مسلم ليگ (ن) پنهنجي تنظيمي ڍانچي ۾ تبديلي آڻيندي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سيد بادشاهه سائين غوث علي شاهه صاحب کي مسلم ليگ (ن) سنڌ جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو آهي ان موقعي تي اسان به سيد بادشاهه سائين غوث علي شاهه کي مسلم ليگ (ن) سنڌ جو صدر مقرر ٿيڻ تي واڌايون ڏيون ٿا ۽ اسان سمجهون ٿا ته اها جمهوريت جي وڏي فتح آهي جنهن جمهوريت جيDefinition ميان نوازشريف بيان ڪري رهيو آهي، ان Definition مطابق ميان صاحب جو اهو فيصلو يقينن درست هوندو جنهن فيصلي تحت سيد بادشاهه سائين غوث علي شاهه کي مسلم ليگ (ن) سنڌ جو صدر مقرر ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ مسلم ليگ (ن) سنڌ جو اجلاس ڪراچي ۾ ٿي گذريو جتي اهو فيصلو ڪيو ويو ۽ اجلاس کي خطاب ڪندي ميان نواز شريف چيو ته جيڪڏهن آصف زرداري چارٽر آف ڊيموڪريسي تي عمل ڪري ها ته اڄ جمهوريت کي ايترو نقصان نه پهچي ها ۽ ميان نواز شريف اهو به فرمايو ته سياست ۾ دهشتگردي جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ سياست ۾ دهشتگردي جو آغاز متحده قومي مومينٽ ڪيو ان کان پهريان ان جو ڪو به وجود نه هو ۽ جنهن وقت مسلم ليگ جي حڪومت هئي ته اسان ڪراچي ۾ فوجي ڪورٽون قائم ڪيون ۽ آئينده به جيڪڏهن اهڙو موقعو مليو ته ان عمل کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندا سين، ميان صاحب جي ان جملي پوري ملڪ ۾ نئين بحث کي ڇيڙي ڇڏيو، سندس پارٽي طرفان ڪيل بار بار وضاحتن جي باوجود سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌهري کي به اهو چوڻ تي مجبور ڪيو ته جمهوري دور ۾ فوجي ڪورٽن جي ڪابه گنجائش موجود ناهي ۽ نه ان جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي، جنهن وقت ميان صاحب ڪراچي جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪري رهيو هو ته ان وقت ميان صاحب جي بغل ۾ اهو شخص به ويٺو هو جيڪو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيل خوني فسادن جو مک ذميوار آهي جنهن سڄي فساد جي جڙ جو ٻج وڌو، ان کي پاڻي ڏنو ۽ فتني جي خوابديده کي بيدار ڪيو، ان وڏي شرارت جي پيدائش جو مک ڪردار يعني ايم ڪيو ايم جي تخليق جو ذميوار سيد بادشاهه سائين غوث علي شاهه پاڻ آهي جنهن جي جهولي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهرمسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدارت جو عهدو وڌو ويو آهي. نواز شريف جيڪڏهن جمهوريت جو علم هٿ ۾ کنيو هو ته ان پير پرتوت کي هڪدم ڌڪو ڏئي پارٽي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏي ها تڏهن محسوس ڪيون ها ته ميان صاحب جمهوريت خاطر اهو بهتر قدم کنيو آهي، جڏهن جمهوريت خاطر ميان نوازشريف ضياءَ جي پٽ اعجازالحق سان پنهنجا سياسي ناتا ختم ڪري سگهي پيو ته غوث علي شاهه کي ڪهڙي جمهوريت جي خدمتن عيوض