متحده جي مهاجر طرف ڪلابازي

'راءِ شماري' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    2008ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڀني پارٽين کان ٿورو وڌيڪ سيٽون کڻي سادي اڪٽريت سان ڪاميابي ماڻي ۽ ٻين پارٽين کي ساڻ کڻي اتحاد ٺاهي مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي جنهن ۾ متحده قومي مومينٽ کي به ساڻ کنيو ويو، پنجاب ۾ (ن) ليگ جي اڪٽريت هئي جيڪا پنجاب صوبي ۾ اڪيلي سر حڪومت ڪري پئي، خيبر پختون خوا ۾ اي اين پي کي اڪثريت حاصل هئي جنهن پيپلز پارٽي سان اتحاد ڪري مخلوط حڪومت ٺاهي ۽ بلوچستان ۾ به پيپلز پارٽي مخلوط حڪومت جوڙي جيڪا اڃا تائي قائم دائم آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي واضع اڪثريت هوندي به صوبي جي مخصوص حالاتن کي نظر ۾ رکندي پيپلز پارٽي متحده قومي مومينٽ سان اتحاد ڪيو، محض ان ڪري ته سنڌ صوبي جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال قائم رهي سگهي جتي متحده قومي مومينٽ کي اڪثريت حاصل آهي، پيپلز پارٽي متحده قومي مومينٽ کي حڪومت ۾ حصيدار بڻائيندي مرڪز ۾ 2 چونڊ وزارتون ۽ صوبي ۾ 6 وزارتون ۽ ڪجهه صلاحڪاريون ڏنيون. شروع ۾ متحده قومي مومينٽ جي چوڻ مطابق ته هنن جو پيپلز پارٽي سان غير مشروط اتحاد جڙيو آهي جنهن ۾ متحده قومي مومينٽ جا حڪومت سان ڪي به شرط طئي نه ٿيا آهن ۽ نه شرط طئي ڪندا سين صرف صوبي ۾ امن امان کي قائم رکڻ خاطر حڪومت ۾ شامل ٿيا آهيون وغيره. پر ان غيرمشروط حمايت پويان اڻ ڳڻيل شرطن جا ڍير رکيل هئا جيڪي وقت تي ظاهر ڪرڻ لاءِ سانڍي رکيا ويا هئا، پوءِ دنيا ڏٺو ته متحده قومي مومينٽ حڪومت کي آهسته آهسته پنهنجا شرط مڃرائڻ لاءِ ويا سوڙهو ڪندا ۽ حسب معمول ان ساڳيئي انداز تي اچي بيٺا جن جو سنڌي ماڻهن کي خدشو هو.
    هن وقت به متحده قومي مومينٽ وارا پنهنجا ڳرا شرط مڃرائڻ لاءِ حڪومت کان ڌار ٿيا رٺا ويٺا آهن جن کي پرچائي واپس آڻڻ ۾ حڪومت رڌل آهي، گذريل ساڍن ٽن سالن کان حڪومت متحده قومي مومينٽ کي ساڻ کنيون پئي اچي ته جيئن ڪراچي ۾ امن قائم رهي سگهي پر اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ جي با وجود به ڪراچي ۾ امن قائم نٿي سگهيو ته حڪومت وٽ باقي ٻيو ڪهڙو آپشن ٿو بچي، پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ کانپوءِ ڪراچي جا حالات ڏينهنون ڏينهن خراب ٿيندا رهيا، پيپلز پارٽي جي هڪ ايم پي اي نشاندهي ڪندي چيو ته سدائين پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ڪراچي اندر مار ڌاڙ شروع ٿي ويندي آهي ان پو يان جيڪي ڳجھا هٿ آهن، اهي انهن کي سڃاڻن ٿا ۽ اهو ته سڀ محسوس ڪري رهيا آهن ته ڪراچي ۾ حالات ڪير ۽ ڪهڙي تنظيم خراب ڪرائي رهي آهي. متحده قومي مومينٽ جي بليڪميلنگ کان تنگ ٿي آخر اڳوڻي صوبائي وزير داخلا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا قرآن پاڪ کي گواه بڻائيندي رمضان شريف جي آخري ڏينهن ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ پريس ڪانفرنس ڪئي جنهنکي سياسي ائٽم بم ڦاٽڻ سان ڀيٽ ڏني پئي وڃي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ان پريس ڪانفرنس ڪرڻ کانپوءِ سڀني کي ڄڻ زبان ملي وئي هجي، هر ما ڻهو متحده قومي مومينٽ خلاف ڳالهائڻ لڳو، هن