شهرن جا ٽوائيلٽ به عجيب ۔۔۔ هڪ دفعي شهر بازار ڏانهن وڃڻ ٿيو۔۔ اڃان ڪجهه ئي وقت گذريو ته حاجت جي ضرورت پيش ٿي۔۔ هاڻي اهڙي صورتحال جو به ڇا ڪجي۔۔۔ پڇا ڪندي ڪيبن نما ٽوائليٽس تي پهتس۔۔ ۽ هڪ ڪيبن ۾ هليو ويس۔۔۔ اڃان رفاء حاجت لاءِ ويٺس ئي مس ته ڀرسان واري ڪيبن مان آواز آيو۔۔۔ ”هان۔۔۔۔۔۔۔ ڪهڙا حال آهن۔۔؟“ اهڙي صورتحال ڪڏهن مون سان پيش نه آئي هئي نه وري مان ٽوائليٽ ۾ ڳالهائڻ پسند ڪندو آهيان ۔۔ پر سوچيم جواب نه ڏيڻ متان بداخلاقي ۾ اچي ان ڪري چيم۔۔۔ ”بلڪل ٺيڪ آهيان۔۔“ منهنجو جواب ٻڌي ڀرسان واري ڪيبن واري همراهه پڇيو۔۔۔ ”هان۔۔۔ ته ڇا پيو ٿئي۔۔؟“ اهو ڪهڙي قسم جو سوال آ۔۔ سوچيم پر وري بداخلاقي جو سوچي جواب ڏنم۔۔۔ ”شاپنگ ڪرڻ آيو هيم ۔۔ زور پيو ته هليو آيس۔۔۔“ هاڻي منهنجي ڪوشش هئي ته جلدي جلدي فارغ ٿي ٻاهر نڪران۔۔ ته همراهه پڇيو۔۔۔ ”مان اچان ڇا۔۔۔؟“ ان سوال ته مون کي پريشان ڪري ڇڏيو۔۔۔ ان ڪري تڪڙو جواب ڏئي نڪرڻ جو سوچيم۔۔۔ ”نه في الحال مان مصروف آهيان۔۔۔“ جنهن کان پوءِ مون ٻڌو جهڙوڪ همراه پريشان ٿيو هجي۔۔۔ ”ٻڌ۔۔! مان توکي بعد ۾ ڪال ڪريان ٿو۔۔۔ هتي ڀرسان وري ٽوائلٽ ڪيبن ۾ هڪ بيوقوف ويٺو آهي۔۔ جيڪو توکان پڇيل سمورن سوال جو جواب پيو ڏئي۔۔۔ “ هاءِ ڙي اڄ جي موبائيل جو زمانو۔۔۔ انگريزي ليک تان ترجمو ڪيل
جواب: بيوقوف۔۔۔۔۔ ابا رشيد اها حالت هاڻ روڊ تي هلندي به پيش پئي اچي ۔۔۔ اوهان چوندا اهو وري ڪيئن ۔۔؟؟؟ ٻڌو ڪجهه ڏينهن ئي ٿيا ته ۔۔۔ پويان ڪنهن چيو السلام عليڪم ۔۔۔ مون پوئتي ورائي ڏٺو ته هڪ همراه کلندو پيو اچي، مون کائنس ڏانهن منهن ڪري وعليڪم السلام چيو ۔۔۔ جڏهن ويجهو آيو ته چيائين، ”انت حمار“ مطلب تون گڏهه آهين، مو سوچيو همراه چريو ته ناهي ٿيو، پر همراه مونکان گذري هليو ويو ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو ويو ۔۔۔ گهڙي کن لئه ته آ حيران پريشان ۔۔۔ خئير جلد ئي سمجهه ۾ اچي وئي ته ڪنن ۾ بلو ٽوٽ لڳل هيس ۽ فون کيسي ۾ هيس ۽ همراه فون تي ڳالهائيندي ٿي ويو ۔۔۔۔ ٿي نه پاڻ سان به وڏي ۔۔۔۔ واه ڙي ٽيڪنالاجي ۔۔۔۔
جواب: بيوقوف۔۔۔۔۔ ان کي چوندا آهن ته "سياڻو ڪانوء ٻئي ٽنگو ڦاٿو " هههههههههههههه هههههههههههههههههه هههههههههههههههههههههههه