پارٽي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ايڏو وڏو عهدو ڏنو ويو، پر جي ميان نوازشريف به پيپلزپارٽي جي دشمني ۾ ان عمل کي بهتر ٿو سمجهي ته غوث علي شاهه ڪراچي ۾ هڪ نئين جماعت ٺهرائي ڀلو ڪم ڪيو آهي ۽ ان عمل سان جمهوريت جي بهتر خدمت ٿي سگهي ٿي ته پوءِ ڪراچي ۾ جيڪي حالتون ٿين ٿيون ان تي نواز شريف پاران ڳڻتي ظاهر ڪرڻ قوم آڏو ڊرامو هوندو. سيد بادشاهه پنهنجي ننڍڙي لالچ ۽ لوڀ خاطر جيرو حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي قوم جو ٻڪرو ڪهي ويهي رهيو، اڄ ڪراچي اندر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان گناهه ڪبيره ۾ سيد بادشاهه سائين غوث علي شاهه جو نالو سرفهرست آهي، ڄاڻڻ وارا ڄاڻن ٿا ته اهو ئي غوث علي شاهه باد شاهه هو جيڪو بار بار ضياءُالحق جي آڏو روئندو ڳائندو ڦرندو وتندو هو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ خطرو بڻجي رهي آهي، جنهن جو علاج ڪرڻ ضرور ٿيڻ گهرجي، هو ضياءُالحق آڏو پنهنجو پاڻ کي ان جو همدرد ظاهر ڪرڻ ۽ اصل ازائم سيني ۾ سانڍي جرنيل کي اهو باور ڪرائيندو رهيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي مقبوليت وڌي رهي آهي جنهن جو رستو روڪڻ لاءِ ان جو متبادل پيدا ڪرڻ گهرجي جيڪو سنڌ ۾ پي پي سان مقابلو ڪري سگهي ۽ ان سان منهن ڏئي سگهي ۽ صوبي ۾ ان کي مصروف رکي سگهي ته جيئن هو پاڻ ضياءَ به بنا ڪنهن کٽڪي جي ملڪ ۾ حڪومت ڪري سگهي ۽ اها متبادل قوت مرڪز جي ڪنٽرول ۾ هوندي پوءِ مرڪز جيئن چاهيندو ان کي استعمال ڪري سگهندو، ان وقت شاهه صاحب جو دليل هو ته سنڌ هڪ محدود رياست آهي جيڪڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ٻئي وڏا شهرن پي پي کان سياسي طورالڳ ڪري ڇڏجن ته باقي سنڌ ۾ ڇا وڃي بچندو، تنهن ڪري اها متبادل سياسي قوت انهن ٻنهي وڏن شهرن مان پيدا ڪرڻي پوندي ۽ انهن کي پي پي سان ويڙهاڻو پوندو ته جيئن پي پي سنڌ ۾ ڪمزور رهي، پيپلزپارٽي ضياءَ جي ڪمزوري هئي ۽ هو ان ۾ پنهنجي موت جو عڪس ڏسندو هو، تنهنڪري ان جي وڌندڙ مقبوليت کان سدائين ڊنل ۽ خوف محسوس ڪندو هو ۽ آخرڪار پي پي جي حڪومت کي بيدخل ڪري پاڻ اقتدار حاصل ڪري ويهي رهيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو تنهنڪري هو پي پي مان سدائين خطرو محسوس ڪندو هو ۽ خبردار رهندو هو ته پي پي جي مقبوليت ڪٿي هن جي اقتدار کي ڊاهي نه رکي. غوث علي شاهه بادشاهه ان جي ڪمزوري مان خوب فائدو حاصل ڪيو ۽ پنهنجي مقروح ايجنڊا کي اڳتي وڌايو، هو سمجهي پيو ته سنڌ ۾ پي پي ناقابل تسخير آهي، ان جي هوندي ضلع ڪچهري جي ٽئين درجي جي وڪالت جڳ ۾ چراغ نه ٻاري سگهندي ۽ نه سياسي ڪيريئر ٺهي سگهندو تنهنڪري بهتر اهو ٿيندو ته پي پي ۽ ايسٽبلشمينٽ جي جهيڙي واري صورتحال مان سياسي فائدو کڻجي ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ پي پي کي ڪٽڻ لاءِ هڪ نئين قيادت پيدا ڪجي جيڪا سدائين پيپلز