هڪ نوجوان هڪ سپر مارڪيٽ ۾ شاپنگ ڪرڻ دوران محسوس ڪيو ته هڪ ڪراڙي عورت هن جو پيڇو ڪري رهي آهي۔۔ جڏهن هُو بيهي ٿي رهيو ته عورت به بيهي ٿي رهي ۔۔ ۽ جڏهن هواڳتي وڌيو ٿي ته عورت به اڳتي ٿي وڌي۔۔
آخرڪار ڪجهه وقت کان پوءِ ان ڪراڙي عورت نوجوان کي چيو۔۔ ”مون کي اميد آهي ته منهنجي پيڇو ڪرڻ کي تو دل ۾ نه ڪيو هوندو۔۔ دراصل تون منهنجي مرحوم پٽ وانگر ٿو لڳين۔۔“
نوجوان مسڪرائيندي چيو ته ۔۔”امڙ خير آهي۔۔۔“
ان پوڙهي عورت وڌيڪ چيو ته ۔۔۔ ”اهو مناسب ته ناهي پر توهان کي هڪ درخواست آهي ته جڏهن مان ڪائونٽر تان ٿيندي ٻاهر نڪران ته امان چوندي جي مون کي خداحافظ چئو ته مون کي توهان طرفان پٽ جهڙي تسڪين ملندي۔۔“
نوجوان مسڪرائيندي حامي ڀري۔۔۔ ۽ جڏهن عورت ڪائونٽر تي پهچي کيس ڏٺو ته نوجوان آواز ڏيندي کيس چيو ۔۔ ” خدا حافظ۔۔۔ امان“
نوجوان اڄ ڪافي دلي تسڪين محسوس ڪري رهيو هيو ته هن هڪ عورت جي احساسن جو قدر ڪيو آهي۔۔
جڏهن ڪائونٽر تي اچي هن بل پڇيو ته ڪائونٽر ڪلرڪ کيس 12185 روپيه ٻڌايو۔۔
نوجوان حيران ٿيندي پڇيو۔۔ ”ائين وري ڪيئن ۔۔۔ مون ته رڳو پنج ائٽم ورتا آهن۔۔۔“
ڪلارڪ ورندي ڏني۔۔ ”ها ۔۔۔ پر توهان جي امان چيو هو ته سندس بل به توهان ادا ڪندو۔۔۔“