• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر واري آئي ٽي انجنيئر ارفع ڪريم جو انتقال

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
21bknir.jpg

دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر ۾ مائڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ انجنيئر جو اعزاز حاصل ڪندڙ پاڪستان جي ارفع ڪريم ڪالهه 16 سالن جي عمر ۾ انتقال ڪري وئي۔ ان خبر ماحول کي دکدائڪ ڪري ڇڏيو آهي۔

ياد رهي ته 1995ع ۾ جنم وٺندڙ ارفع ڪريم 9 سالن جي عمر ۾2004 ۾ مائڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل امتحان پاس ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو۔ سندس اهڙي ڪاوش تي دنيا حيران رهجي وئي ۽ مائڪرو سافٽ جي مالڪ بل گيٽس ساڻس ملاقت ڪئي۔ هن کي فاطمه جناح گولڊ ميڊل، سلام پاڪستان ايوارڊ سان گڏ صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي سان به نوازيو ويو۔

هوء 16 سالن جي عمر ۾ ڪالهه وفات ڪري وئي۔ هوء گذريل 26 ڏينهن کان ڪوما ۾ هئي ۽ مرگهي جي دوري سبب سي ايم ايڇ لاهور ۾ داخل هئي۔​

2ign1qb.jpg

جواب: دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر واري آئي ٽي انجنيئر ارفع ڪريم جو انتقال

هر جاندار کي فنا ٿيڻو اهي پر سندس عمر ۽ لياقت جو ٻڌي ڪري افسوس ٿيو

سدائين گڏ
 
بيشڪ هو فخرپاڪستان هئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن پاڪستان جو نالو دنيا ۾ روشن ڪيو

وڏو افسوس ٿيو
 
جواب: دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر واري آئي ٽي انجنيئر ارفع ڪريم جو انتقال

ها يار واقعي ارفع ڪريم بلند ترين حوصلن جي مالڪ هئي۔ ارفع جي معنا ئي بلند آهي۔ ڪريم جي معنا کان ته سڀ دوست واقف آهن۔ دعا آهي ته شال مولا ڪريم ارفع ڪريم جي مغفرت فرمائي ڪري کيس کي جنت ۾ ارفع مقام عطا فرمائي آمين۔
 
جواب: دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر واري آئي ٽي انجنيئر ارفع ڪريم جو انتقال

ننڍڙِِي ارفع ڪريم جهڙو ٽيلِنٽ الله پاڪ گهٽ ماڻهن کي عطا فرمايو هوندو۔نوان سالن جي عمر ۾ مائيڪرو سافٽ پروفيشنل سرٽفيڪٽ ايگزام پاس ڪرڻا ڪا ننڍي ڳاله نه آهي۔بيشڪ هو پاڪستان جي فخر هئي۔الله سائين الائي ڇو ان قسم جي سٺين نفسن کي جلد هن دنيا مان گهرائي وٺندو آهي۔موت ته برحق آهي پر معصوم ارفع جي ناگهاني وفات تي موت پاڻ به رنو هوندو۔الله پاڪ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلئ و بالعئ مقام عطا فرمائي۔ڏاڍي ڏک جي خبر آهي۔
 
جواب: دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر واري آئي ٽي انجنيئر ارفع ڪريم جو انتقال

اناالله وانااليه راجعون۔
ڏاڍي ڏک واري خبر آهي۔اڃا هنن جي عمر ڇا هئي۔ڪجه ڏينهن اڳ ۾ ته ڊاڪٽرن چيو هئو ته ارفع ڪريم جي باڊي رسپانس ڏيڻ شروع ڪيو آهي ۽ انهن جي جلدي صحتيابي جي خبر ڏني هئن پر اچانڪ بيبي جي موت جي خبر ٻڌي اسان کي شاڪ لڳو۔رب العزت بيبي جي مغفرت ڪري ۽ انهن کي جنت عطا فرمائي۔
 
Back
Top