• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊو باگو تڪ تي چونڊ لاءِ حسنين مرزا ۽ پپو شاهه سميت 21 اميدوارن جا فارم جمع

يونس ملڪاڻي

سينيئر رڪن
بدين ضلعي جي تڪ ٽنڊو باگو پي ايس 57 تي پيپلز پارٽي جي اميدوار بئريسٽر حسنين مرزا، (ق) ليگ جي سيد علي بخش شاهه عرف پپو شاهه ۽ هم خيال جي حاجي سائين بخش جمالي سميت 21 اميدوارن جا نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا، ٽنڊو باگو پي ايس 57 تڪ تي ضمني اليڪشن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ لاءِ اميدوار حسنين مرزا 400 گاڏين جي جلوس سان ڊپٽي اليڪشن ڪمشنر آفيس بدين پهتو، ساڻس گڏ پ پ تعلقي بدين جو سيڪريٽري ڪمال خان چانگ، غلام قادر ملڪاڻي، ڊاڪٽر عزيز ميمڻ ۽ ٻيا گڏ هئا، فارم جمع ڪرائڻ وقت حسنين مرزا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندس، پارٽي ۽ عوام مون سان گڏ آهي، هن چيو ته بابا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ذاتي حيثيت سان منهنجي مدد ڪندو، (ق) ليگ جي سيد علي بخش عرف پپو شاهه چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ۾ ڌانڌلي نه ٿي ته آئون ڪامياب ٿيندس، هم خيال گروپ جي اميدوار سائين بخش جمالي چيو ته ضمني اليڪشن ۾ پ پ ڌانڌلي ڪندي ڇو ته رياستي مشينري انهن سان گڏ آهي، ان جي باوجود اليڪشن ۾ مقابلو ڪنداسين، جيڪڏهن ڌانڌلي نه ٿي ته اليڪشن کٽي ڏيکارينداسين، اليڪشن لاءِ فارم ڀرائڻ لاءِ آيل ٽنڊو باگو شهر جو رهواسي آصف رضا سوا چار وڳي فارم کڻي پهتو ته ڊپٽي اليڪشن ڪمشنر نور محمد مري وقت گذري وڃڻ جو چئي کانئن فارم نه ورتو ۽ فارم جمع ڪرائڻ وارن ٻين اميدوارن ۾ متحده جو صلاح الدين، پونجو مل، آسو مل، جمعيت علماءِ اسلام جو عبدالله سنڌي، سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين اشرف نوناري، آزاد اميدوار خدا بخش ملاح ۽ ٻيا شامل آهن، هوڏانهن ڊپٽي اليڪشن آفيسر ۽ رٽرننگ آفيسر نور محمد مري تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته پي ايس ٽنڊو باگو تڪ تي ٽوٽل هڪ لک 19 هزار 140 ووٽ رجسٽرڊ آهن، جن مان 45 هزار 776 عورتن جا آهن، پولنگ اسٽيشنن مان 11 عورتن لاءِ، 11 مردن لاءِ ۽ 94 گڏيل آهن، هن چيو ته 490 بوٿ قائم ڪيا ويا آهن، جن تي 116 پرزائيڊنگ آفيسر، 490 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ 245 پولنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن.
 
Back
Top