دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر ۾ مائڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ انجنيئر جو اعزاز حاصل ڪندڙ پاڪستان جي ارفع ڪريم ڪالهه 16 سالن جي عمر ۾ انتقال ڪري وئي۔ ان خبر ماحول کي دکدائڪ ڪري ڇڏيو آهي۔
ياد رهي ته 1995ع ۾ جنم وٺندڙ ارفع ڪريم 9 سالن جي عمر ۾2004 ۾ مائڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل امتحان پاس ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو۔ سندس اهڙي ڪاوش تي دنيا حيران رهجي وئي ۽ مائڪرو سافٽ جي مالڪ بل گيٽس ساڻس ملاقت ڪئي۔ هن کي فاطمه جناح گولڊ ميڊل، سلام پاڪستان ايوارڊ سان گڏ صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي سان به نوازيو ويو۔
هوء 16 سالن جي عمر ۾ ڪالهه وفات ڪري وئي۔ هوء گذريل 26 ڏينهن کان ڪوما ۾ هئي ۽ مرگهي جي دوري سبب سي ايم ايڇ لاهور ۾ داخل هئي۔