محمد عيسى ڀٽو
سينيئر رڪن
بِسْمِ اللّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ
اول الله عليم اعليٰ عالم جوڌڻي
قادرپنهنجي قدرت سين قائم آه قديم
والي واحد وحدهُ رازق رب رحيم
سوساراه سچوڌڻي چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙجهان جي
(ڀٽ ڌڻي)
پنهجوتعارف
نالو: محمد عيسيٰ ڀٽو.
ڄم جوهنڌ: ڳوٺ چنڊ ڀٽو، اڳوڻوتعلقوگمبٽ ۽ هاڻوڪوتعلقوسوڀوديرو، ضلعوخيرپورميرس سنڌ. ۽ هاڻي ڪراچي گلشن حديد.
تعليم: ايم اي پوليٽيڪل سائنس
ڌنڌو: سرڪاري ملازمت.
E-mail: meb_110@yahoo.com.
پڙهندڙن کي گزارش:
هونئن ته ڪمپيوٽرجي دنيا تمام وسيع آهي، انسان سمنڊ جي تهه تائين پهچي سگهي ٿو، سمنڊ جي ٻئي ڪناري تائين پهچي سگهي ٿو، انسان مٿي چنڊ جو سيربه ڪري چڪوآهي پرڪمپيوٽرجي دنيا ايتري ته وسيع ۽ باڪمال آهي جوانسان ساري ڄمارگزاري ويندو پرڪمپيوٽرجي گهرائي تائين نٿو پهچي سگهي، ڇوته ڏينهنون ڏينهن هن جي سسٽم ۾ ڏينهون ڏينهن ٻين نون پروگرامن کي داخل ڪيو ٿو وڃي، وري مٿان جڏهن ڪمپيوٽرجي مدد سان انٽرنيٽ جواستعمال عام ٿيوته ان پوري دنيا کي هڪ مٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو . آءُ 1992 کان ڪمپيوٽرجواستعمال ڪرڻ شروع ڪيو جڏهن اسان وٽ پينٽيم ون به گهڻومتعارف ٿيل ڪون هو، پرصرف انگريزي ۾ لکائي ٿيندي هئي جيڪا عام دفترن ۽ ٻين ڪمن لاءِاستعمال ڪئي ويندي هئي پرپنهنجوانٽرنيٽ سان ڪو به واسطو ڪون هو ۽ نه ان جي استعمال جي ڪا ڄاڻ هوندي هئي، جنهنجو استعمال هاڻي تمام ٿوري عرصي کان ٿيوآهي ائين کڻي چئجي ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پاڻ اڃان بامبڙا پائي رهيا آهيو، جڏهن ته ڪمپيوٽرتي سنڌيءَ ۾ لکائي اڃان شروعات ئي هاڻي ڪئي آهي ان لاءِ پڙهندڙن کي منهنجي گذارش هوندي ته جيڪڏهن ڪٿي لکائي ۾ ڪا غلطي ٿي وئي هجي ته ان کي درگذرڪندا ۽ مٿي ڄاڻايل ايميل ذريعي ان ڪوتاهين کان آگاه ڪندا ته لک ٿورا ٿيندا.
جيئن ته مونکي لکڻ ۽ پڙهڻ سان تمام گهڻوشوق رهيوآهي خاص ڪري ڪمپيوٽرتي سنڌي، اردو۽ انگريزيءَ ۾ لکڻ جوانتهائي شوق رهيوآهي، آءُ جڏهن1992 کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون نگاري ڪندوهوس ته ان وقت پين جواستعمال ڪيوويندوهو، پر ڪمپيوٽرتي لکڻ جي صحولت موجود ڪان هئي، جڏهن ڪمپيوٽرجواستعمال پينٽيم ون کان شروع ٿيوته ان ۾ اڃان وڌيڪ پروگرامنگ جي صحولت مهيا ڪئي وئي جنهن سبب ڪمپيوٽرتي انگريزي، اردو سان گڏ سنڌي لکڻ ۾ به آساني پيدا ٿي پئي، پرپاڻ کي تلاش هڪ اهڙي سافٽ ويئرجي هوندي هئي جيڪونج سنڌي هجي ۽ ان جواستعمال ڪورل ڊرا کان علاوه MSWord تي به ٿيندوهجي، هڪ ڏينهن مونکي پنهنجي دوست ڏس ڏنوته مارڪيٽ ۾ ايم بي سنڌي جي نالي سان هڪ سافٽ ويئراچي ويوآهي جنهنجو استعمال MSWord ۾ به ڪري سگهجي ٿو، ۽ ان دوست انسٽال ڪرڻ جو طريقو به ٻڌايو، آءُ فورن وڃي اهوسافٽ ويئرخريد ڪري آيس جڏهن ان کي پنهنجي ڪمپيوٽر۾ انسٽال ڪيو ته سڀحان الله، ان جي لکڻي تمام خوبصورت ۽ ان جواستعمال تمام آسان نظرآيو، جڏهن ان جي اندروڌيڪ ليوپائي ڏٺو ته ان ۾ پڙهڻ جي لاءِ ٻيو به تمام گهڻو مواد موجود هو، جنهنجي پڙهڻ سان خبرپئي ته سنڌين جي پنهنجي به ڪا خوبصورت ويب سائيٽ سنڌ سلامت جي نالي سان انٽرنيٽ تي موجود آهي جيڪا انٽرنيٽ جي دنيا ۾ داخل ٿي چڪي آهي. آءُ فورن ان ويب سائيٽ تي ڪلڪ ڪيو، جڏهن ان ويب سائيٽ تي نظرپئي ته سچ پڇو ته ويب سائيٽ کي ڏسڻ ساڻ دل باغ بهارٿي وئي، ڪمال آهي انهن جي دماغ جوجن سنڌ سلامت جو نالو تجويزڪري ان جي خوبصورت ڊزائين ٺاهي ۽ مختلف مراحلن مان گزاري ان کي پايه تڪميل تائين پهچايو، يقينن سنڌ سلامت جو سمورو سٿ اسان سنڌ واسين طرفان جس لهڻي جن ايڏي وڏي محنت سان ان کي تيار ڪيو، ظاهرآهي ته هن پورهئي ۾ سموري سٿ جي ڏينهن رات واري محنت ۽ ڪاوش شامل آهي، پر آءُ يقين سان چوان ٿو ته سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ ٺاهيندڙ سٿ ايڏو وڏو ڪارناموڪيو آهي جن سڀني سنڌ واسين جي خدمت ڪري انهن جي دل جيتي ورتي آهي ۽ ان سان گڏ سموري سٿ سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽرجي دنيا ۾ آڻي ان کي عالمي سطح تي وڌيڪ اجاگرڪيوآهي جنهنجي ڪري سنڌ جوموجوده نسل ۽ ايندڙنسل جن جو واسطو انٽرنيٽ سان پوندو اهي سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سدائين ياد رکندا ۽ اسان به هن سٿ جي لاءِ سدائين دعاگورهندا سين ته شال سدائين شاد هجن آباد هجن۽ ائين سدائين سنڌ واسين جي خدمت ڪندا رهن.