پارٽي کي چئلنج ڪندي رهي، اهڙي طرح پي پي کي نقصان پهچائي پوءِ ئي ڪو سنڌ ۾ سياسي خلا پيدا ڪري سگهبو، جنهن کي شاهه صاحب پنهنجي عيارين سان پورو ڪندو ۽ پوءِ داروغو بڻجي ٻنهي متحارن فريقين ۾ صلح يا دشمني جي درجه حرارت تي ڪنٽرول ڪرائيندو ۽ بادشاهه گيري جا پتا پنهنجي هٿ ۾ رکندو، سيد بادشاهه جو خيال هو ته ٽئين سياسي قوت ايسٽبلشمينٽ جي ذريعي هميشه ان جي ڪنٽرول ۾ هوندي، ان کي ان غرض سان ڪوبه مطلب نه هو ته ان کان پوءِ سنڌ سان ڪهڙي ويڌن ٿيندي ۽ ڪيتري تباهي ٿيندي، ڪيتريون جانيون ضايعه ٿينديون، ڪيترا گهر سڙي رک ٿي ويندا، سنڌ جي شهرن ۾ ڪيتري عرصي تائين دونهون ڌنڌ ڇڏيندو، شاهه صاحب کي ان جي ڪابه پرواهه نه هئي بس ان کي ته صرف پي پي جي دشمني ۽ پنهنجي ڪيريئر جو فڪر هوندو هو، ضياءُالحق ته شروعاتي ڏينهن ۾ ان جي ڳالهين تي ڪن ئي نه ڌريندو هو ۽ ان جي ڳالهين کي کلي ٽاري ڇڏيندو هو پر شاهه صاحب به ڪچيون گوريو ڪون کاڌيون هيون، هو بار بار ان وٽ وڃي ويهي رهندو هو ۽ ان کي هيٺيون مٿيون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو ۽ هوئن به اها چواڻي آهي ته جيڪڏهن پاڻي پٿر تي ڪرندو رهي ته ان پٿر ۾ به سوراخ بڻجيو پوي، نيٺ اهو وقت آيو جو ضياءُالحق به ان جي ڳالهين کي سنجيده وٺڻ شروع ڪيو ۽ خبر ناهي ته هن جي دل ۾ پي پي جو خوف هو يا اقتدار جي حوس بهرحال جو به سبب هو ان هڪئي فيصلي سنڌ جو ڪاٻاڙو ڪري ڇڏيو. ڪراچي مان هڪ نئين سياسي قوت اڀارڻ لاءِ ضياءُالحق ان وقت جي آءِ ايس آءِ جي چيف جنرل اختر رحمان سان مشورو ڪيو جيڪو ان وقت سوويت يونين جي خلاف جهاد ۾ تن من ڌن سان شريڪ انتهائي مصروف هوندو هو تنهنڪري ان حوالي سان هن ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ کان معزرت ڪندي اهو دليل پيش ڪيو ته آءِ ايس آءِ ان جهاد ۾ پوري طرح ڦاٿل آهي ۽ اهڙي ڪنهن اضافي سرگرمي لاءِ ڪنهن هڪ به آفيسر کي فارغ نٿو ڪري سگهجي، ان سان افغان جهاد تي اثر پوندو، ٻيو دليل اهو پيش ڪيو ته افغانستان واري جهاد ۾ جماعت اسلامي ۽ آءِ ايس آءِ جي وچ ۾ گهرو تعاون آهي ۽ اهو تعاون هيٺين سطح تائين موجود آهي ان ڪري جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڪا به نئين سياسي جوڙ توڙ شروع ڪئي وئي ته اها خبر جماعت اسلامي تائين ضرور پهچي سگهي ٿي ۽ هو اهو چوندا ته ان جي پٺيان ڪنهنجو هٿ آهي ۽ جيئن ته جماعت اسلامي سنڌ جي شهري علائقن خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنهنجو تمام گهڻو اثر رسوخ رکندڙ جماعت آهي تنهنڪري هو ان کي سندن جي خلاف سازش سمجهندي، جنهن سان افغان جهاد لاءِ انهن جي تعاون تي فرق پوندو، ان ڪري آءِ ايس آءِ في الحال اهو ڪم نه ڪري سگهندي، ضياءُالحق جنرل اختر جي دليلن کي تسليم ڪيو ۽ آءِ ايس آءِ جي ذريعي ايم ڪيو ايم جي تخليق ڪرڻ وارو منصوبو منسوخ ڪري ڇڏيو، ان کان پوءِ جنرل ضياءَ ملٽري انٽيليجنس جي سربراهه جنرل