کان اڳ ماضي ۾ ڪڏهن به اهڙي قسم جو مثال نٿو ملي. هن وقت اهو تاثر عام ٿيندو پيو وڃي ته جڏهن کان وٺي متحده قومي مومينٽ وجود پاتو آهي تڏهن کان وٺي ڪراچي جا حالات وقتن فوقتن انتهائي خراب ٿيندا رهيا آهن، سڀ ڪجهه خبر هوندي به ڪنهن ۾ اها جرئت ڪان هئي ته نالو وٺي اهو چون ته ڪراچي ۾ جيڪي به حالات خراب ٿين ٿا انهن ۾ ڪنهنجو هٿ آهي. ڪنهن شاعر چواڻي ته مان ڪنهن ڪنهن جي هٿ تي پنهنجو لهو تلاش ڪيان ڇو ته شهر جي سڀني ماڻهن پنهنجي هٿن تي دستانا چاڙهي رکيا آهن، پر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا انهن دستانن کي ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڳالهه کي واضع ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڀني کي سڏي رهيو آهي ته اچو ۽ قاتلن کي سڃاڻو، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته مرزا صاحب جي انهن ڳالهين ۾ ڪيترو وزن ۽ سچائي آهي، تقريبن سڀني جو اهو خيال آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪي به ڳالهيون ڪيون آهن اهي سئو فيصد صحيح آهن، ڇو ته مرزا صاحب قرآن پاڪ کي وچ تي رکي ان کي گواه بڻائي ڳالهه ڪئي آهي ته مرزا صاحب جي ڳالهه کي نه مڃڻ سوالئي پيدا نٿو ٿئي، جي ائين هن جي ڳالهين کي ڪوڙو قرار ٿو ڏجي ته قرآن پاڪ جي توهين هوندي جيڪو ڪوئي به مسلمان نٿو ڪري سگهي، خود پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت کان وٺي هيٺئين سطح جي اڳواڻن تائين ڪنهن به اهو ناهي چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪوڙ پيو ڳالهائي صرف انهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي بيانن کان لا تعلقي ظاهر ڪئي آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪي ڪجھ چيو آهي اهو ان جو ذاتي بيان آهي پيپلز پارٽي سان ان جو ڪوبه واسطو ناهي ڇو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پريس ڪانفرنس ڪرڻ دوران پيپلز پارٽي جي عهدي ۽ صوبائي وزارت تان استحيفا ڏئي ڇڏي آهي جن کي منظور به ڪيو ويو آهي.
    ڏٺو وڃي ته گذريل 20 سالن کان اهو ڊارمو هلندو پيو اچي، هڪ پاسي سياسي جماعتون پنهنجي سياسي مصلحتن تحت انهن جي ڪيل گناهن مٿان پردو وجهنديون رهيون آهن ته ٻئي پاسي عام ماڻهو، سول سوسائٽي، واپاري، ڪاروباري ماڻهو، دانشور، وڪيل، صحافي ايتري تائين جو پنهنجو پاڻ کي طاقتور طبقو چورائيندڙ ٽي وي اينڪر پرسنس به خوف ۾ ورتل هئا جيڪي متحده قومي مومينٽ خلاف زبان کولڻ لاءِ تيار نه هئا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هن وقت به اهو چئي رهيو آهي ته ڇو ته متحده قومي مومينٽ هڪ سياسي دهشتگرد تنظيم آهي جنهنجا سوين دهشتگرد ۽ ٽارگيٽ ڪلر پڪڙيا ويا آهن جيڪي سدائين سڄي شهر کي جڏهن وڻين مفلوج ڪري ڇڏيندا هئا جن شهر جي سئو سئو کان وڌيڪ ما ڻهن کي ڪتل ڪرڻ جا پڻ اعتراف ڪيا آهن ان سان اتحاد ڪرڻ وارا ملڪ جا سڄڻ ناهن. پر هن وقت به موجوده پي پي حڪومت پنهنجا پنج سال پورا ڪرڻ خاطر گٽر ۾ پنهنجا هٿ پير ٻوڙي رهي آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس ۽ JIT جون رپورٽون جيڪي ميڊيا ۾ عوام سامهون اچي ويون آهن انهن مان صاف ظاهر ٿي ويو آهي ته متحده قومي مومينٽ تي جيڪي الزام لڳايا ويا آهن سي درست هجڻ جي تصديق ڪن ٿا.
