي هندستان جي خلاف وڙهيو ۽ سنڌ کي پاڪستاني ايسٽبلشمنٽ جو ٻڌو غلام ڪري رکيو ۔۔۔ ۽ سنڌ جي غلاميءَ واري باهه ۾ ڪاٺيون وجهندو رهيو ۔۔۔؟؟؟؟؟
وڏو پير صبغت الله شاهه، انگريز ايسٽبلشمنٽ جو دشمن ۽ انهن جي سازشن کي وائکو ڪندي چوندو رهيو ته انگريز هندستان کي ٽڪرا ڪرڻ جا جتن ڪري رهيا آهن ۔۔۔ مسلم ليگ انهن جي ساٿياري ٿي اهڙو ظلم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيندو، قومون غلام ٿينديون ۽ قتل عام ٿيندو، جنهن سبب هو مرندي مري ويو پر نه انگريزن آڏو سر جهڪايو نه مسلم ليگ کي قبول ڪيو پر اسانجو هي پير صاحب، ايسٽبلشمنٽ جو ساٿياري، فوج جو حامي ۽ مسلم ليگ جي بچائڻ ۾ سڀ کان اڳرو رهيو ۔۔۔؟؟؟
ڏسجي ته باقي بچيل سنڌ جا سگهارا انسان سنڌ کي ڪهڙي طرف وٺي وڃن ٿا ۔۔۔؟؟؟؟
تاريخ جي ستم ظريفي اها آهي ته ڪئي سوالن جا جواب ملڻ يا ڳولهڻ مشڪل ئي نه پر ڪڇان ته ڪافر ٿيان جي مد ۾ اچنٿا ۔۔۔