ڪڏهن ڪڏهن سافٽويئر WinRar ۾ زپڊ ٿيل ملي ويندو آهي پر ان کي پاسورڊ لڳل هوندو آهي۔ ان وقت مصيبت اها هوندي آهي ۽ مٿو پڪڙي ويهڻو پوندوآهي۔ RAR Password Recovery Magic 6.1.1.115 سافٽويئر جي ذريعي توهان اهو پاسورڊ ٽوڙي سگهو ٿا۔ ڊائونلوڊ ڪريو
تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا وحيد پر توهان ايتري ڄاڻ ڏيندو ته اهو پاس ورڊ ڪيتري دير ۾ ريڪور ٿئي ويندو آهي تمام بهترين شيرنگ آهي ادا
ادا سافٽ ويئر جيڪڏهن ڪم ڪري ٿو تمام بهترين آهي باقي ان ڪم لاءِ ڪو لاڀائتو سافٽ ويئر مونکي اڃان نظر نه آيو آهي۔۔
هر شئي ۾ ٽونڪ بازيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو ڪم سکيو آ......... رڳو هيءَ خرابي آ هوءَ خرابي آ..... ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي دل رکڻ لاءِ به ها ڪبي آهي..... ڀيسان..... ويچاري الائي ڪيئن ڪري ته اهو سافٽ ويئر ڳولهيو آهي. ۽ تون ٿو ڇوين ته جيڪڏهن..... تنهنجو مطلب ته ادي بغير ڏيٺ واٺ جي هتي پوسٽ ڪيو هوندوkhil sahi
هڻ لٺ۔۔۔ تون ته مقابلي تي لهي پيو آن،،، ٽاپڪ جي شروع ڪندڙ توکي پاسي تي وٺي وڃي پتاشا ته ڪونه کارايا آهن۔۔؟ asul matt هڪ ته سافٽ ويئر ڊائون لوڊ نه ٿو ٿئي اهڙي ويب سائٽ جو لنڪ ڏنو ٿئين جيڪا 500 سيڪنڊ انتظار ٿي ڪرائي۔۔
سائين اها ڳالهه واقعي درست آهي ته ڪافي لنڪ ادا عبدالوحيد جا اسان نون يوزرن لاء تمام صبرآزما هوندا آهن بهرحال سندن محنت قابل تحسين آهي اسان جي اوڻاين کي وري پاڻهي وڏا درست ڪندا سائين رشيد صاحب جن کي عرض آهي ته جيئن tvc کي درست ڪيو اٿن هن لاء به مهرباني ڪندا
سائين لنڪ ته ڪم ڪري ٿو ڀلا اصل اهڙي ڳالهه آ ته هي وٺو بغير صبر ڪرڻ وارو لنڪ هاڻي ته ادا رشيد سان شڪايت نه ڪندو نه۔khil sahi هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو
واه سائين بالڪل درست لنڪ هن طرح هجي جو رڳو ڪلڪ ڪرڻ جي دير هجي ته ڪاپي شروع ائين نه ڳوليندي اسان جهڙن کي شام ٿي وڃي اوهان جي وڏي مهرباني
ادا وحيد سمان تمام بهترين شيئرنگ آهي، توهان جي انهي شيئرنگ جي ڳولها ۾ اسان جي عمر ئي ڳري وئي هئي۔ شڪر ٿيو جو توهان ڪجهه نه ڪجهه شئير ڪيو۔