• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

Costa Concodia ڪوسٽا ڪونڪوڊيا

نثارابڙو

نائب منتظم
Costa Concodia ڪوسٽا ڪونڪوڊيا........
اطالوي بحري جهاز


http://imageshack.us

article-2086527-0F760AA100000578-587_964x641.jpg


article-2086527-0F7481AC00000578-276_964x595.jpg



دوستو! تازو اٽليءَ جو سڀ کان وڏو بحري جهاز ” ڪوسٽا ڪونڪوڊيا“ پاڻيءَ جي سيني تي 13 جنوريءَ جي رات جو ليٽي پيو ۽ پنهنجي 6 ساله عاليشان تاريخ کي پاڻيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ...

هن جهاز ۾ 3206 مسافر ۽ 1023 عملو موجود هو، جيتوڻيڪ مري وڃڻ ماڻهن جو انگ ڪو گهڻو ناهي پر پوءِ به نقصان تمام گهڻو ٿيو آهي ۽ اڃان ڪيترا ئي ماڻهون اڻلڀ آهن ...

هي بحري جهاز عياشيءَ جو اڏو هيو، جنهن ۾ 1500 ڪمرا موجود هيا، جن مان ڪمرن505 کي پنهنجيون بالڪونيون هيون ۽ وهنجڻ جا ٽب ۽ حوض، مالش خانه، شراب خانه، جوا خانه، ناچ خانه طعام و قيام جو مڪمل بندوبست ۽ هر قسم جي عياشيءَ ۽ آرام جو سامان ميسر هيو ....

انسان عياشي ڪندي اهو وساري ويهي ٿو ته مٿان به ڪا هستي آهي جيڪا اسانجي افعالن تي نظر رکي ٿي، جڏهن ته اڃان دنيا ۾ ظلم، غربت، ڏاڍ، بيماري بدحالي موجود آهي، ان بدحاليءَ کي ختم ڪرڻ به انسان جي ذمي ڪيو ويو آهي ۽ الله ذوالجلال انسان کي پنهنجو خليفو ڪري اهو ڪم سونپيو آهي پر شايد اسانکي ” الست بربڪم“ ۽ ” قالو بلا“ وارو قول وسري ويا آهن ...

قرآن شريف ۾ الله تعالا انسان سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته ” او ٻيڙين وارا جڏهن اوهان اونهي سمنڊ ۾ وڃو ٿا ۽ اوهانکي تيز هوائون ۽ ٻيون مصيبتون گهيرين ٿيون ۽ اوهانجي ٻيڙي لڏڻ شروع ڪري ٿي ته اوهان سچي دل سان مونکي پڪاريو ٿا، پوءِ آءُ اوهانکي بچائي ڪناري ڪريانٿو، اوهان جڏهن ڪناري اچو ٿا ته مونکي وساري وري پنهنجي پراڻي ڪرت سان لڳي وڃو ٿا“

عبرت جو مقام آهي، حيرت جو سامان ميسر آهي، پر آهي جو سبق حاصل ڪري ...

بيشڪ اهو ئي آهي جنهنجي هٿ وس سموري ڪائنات جو ڪاروبار آهي ... ڍڪج ڍولڻهار! ڏئي پاند پناهه جو“
 
جواب: Costa Concodia ڪوسٽا ڪونڪوڊيا

عبرت جو مقام آهي، حيرت جو سامان ميسر آهي، پر آهي جو سبق حاصل ڪري ...
محترم سائين واقعي عبرت جو مقام آهي۔ اهڙي قسم جا ڪافي مثال تخليق ڪائنات کان وٺي اڄ تائين رونما ٿي چڪا آهن۔ دعا آهي ته شال مولا ڪريم اسانکي ان مان عبرت حاصل ڪرڻ جي توفيق مرحمت عطا فرمائي آمين۔
 
جواب: Costa Concodia ڪوسٽا ڪونڪوڊيا

رب پاڪ جي ذات وڏي آهي ۽ اهائي هر شيء تي قادر آهي ۔۔۔۔

پوء به انسان جي ايجاد ۽ انسان جي دماغ جي استعمال کي به مڃڻو پوندو ۽ مڃتا ڏيڻي پوندي۔ هي هيڏو وڏو جهاز جيڪو ڪا وڏي عمارت پيو لڳي سو لاڳيت 6 سال سمنڊ جهاڳيندو رهيو آهي۔