حميد گل کي گهرايو، جيڪو ان وقت هو ميجر جنرل طور ڊي ايم آءِ جا فرض انجام ڏئي رهيو هو، پر حميد گل به ان ڪم کان نابري واري ۽ معزرت ڪندي دليل پيش ڪيو ته ملٽري انٽيليجنس تي پهريون ئي تمام گهڻو ٻوجهه پيل آهي، جنهن تي اضافي ٻوجهه وجهڻ مناسب نه هوندو، حميد گل جو چوڻ هو ته ان نئين سرگرمي شروع ڪرڻ ۽ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي توجه ۽ وقت درڪار هوندو، ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ سان ملٽري انٽيليجنس جي ٻين پيشاورانه ذميدارين ته اثر پوندو، ضياءُ الحق ان جي ڳالهين ۾ به وزن محسوس ڪيو ۽ پوءِ آخر اهو فيصلو ڪيو ويو ته اهو ڪم هڪ سول اداري جي ذريعي ڪرايو وڃي ۽ ان سول اداري کي اها خصوصي هدايت ڪئي وئي ته غوث علي شاهه جي مشوري سان ڪراچي لاءِ هڪ نئين سياسي جماعت تخليق ڪئي پئي وڃي جنهن جو نالو ايم ڪيو ايم هوندو ۽ ان کي اڳتي وڌايو وڃي، انهن ڏينهن کان ڪراچي ۾ فتنيبازي جي دور جو آغازٿئي ٿو، جنهنجا ڪارا ڪڪر اڃا تائين بي الخصوص سنڌ ۽ بي العموم سڄي ملڪ تي ڇانيل آهن. ان وقت الطاف حسين کي پهرين رقم 5000 روپين جي صورت ۾ ڏني وئي ۽ ان کي پهرين هدايت اها ملي ته ففٽي موٽر سائيڪل کي تبديل ڪر، اها رقم ان خفيه فنڊ مان جاري ٿيل ڪروڙن روپين جي پائيپ لائين جو منهن کوليو ويو جيڪا آهستي آهستي قسطن جي صورت ۾ الطاف حسين کي ملندي رهي. خفيه ادارا ۽ ايسٽبلشمينٽ جي رابطي ۾ رهڻ وارا سول ادارا، ڪاروباري تنظيمو، تاجر، صنعتڪار، ايسيتائين جو هرطبقي جي ماڻهن کي خبر پئجي چڪي هئي ته ايم ڪيو ايم جي تخليق جي پٺيان ضياءَ حڪومت جو هٿ آهي ۽ غوث علي شاهه ان کي پالي رهيو آهي، ان کان پوءِ رقم جي فراهمي، وسيلن جي دستيابي ۽ افرادي قوت جي ڪمي ايم ڪيو ايم لاءِ ڪڏهن به ڪو مسئلو نه رهيو. شروعات ۾ تنظيمي ڍانچو بنائڻ ۽ پارٽي کي هلائڻ لاءِ ڪيئي سرڪاري افيسر پنهنجو ويس بدلائي 90 تي وڃي ڊيوٽي ڏيندا هئا، ڇو ته ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به نوجوان کي تنظيم سازي يا سياسي ڪم ڪرڻ جو تجربو ڪون هوندو هو، اهي صرف شور مچائڻ ۽ ننڍا وڏا جلوس ڪڍڻ تائين محدود هوندا هئا، بعد ۾ ايم ڪيو ايم جي معاملن کي ڏسڻ ۽ انهن تي نظر رکڻ لاءِ ڪيئي ادارا سرگرم ٿي ويا، وقت گذرڻ سان گڏ خود ايم ڪيو ايم به ڪيئي چولا تبديل ڪيا، ايتري تائين جو پاڪستان کان هٽي ڪري هنن ڀارت ۽ پوءِ برطانيا جي خفيا ادارن سان به پنهنجا تعلقات وڌايا ۽ سنڌ جي شهري علائقن لاءِ مافيا بڻجي انهن کي جڪڙي ورتو، هو آهستي آهستي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي جرائم جي اڏن تي قابض ٿي ويا، ان کان پوءِ قاتل کان وٺي ڊڪيتي، سٽي باز کان جيب ڪتري تائين سڀ متحده ۾ شامل ٿيڻ لڳا، جيڪي ان ۾ شامل نه ٿيا اهي مارايا ويا يا شهر ڇڏي ڀڄي ويا، ٻنهي وڏن شهرن جو ڀتو سيلاب وانگر 90 تي اچڻ لڳو، ريڙي واري کان وٺي ڪروڙ پتي تائين سڀني کي ڀتو جمع