    ڪراچي جو ووٽ ڪراچي وارن جي لاءِ قتل جو سبب بڻجي ٿو، ڪراچي اندر روزبروز غير يقيني واري صورتحال سبب نيٺ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي ازخود نوٽيس وٺڻ تي مجبور ڪيو، چيو وڃي پيو ته گذريل ساڍن ٽن سالن دوران پنج هزارن کان وڌيڪ ماڻهو دهشتگردي جو شڪار بڻيا آهن، سپريم ڪورٽ پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي جنهنجي فيصلي جو پوري قوم کي شديد انتظار آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ متحده قومي مومينٽ اهو محسوس ڪري رهي هئي ته في الحال ماحول هنن لاءِ سازگار ناهي رهيو، چئو طرف متحده قومي مومينٽ خلاف آواز اٿي رهيا هئا تنهنڪري متحده قومي مومينٽ ميڊيا تي يا پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ هنن فورن ڪلابازي کائيندي متحده قومي مومينٽ بجاءِ گهڻو تڻو لفظ مهاجر استعمال ڪيو ۽ ڪراچي جي بگڙيل صورتحال کي مهاجرن جي نسل ڪشي قرار ڏنو.
    هتي اها ڳالهه واضع ڪجي ٿي ته سياسي جماعت الڳ چيز آهي ۽ قوم هڪ الڳ چيز آهي، سڀئي مهاجر متحده قومي مومينٽ ۾ ناهن، سڀئي پٺاڻ اي اين پي ۾ ناهن، سڀئي سنڌي پي پي ۾ ناهن يا سڀئي پنجابي مسلم ليگ (ن) ۾ ناهن جڏهن ته بلوچستان ۾ سياسي صورتحال ٻين صوبن کان ڪجهه مختلف آهي پر متحده قومي مومينٽ پنهنجي ڪريل سياسي ساک کي بچائڻ خاطر باربار مهاجر لفظ استعمال ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن مهاجر ڪميونٽي هنن جي هٿان نه نڪري وڃي، جيڪڏهن متحده قومي مومينٽ جي اها دعويٰ صحيح مڃجي ته پوءِ دهشتگردي جي حوالي سان جيڪي حقيقتون متحده قومي مومينٽ جي خلاف سامهون اچي رهيون آهن ته ڇا سڀني مهاجرن کي دهشتگرد سڏيو ويندو ته ڇاٻين معصوم مهاجرن سان ناانصافي نه ٿيندي جيڪي خود ڪراچي ۾ هرروز دهشتگردي جو شڪار بڻجندا رهن ٿا.