پر پوء به قدرت جي مرضيء اڳيان بيوس ۽ مجبور آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ رب پاڪ سڀني کي پنهنجي پناهه ۾ رکي ۽ سنئين واٽ تي هلڻ جي توفيق ڏي۔۔۔۔۔آمين
 
جواب: Costa Concodia ڪوسٽا ڪونڪوڊيا

۔ دعا آهي ته شال مولا ڪريم اسانکي ان مان عبرت حاصل ڪرڻ جي توفيق مرحمت عطا فرمائي آمين۔

رب پاڪ سڀني کي پنهنجي پناهه ۾ رکي ۽ سنئين واٽ تي هلڻ جي توفيق ڏي۔۔۔۔۔آمين
 
جواب: Costa Concodia ڪوسٽا ڪونڪوڊيا

انسان دنيا جي مستين ۾ اهو وساري ويهي ٿو ته الله سائين سڀ کان ڏاڍو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هيڏو وڏو جهاز پل ڀر ۾ تباهه ٿي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

عبرت جو مقام آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: Costa Concodia ڪوسٽا ڪونڪوڊيا

هي بحري جهاز عياشيءَ جو اڏو هيو، جنهن ۾ 1500 ڪمرا موجود هيا، جن مان ڪمرن505 کي پنهنجيون بالڪونيون هيون ۽ وهنجڻ جا ٽب ۽ حوض، مالش خانه، شراب خانه، جوا خانه، ناچ خانه طعام و قيام جو مڪمل بندوبست ۽ هر قسم جي عياشيءَ ۽ آرام جو سامان ميسر هيو ....

محترم نثار ابڙو۔جهاز جو مٿيون مصرف جيڪو اوهان پنهنجي ليک ۾ ٻڌايو آهي ،الله پاڪ جي قهر کي دعوت ڏني ۽ ايڏو وڏو جهاز جيڪو ڇهن سالن تائين سمنڊ جو سينو چيري سفر ڪري رهو هئو۔هڪدم تباه ٿئي ويو۔رب العزت انسان کي گهمرائي ۽ برائين کان روڪڻ لاء هر روز ڪو نه ڪو مثال سامهون آڻي ٿو پر ان جي باوجود به اسان ان مان ڪو سبق نه ٿا حاصل ڪيون ۽ زندگي غفلتن ۾ پيا گذاريون۔شل الله پاڪ اسان کي نيڪ هدايت ڏئي صحيحي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
 
جواب: Costa Concodia ڪوسٽا ڪونڪوڊيا

ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔بيشڪ الله پاڪ هر شي تي قادر آهي۔هر برائي کا هڪ ڏينهن ختم ٿيڻو آهي۔ايڏو مضبوط جهاز لڳتار ڇهه سال سمنڊ جو سينو چيريندو رهيو ۽ ان کي ڪنهن قسم جو ڪو نقصان نه پهتو ۽ جڏهن ان ۾ پاپن جو گهڙو ڀرجي ويو ته الله سائين جي ڏمر سان ٿورين گهڙين ۾ ٻڏي تباه ٿئي ويو۔ان کان اڳ ۾ هڪ ٻيو جهاز ٽائٽنڪ جي نالي سان به انهئي طرح سمنڊ ۾ غرق ٿئي ويو هئو۔جڏهن ٽاٽئنڪ جهاز ٺاهيو ويو هئو ته ان کي سڀني کان وڌيڪ مضبوط ۽ سيف جهاز چيئو ويو هو۔بقول ڪجه ماڻهن جي ته ان جهاز جي مالڪن اها به دعوائي ڪئي هئي ته هن کي ڪير به ٻوڙِي يا نقصان نه ٿو پهچائي سگهيئ۔الله پاڪ کي اهو غرور پسند نه آيو ۽ تمام گهٽ وقت ۾ اهو جهاز ٻڏي تباه ٿئي ويو۔اڄ توهان جون موڪليل هئي تصويرون ۽ ويڊيو ڏسي اسان کي ٽاٽئنڪ جهاز جو انجام ياد اچي ويو۔توهان جا لک لائق۔
 
Back
Top