سنڌ هزارن سالن کان آهي ۽ رهندي

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هي تاريخ جو اهو الميو آهي جنهن ۾ سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائي ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ڌارين جي حوالي ڪيو ويو. سنڌي عوام جن سياستدانن کي 40 سالن کان پنهنجو حقيقي نمائندو سمجهندي ووٽ ڏيندا آيا ته جيئن سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪن پر انهن ئي سنڌي عوام جي ووٽ جي توهين ڪئي، سنڌ هزارن سالن کان آهي ۽ رهندي. پيپلز پارٽي جي موجوده پاليسين تي هيٺ عرض ڪيو آهي ته

    هزارين سال هنڌ سان گڏ سنڌ جو وجود آ
    پنج هزار پراڻو موهن جو دڙو موجود آ
    مصري وڌ مٺي آ موهن دڙي جي واري
    اي آصف علي زرداري

    سنڌ اسان جي ماءُ آ، ماءُ ۾ سئو ساهه آ
    مهربان ماءُ جو ڇوٿو ٿئين مياري
    اي آصف علي زرداري

    ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ اچي ٿي
    ڪينجهرکان ڪارونجهر تائين موج مچي ٿي
    پوءِ حيدرآباد جي حدن کان الڳ ڇو مٽياري
    اي آصف علي زرداري

    ڪراچي سنڌ جو گاديءَ هنڌ
    هرڪو مڃي ٿو ساڃهه وند
    سنڌي ڪري ٿو خوب پسند
    ته ماڳ اسان جا ملير ۽ لياري
    اي آصف علي زرداري

    پر سنڌ جي تقسيم جو تو پاپ ڪيو هو
    پراون ۽ پنهجن لاءِ تو ماپ ڪيو هو
    ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ تو ڪئنچي ڪٿان ڌاري
    اي آصف علي زرداري

    هي غلطي نه هئي غلطان هو
    ڪو موت جو سامان هو
    ڪراچي کان ڪشمور تائين هر سنڌي پريشان هو
    قوم کان معافي گهرو هن ڏوهه جا ڏوهاري
    اي آصف علي زرداري

    سنڌ جي وجود جو سئودو ڪيو اٿوَ
    ڌارين کي تقسيم جو موقعو ڏنو اٿوَ
    سنڌ جي عوام جي ڪئي دل آزاري
    اي آصف علي زرداري

    پر سنڌ جو سئودو ڏاڍو سستو ڪيو اٿوَ
    ڌارين کي تقسيم جو رستو ڏنو اٿوَ
    آئينده اهڙي گناهه کان توبه ڪيو زاري
    اي آصف علي زرداري

    پر سنڌ جي عوام جي توهين ڪئي اٿوَ
    ووٽ جي انعام جي توهين ڪئي اٿوَ
    پي پي کي سنڌ ۾ نقصان ڏنوَ ڀاري
    اي آصف علي زرداري

    ڪمشنري نظام بحال ڪيو
    نه سنڌ کي بنگال ڪيو
    پورا ڀلي پنج سال ڪيو
    اقتدار جا پوڄاري
    اي آصف علي زرداري

    بينظير جي قاتلن سان
    دهشتگردن دادلن سان
    هميشه ويري ظالمن سان
    پڪي تنهنجي ياري
    اي آصف علي زرداري

    سنڌ جا اي ميمبرو فرض پنهنجو ڀانئجو
    ڌرتيءَ جو قرض ٿوَ قرض پنهنجو لاهجو
    قاتلن سان ٺاهه ۾ ڪهڙي اٿوَ لاچاري
    اي آصف علي زرداري

    ڪراچي ۾ قتل ڪن
    پوءِ به چون امن امن
    ٻاهر ويهي ڌمڪيون ڏين
    نيت تنهين جي ڪاري
    اي آصف علي زرداري