    اهو ته پاڻ به 25 سالن کان وٺي ڪراچي ۾ رهندي لڪاءُ ڏسي رهيا آهيون ته متحده قومي مومينٽ هر سياسي جماعت ۽ هر قوم سان ويڙهه کاڌي آهي جنهن مان هنن خوب سياسي فائدا حاصل ڪيا آهن پر جيڪي جانيون ضايع ڪرايون ويون آهن تن جا ذميوار به پاڻ آهن ته پوءِ اهو تاثر ڏيڻ ته مهاجرن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي اهو سراسر ڪوڙ آهي. هاڻي غور ڪيو وڃي ته مهاجرن جي اصل نسل ڪشي ڪير ٿو ڪري، وڪي ليڪس جي رپورٽ مطابق ته ڪراچي ۾ پنجويهه هزارن کان وڌيڪ هٿياربند ٽولو موجود آهي جن جو تعلق متحده قومي مومينٽ سان آهي جيڪي قيادت جي حڪم تي هروقت ويڙهه لاءِ تيار هوندا آهن، پر هتان جي رپورٽ ته ان کان به وڌيڪ تعداد ٻڌائي رهي آهي. ڪراچي هڪ اهڙو شهر آهي جيڪو دنيا جي هر نعمت ۽ صحولت سان مالا مال ٿيل آهي، سنڌ صوبي جي ماڻهن کان علاوه ٻين صوبن توڙي ملڪن جا ماڻهو هتي اچي تعليم به حاصل ڪن ٿا ته روزگار به ڪن ٿا، ڪراچي پڙهيل لکيل ماڻهن سان سڃاتو ويندڙ شهر مشهور آهي جنهنکي ڪنهن زماني ۾ روشنين جو شهر به چيو ويندو هو، هن بين الاقوامي شهر ۾ جٿي هر قسم جون نجي توڙي سرڪاري يونيورسٽيز، ڪاليجز ۽ اسڪولز دروازي تي موجود هجن، جٿي روزگار جا هزاران جي تعداد ۾ موقعا فراهم ٿيل هجن ته پوءِ هنئي شهر جي نوجوانن جي هٿن ۾ هٿيار ڇو؟ جن جي هٿن ۾ قلم هجڻ کپندو هو اڄ انهن جي هٿن ۾ جديد قسم جا هٿيار ڏنا ويا آهن، جن کي عزت ڀريو روزگار ڪرڻ کپندو هو اڄ اهي گلين جي گنڊن طور سڃاتا وڃن ٿا ته ان کان وڌيڪ ٻي هنن لاءِ ڪهڙي نسل ڪشي ٿي سگهي ٿي. گذريل ويهن سالن کان ڪراچي ۾ جيڪا خونريزي ٿي چڪي آهي جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو مري چڪا آهن جن ۾ وڌيڪ تعداد مهاجر ڪميونٽي جو آهي جنهنجي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا نشاندهي ڪري چڪو آهي ته ڪراچي اندر بيگناهه ماڻهن جو جيڪو رت وهايو ٿو وڃي ان جا ذجيوار به اهي آهن جيڪي ڪراچي جي مينڊيٽ جا دعويدار آهن جيڪي بندوق جي زور تي ووٽ وٺي وڃن ٿا.
    هاڻي غور ڪيو ته اهو سڀ ڪجھ ڇو پيو ڪيو وڃي ۽ ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن، ڪنهن سياسي ڏاهي جو چوڻ آهي ته اهو سڀ ڪجھ ان ڪري ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ڪجھ شهرن کي گڏائي نئين صوبي ٺاهڻ جي ڪوشش آهي جنهنجي منصوبي تي ڳجهي نموني ڪم ٿي رهيو آهي، تنهنڪري متحده قومي مومينٽ هنن نوجوانن جو ان طرف ذهن واش ڪيو آهي ۽ انهنکي هر قرباني ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ جو چيو ويو آهي، اهو اهڙي طرح هنن نوجوانن جو ذهن واش ڪيو ويو آهي جهڙي طرح قبائلي علائقن ۾ خودڪش بمباري لاءِ نوجوانن توڙي ننڍن ٻارن جي ذهن کي واش ڪري انهن کي موت لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي ته توهان جي مري وڃڻ کانپوءِ توهانجي ڪابه قبر نه هوندي توهان سڌا سوان جنت ۾ هليا ويندا. ڪراچي سنڌ جو گادي هنڌ آهي، اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته سنڌي ماڻهو ان کي پنهنجي هٿان وڃڻ ڏيندا ۽ اهو عمل ڪيتري قدر آسان ٿي سگهي ٿو اهو ته وقت ٻڌائيندو، پر ڪراچي جي ماڻهن کي پنهنجي نسلي ڪشي جي باري ۾ پاڻ سوچڻو پوندو ته انهن جي نسل ڪشي جا اصل ذميوار ڪير آهن.

    محمد عيسى ڀٽو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو