نثارابڙو
نائب منتظم
Costa Concodia ڪوسٽا ڪونڪوڊيا........
اطالوي بحري جهاز

http://imageshack.us
دوستو! تازو اٽليءَ جو سڀ کان وڏو بحري جهاز ” ڪوسٽا ڪونڪوڊيا“ پاڻيءَ جي سيني تي 13 جنوريءَ جي رات جو ليٽي پيو ۽ پنهنجي 6 ساله عاليشان تاريخ کي پاڻيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ...
هن جهاز ۾ 3206 مسافر ۽ 1023 عملو موجود هو، جيتوڻيڪ مري وڃڻ ماڻهن جو انگ ڪو گهڻو ناهي پر پوءِ به نقصان تمام گهڻو ٿيو آهي ۽ اڃان ڪيترا ئي ماڻهون اڻلڀ آهن ...
هي بحري جهاز عياشيءَ جو اڏو هيو، جنهن ۾ 1500 ڪمرا موجود هيا، جن مان ڪمرن505 کي پنهنجيون بالڪونيون هيون ۽ وهنجڻ جا ٽب ۽ حوض، مالش خانه، شراب خانه، جوا خانه، ناچ خانه طعام و قيام جو مڪمل بندوبست ۽ هر قسم جي عياشيءَ ۽ آرام جو سامان ميسر هيو ....
انسان عياشي ڪندي اهو وساري ويهي ٿو ته مٿان به ڪا هستي آهي جيڪا اسانجي افعالن تي نظر رکي ٿي، جڏهن ته اڃان دنيا ۾ ظلم، غربت، ڏاڍ، بيماري بدحالي موجود آهي، ان بدحاليءَ کي ختم ڪرڻ به انسان جي ذمي ڪيو ويو آهي ۽ الله ذوالجلال انسان کي پنهنجو خليفو ڪري اهو ڪم سونپيو آهي پر شايد اسانکي ” الست بربڪم“ ۽ ” قالو بلا“ وارو قول وسري ويا آهن ...
قرآن شريف ۾ الله تعالا انسان سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته ” او ٻيڙين وارا جڏهن اوهان اونهي سمنڊ ۾ وڃو ٿا ۽ اوهانکي تيز هوائون ۽ ٻيون مصيبتون گهيرين ٿيون ۽ اوهانجي ٻيڙي لڏڻ شروع ڪري ٿي ته اوهان سچي دل سان مونکي پڪاريو ٿا، پوءِ آءُ اوهانکي بچائي ڪناري ڪريانٿو، اوهان جڏهن ڪناري اچو ٿا ته مونکي وساري وري پنهنجي پراڻي ڪرت سان لڳي وڃو ٿا“
عبرت جو مقام آهي، حيرت جو سامان ميسر آهي، پر آهي جو سبق حاصل ڪري ...
بيشڪ اهو ئي آهي جنهنجي هٿ وس سموري ڪائنات جو ڪاروبار آهي ... ڍڪج ڍولڻهار! ڏئي پاند پناهه جو“