    مفاهمت جي آڙ ۾
    ڀريا پيا ٿئي ساڙ ۾
    بد امني جي تاڙ ۾
    سدائين ڪن بمباري
    اي آصف علي زرداري

    هو ڪڏهن به ڪنهن جا ڪون ٿيا
    هر قوم سان واٺا وڙهيا
    ماڻهو هتي ماريو ڇڏن
    بارود جن وٽ ڀاري
    اي آصف علي زرداري

    ڀلي پيسو انهن کي جام ڏيو
    عيش ۽ آرام ڏيو
    پوءِ به سدائين رٺا رهن
    ته سرڪاري عهدا عام ڏيو
    امن جي بحالي لاءِ فنڊ ڪيون جاري
    اي آصف علي زرداري

    دهشت جني جي سربسر
    ماڻهو ويا ٿي دربدر
    چندا وٺن سي خوب تر
    تنگ تن مان واپاري
    اي آصف علي زرداري

    وڏيرا تنهنجا وزير ٿئي
    ڪي مير ٿئي ڪي پير ٿئي
    دولت تنيهن وٽ ڍير ٿئي
    پر مزدور ڏکيو ۽ هاري
    اي آصف علي زرداري

    وڏي وزير جي چئو پچئو
    ته سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀئو
    نٿو ٿئيس ننڊ مان ڊئو
    اٿس ڀنگ جي بيماري
    اي آصف علي زرداري

    مهنتي آهي منظور وساڻ
    سياست ۾ مٽ پنهنجو پاڻ
    ڪين ڪڍي ٿو ڪنهنجي ڪاڻ
    اٿئي امن جو ڀڪاري
    اي آصف علي زرداري

    هت ڪنهنکي ڳڻي ڪنهنکي ڳڻيان
    توکي وڻيا مونکي وڻيا
    سڀ اٿئي موتن مڻيا
    ڀاڳ تن جو ڀوتاري
    اي آصف علي زرداري


    اڄ پي پي جي حڪومت ۾
    آهي عام ماڻهو مصيبت ۾
    ڏينهون ڏينهن غربت ۾
    ٿي اٿئي واڌاري
    اي آصف علي زرداري

    مهانگائي چڙهي وئي آ چوٽ
    بجلي گئس جي آهي کوٽ
    ڪنهن کي ڪيون ڪا يار رپورٽ
    وڌي وئي بيروزگاري
    اي آصف علي زرداري

    روٽي ڪپڙا اور مڪان
    سهڻو لڳي ٿو سياسي بيان
    ڪٿي ملي ٿو ڪين نشان
    ڀلي گهمي اچ چوڌاري
    اي آصف علي زرداري

    بلدياتي نظام هجي يا ڪمشنري نظام
    پر تڪليف ۾ اڄ به آهي سنڌ جو عوام
    سنڌ جي تقسيم جي تو ڇو کيئين خواري
    اي آصف علي زرداري

    بيڏوهي ٻَڌا وڃن
    ڏوهه ڪندڙ ڇڏيا وڃن
    عدالت وارا به ڪين ٻڌن
    ڪاڏي وڃي خلق ويچاري
    اي آصف علي زرداري

    شهيد بي بي قبر مان هي سوال ڪري ٿي
    ته سنڌ ۾ ڇو بد امنيءَ جي باهه ٻري ٿي
    ڪاڏي وئي ٿي فوج ۽ پوليس پياري
    اي آصف علي زرداري

    هاڻي مان ڪر ڪو ڌيان ڪر
    هن شهر تي احسان ڪر
    نه وڌيڪ جانيون ذيان ڪر
    ڪرآپريشن جي تياري
    اي آصف علي زرداري

    انصاف توکان ٿا گهرون
    ڌارين هٿان بک ٿا مرون
    توکان سواءِ ڪنهنکي چئون
    ٻڌ عيسيٰ جي آهه زاري
    اي آصف علي زرداري

    محمد عيسيٰ ڀٽو
    08-08-2011
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو