جواب: موبائيل سيٽ ڪيئن بلاڪ ڪرايان
دوست عامر سومرو صاحب ۔۔ اهو ٻڌي ڪافي افسوس ٿيو ته توهان جو سيٽ ڪنهن چوري ڪري ورتو۔۔۔
هوئن ته پاڪستان قانون موجود آهي ته هر چوري ٿيندڙ موبائيل فون کي بلاڪ ڪرائجي۔۔۔ ۽ جي ان تي سختي سان عمل ٿئي ته هوند اهڙيون وارداتون ختم ٿي وڃن ۔۔۔ پر اهڙين شڪايتن تي وس وارا بلڪل به ڪن ڪونه ٿا ڏين ۔۔ جي اهڙيون چوريون ٿيندڙ موبائيل سيٽس بلاڪ ٿين ته مارڪيٽن ۾ استعمال شده موبائيل بلڪل نه ملن ۔۔۔ ۽ وري پاڪستان ۾ موبائيل مارڪيٽ جا ريٽ به چڙهيل هجن۔۔۔
خير منهنجو مقصد توهان کي دل شڪستا ۽ مايوس ڪرڻ ناهي ۔۔۔ توهان کي گهرجي ته فوري طور
CPLC يعني
Citizen Police Liaison Committee جي نمبر
021-35662222 تي ڪال ڪري پنهنجي شڪايت نوٽ ڪرايو۔۔ ساڳي شڪايت پوليس هيلپ لائين 15 تي به نوٽ ڪرائي سگهجي ٿي يا وري
PTA يعني
Pakistan Telecom Authority جي ٽول فري نمبر
0800-25625 تي به ڪرائي سگهجي ٿي۔۔۔
ڪال دوران توهان کان سيٽ بابت بنيادي معلومات يعني
IMEI number پڻ معلوم ڪيو ويندو جيڪو هر موبائيل سيٽ تان #06* پريس ڪري معلوم ڪبو آهي يا وري سيٽ ۾ بيٽري جي هيٺان واري جاءِ تي لکيل هوندو آهي۔۔۔
چاهيو ته
CPLC کي
021-35683336 نمبر تي لکت ۾ درخواست پڻ فيڪس ڪري سگهو ٿا۔۔۔ يا وري
imei@pta.gov.pk ايڊريس تي اي ميل پڻ ڪري سگهو ٿا۔۔ يا وري ج
http://www.cplc.org.pk/imei_form.php سائيٽ تي آن لائين شڪايت موڪلي سگهو ٿا۔۔
ان سڀ کان علاوه اسان دعا ئي ڪري سگهو ٿا۔۔۔