ڪرڻ جون پرچيون ملڻ شروع ٿي ويون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪنگلا ڪروڙن ۾ کيڏڻ لڳا ۽ ڪراچي شهر باهه، خون ۽ بارود جي ڊيرن سان ڀرجي ويو، ڀتو ڏيڻ کان جنهن انڪار ڪيو ان کي عبرت جو نشان بڻايو ويو، پر سڀ حڪومتون سڀ ادارا چين جي بانسري وڄائيندا رهيا، ڪراچي حيدرآباد ۾ ٻيهر آپريشن ڪيو ويو پر تنهن هوندي به متحده جي قيادت ۽ ان جا اهم ماڻهو ساڳي طرح سان محفوظ رهيا، ڪافي گرفتاريون ٿيون پر ڪنهن به فرد پاران گواهي نه ڏيڻ جي ڪري اهي ماڻهو آزاد ڪيا ويا، جهڙي طر جرنيل سنگهه ڀنڊران والي اڪالين جي هٿن جو ڏنڊو هو جنهن سان هو سدائين وقت جي حڪومت کي ڊيڄاريندو رهندو هو اهڙي طرح الطاف حسين به ايسٽيبلشمينٽ جي هٿن جو موچڙو بڻجي ويو، جنهن جي مدد سان سول حڪومتن کي دٻايو ويندو هو ۽ ٻين مخالف سياسي جماعتن کي ڊيڄاريو ويندو رهيو، سفاڪيت جي ايتري تائين انتها ٿي وئي ته ڪراچي شهر ۾ سوين هزارين ماڻهو ٻڪرين وانگرذبح ٿيندا رهيا، درجنن کي زنده ساڙيو ويو بيشمار ڪاروبار تباهه ٿي ويا پر ايم ڪيو ايم بنائڻ وارن جي ڪن تي جونئه به نه سرڪي ۽ نه بنجڻ وارن تي، ان ايڏي تباهي، خونريزي ۽ فساد جا ذميدار سڌا سوان ضياءُ الحق ۽ غوث علي شاهه آهن، انهن کي ئي خدا تعليٰ آڏو جواب ڏيڻو پوندو، ضياءَ ته وڃي جهنم رسيد ٿيو خدا تعاليٰ ان کان پنهنجو حساب ڪتاب ضرور وٺي ڇڏيو هوندو پر غوث علي شاهه جي رسي اڃا تائين ڊگهي آهي، نواز شريف جيڪڏهن سنڌ واسين ۽ جمهوريت سان سچو هجي ها ته پهريان غوث علي شاهه جي گريبان کان پڪڙي اهو پڇي وٺي ها ته پوري قوم سان ايڏو وڏو ظلم تو ڇو ڪيو؟ جو ڪجهه به شاهه صاحب ڪيو اهو رڪارڊ جو حصو آهي، ان دور جا اڃا ڪيترائي ماڻهو زنده آهن جن اها مقروح راند ڏٺي ۽ ان جو حصو بنيا، اهي ڃاڻن ٿا ته غوث علي شاهه پنهنجي ڪئي جو انڪار نٿو ڪري سگهي، نواز شريف شاهه صاحب کي هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ (ن) سنڌ جو صدر مقرر ڪري پنهنجي غير جمهوري ايجنڊا جي تڪميل ڪئي آهي جنهنجي گناهن جو ٻوجهه نوازشريف جي ڪلهي تي ئي اچڻو آهي، الله پاڪ کي ناراض ڪرڻ واري کي عزت ڏيڻ الله پاڪ کي وڌيڪ ناراض ڪرڻ برابر آهي. خدا خوفي جي تقاضا اها آهي ته اهڙي شخص کي پناهه نه ڏجي جيڪو خلق خدا جي قتل عام جو ذميوار آهي ۽ جيسيتائين هي قتل ۽ فساد جاري رهندا ان جو هڪ حصو شاهه صاحب جي اعمال نامي ۾ ضرور لکيو ويندو، ٻي ڳالهه ته سنڌ جي معاملن ۾ اهڙي شخص تي قطعي ڀروسو ڪرڻ سنڌي عوام سان دشمني ليکبي، هاڻي اڳتي نواز شريف ڄاڻي ته ان جي پارٽي ڄاڻي، اسان صرف سنڌي عوام کي سجاڳ ٿيڻ جو پيغام ڏيون ٿا، جيڪڏهن غوث علي شاهه صاحب هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جو وزير اعلي بڻجي ويو ته اهو پڪ ڄاڻو ته اهڙي قسم جي ٻي به فسادي سياسي قوت بڻائي سگهي ٿو جنهن جو ڪنٽرول لاڙڪاڻي، سکر ، نواب شاهه ۽ ٻين اڀرندڙ شهرن تي هوندو. محمد عيسيٰ ڀٽو