هڪ دفعي هڪ پاڙهو ۽ قابل شخص ڪنهن غريب ڳوٺ مان گذرندي هڪ ندي ڪراس ڪرڻ ٿي گهري۔۔ ڀرسان ئي هڪ ملاح ٻيڙي سميت موجود هو۔۔ پئسن تي راضي ٿيڻ کان پوءِ پڙهيل ۽ قابل شخص ٻيڙي تي ويٺو۔۔۔ ٻيڙي ندي ۾ هلندي اڃان ڪجهه ئي سفر طئي ڪيو هوندو ته آسمان تي گهاٽا بادل ڇائنجي ويا۔۔۔ سفر کي ڊگهو ڏسندي ان قابل شخص ملاح سان گفتگو ڪندي وقت گذارڻ ٿي گهريو۔۔ ان ڪري کيس چيائين۔۔ ”توکي خبر آهي ته سج زمين کان لڳ ڀڳ 93,000,000 ميل پري آهي ۔۔ پوءِ به سندس روشني ۽ گرمي اسان تائين پهچي ٿي۔۔ هالانڪه سج کي پنهنجي روشني ۽ گرمي اڇلائيندي هزارين سال گذري چڪا آهن ۔۔ پر سندس اها تپش ختم ناهي ٿي۔۔ “ ملاح وراڻيو۔۔ ”سائين مان هڪ سادو ڳوٺاڻو آهيان مون کي ان جي ڪهڙي خبر۔۔ “ سياڻي ماڻهون چيو۔۔”پوءِ ته تون چارآنا بيوقوف آهين۔۔“ ٻيڙي پنهنجو سفر جاري رکيو ۔۔۔ ڪجهه وقت کان پوءِ آسمان تي کنوڻ جا چمڪا ۽ گجگوڙ جا آواز اڀرڻ لڳا۔۔ هڪ دفعو وري سياڻي ماڻهون پڇيو۔۔۔ ”تو نوٽ ڪيو ته آسماني بجلي جي روشني پهريان جڏهن ته آواز دير سان ٻڌڻ ۾ پيو اچي۔۔۔ ۽ توکي خبر آهي ته اهو ڇو ٿو ٿئي۔۔۔؟“ ملاح وراڻيو۔۔ ”نه سائين مون کي ڪهڙي خبر۔۔۔“ عقلمند جواب ڏنو۔۔ ”اهو ان ڪري جو روشني جي رفتار آواز جي رفتار کان وڌيڪ آهي۔۔ ۽ اسان تائين ڪڪرن جي پاڻ ۾ ٽڪرائڻ سان پيدا ٿيندڙ روشني پهريان ۽ آواز بعد ۾ پهچي ٿو۔۔ تون ته اٺ آنا بيوقوف آهين۔۔“ ٻيڙي پنهنجو سفر جاري رکيو۔۔۔ ندي جو ٻيو ڪنارو ويجهو ئي هو ته زوردار بارش شروع ٿي وئي۔۔ بارش جو پاڻي ٻيڙي ۾ گڏ ٿيڻ لڳو۔۔ ۽ ملاح کي ٻيڙي سنڀالڻ ڏکي ٿيڻ لڳي۔۔ ان باوجود به سياڻي ماڻهون کيس چيو۔۔ ”توکي خبر آهي ته بارش ڪيئن وسندي آهي۔۔۔؟“ ملاح وراڻيو۔۔ ”نه سائين مون کي ڪهڙي خبر۔۔۔“ ”سج جي روشني ۽ گرمائيش ڪري ندين ۽ سمنڊن جو پاڻي ٻاف بڻجي آسمان ڏانهن اٿي ٿو جيڪو گڏجي جهڙن جي شڪل اختيار ڪري ٿو۔۔ ۽ ڌرتي تي جتي هوا جو داٻ گهٽجي ٿو اتي هوا سان سفر ڪري پهچي ٿو ۽ اهڙي طرح ٻين جهڙن جي پهچڻ سان ٽڪرائجي مِينهن جي صورت بڻجي واپس ڌرتي تي ڪري ٿو۔۔۔ “ سياڻي ماڻهون جواب ڏيندي چيو۔۔۔ ”تون ته ٻارنهن آنا بيوقوف آهين۔۔“ وسندڙ بارش هاڻي تيزي ڏيکاري ۽ ٻيڙي ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي وڌڻ لڳو۔۔۔ جنهن تي ملاح تيزي سان ڪجهه ڳولڻ شروع ڪريو پر نه ملڻ تي زور زور سان رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۔۔ سياڻي ماڻهون جي پڇڻ تي چيائين ۔۔۔”مون کان ٻيڙي مان پاڻي کي ٻاهر ڪڍڻ وارو ڊٻو ڪناري تي رهجي ويو آهي۔۔ ۽ هاڻي ٻيڙي جي پاڻي کي ڪڍي نه ٿو سگهجي ۔۔ ٻيڙي ۾ پاڻي ڀرجڻ لڳو آهي ۽ ٻيڙي ڪنهن وقت به ٻڏي سگهجي ٿي۔۔ اسان وٽ ڪو به حل ناهي سواءِ تري ڪناري تي پهچڻ جي۔۔۔ پر شڪر آهي ته ڪنارو ويجهو آهي۔۔ “ ”پر مون کي ته ترڻ ڪونه ايندو آهي۔۔۔“ پڙهيل ۽ عقلمند شخص پريشان ٿيندي چيو۔۔۔ ملاح کيس هڪ دفعو ڏٺو ۔۔ ۽ کيس چيائين ۔۔ ”ته پوءِ منهنجا مٺڙا سائين توهان ته سورنهن آنا بيوقوف آهيو۔۔“ سنڌ سلامت جا دوستو ۔۔۔ هن سيڪشن ۾ توهان مهربانن لاءِ هميشه سبق آموز ليک ۽ مختصر ڪهاڻيون موڪليون وينديون آهن۔۔۔ مٿين ڪهاڻي ڪهڙو سبق ڏئي ٿي ۔۔ ضرور لکندا۔۔ توهان جي جوابن جو انتظار رهندو۔۔۔
جواب: وڏو بيوقوف ڪير۔۔۔؟ ظاهري سبق اهو ٿو ملي ته علم حاصل ڪرڻ تمام سٺو آهي پر دنيا ۾ هلڻ ڦرڻ ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءي ڪتابن ۾ان پڙهيل ڳالهين سان گڏوگڏ ڪجهه عملي شيون به سکڻ گهرجن۔ جيئن ترڻ۔ ٻيو سبق اهو به آهي ته ڪير به ڪنهن جي لاءي اهو طئي نه ٿو ڪري سگهي ته فلاڻو ڪم اچڻ يا نه اچڻ ڪري هو هيترو بي وقوف يا عقلمند آهي۔
جواب: وڏو بيوقوف ڪير۔۔۔؟ تمام ڀلو سبق مليو هن ڪهاڻي ۾ ته پڙهيل لکيل ۽ جاهل ۾ ڪيترو فرق آهي پڙهڻ ڪيترو لازمي آهي۔
جواب: وڏو بيوقوف ڪير۔۔۔؟ ادا رشيد مان به زماني جا ڌڪ کائي گهڻو سڌو ٿئي ويو آهيان اهڙيون سبق آموز ڪهاڻيون جاري رکجو سدائين گڏ