(توهين رسالت) سلمان تاثير کان پوءِ ذوالفقار مرزا کي ڦاسائڻ جي سازش

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سابق صوبائي وزير ڊاڪٽرذوالفقارمرزا ۽ متحدد قومي مومينٽ جي وچ ۾ ڪافي عرصي کان هلندڙ ڇڪتاڻ هاڻي ڪجهه ڏينهن کان ماٺاري ٿي وئي آهي پر ان جي حياتي لاءِ اڃا به خطرات موجود آهن، ان غير يقيني واري صورتحال سبب جتي ڊاڪٽرذوالفقارمرزا جي سموري فيملي ۽ سندس گهرواري، قومي اسمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا پنهنجي مڙس جي حياتي کي خطرو محسوس ڪندي پريشان حال آهي ته اتي صدر مملڪت آصف علي زرداري به پنهنجي جگري دوست جي حياتي لاءِ يقينن پريشان هوندو. تازو ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽرذوالفقارمرزا تي لنڊن ۾ ٿيل حملي کان پوءِ ان جي فيملي کي اڃا وڌيڪ خطرو محسوس ٿيڻ لڳو. ڊاڪٽرذوالفقارمرزا صوبائي وزير داخلا هوندي متحده قومي مومينٽ خلاف مختلف وقتن تي ڳالهائيندو رهيو آهي جنهن تي متحده وارا حڪومت سان ڪڏهن ناراض ته ڪڏهن پرچندا به رهيا آهن پر صدر مملڪت آصف علي زرداري جي مفاهمتي پاليسي تحت سياست ۾ رواداري کي هٿي وٺرائيندي متحده کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪندو رهيو آهي جنهن تي ڊاڪٽرذوالفقارمرزا کي سخت اعتراض هوندو هو انهن ڏينهن ۾ ڪراچي اندر تمام گهڻي رتوڇاڻ واري صورتحال هوندي هئي، روزانو درجن جي حساب سان بيگناهه ماڻهن جا لاش ڪرندا هئا، ڊاڪٽرذوالفقارمرزا صوبائي وزير داخلا جي حيثيت سان اهو سمورو لڪاءُ ڏسندو رهيو ۽ متحده تي ڇوهه ڇنڊيدو رهيو ته متحده قومي مومينٽ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي حڪومت ۾ حصيدار هوندي به حڪومت سان ڪراچي اندر وڌندڙ خونريزي کي روڪرائڻ ۾ ڪو به سهڪار نه پئي ڪري ۽ بقول ذوالفقارمرزا جي ته جيڪي به ڏوهاري ۽ ٽارگيٽ ڪلرز پڪڙيا وڃن ٿا ته متحده سهڪار ڪرڻ بجاءِ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏئي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وجهي ڏوهارن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز کي ڇڏائڻ لاءِ بليڪ ميل ڪندا رهن ٿا جنهنجو مک ڪردار رحمان ملڪ کي ڄاڻايو ويو. اهو تماشو ٽن سالن تائين هلندو رهيو ۽ متحده وارا ڪڏهن حڪومت ۾ ته ڪڏهن حڪومت کان ناراض ٿي ويندا هئا پر ڪراچي اندر رتوڇاڻ واري راند جاري ۽ ساري رهي ۽ هڪ ٻئي خلاف جملي بازي وارا حملا ۽ الزام تراشي جو سلسلو به ٻنهي ڌرين ۾ هلندو رهيو، جڏهن معاملو وڌي ويندو هو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڻ ان صورتحال جو نوٽيس وٺندي ان باهه کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڪڏهن اجلاس ايوان صدر ته ڪڏهن گورنر هائوس ته ڪڏهن بلاول هائوس ته ڪڏهن وري وزير هاعليٰ هائوس ۾ گهرائي ان معاملي کي سلجهائي وٺندو هو جنهن ۾ وڏو ڪردار وفاقي وزير داخلا رحمان ملڪ جو هوندو هو ۽ هن وقت به جيڪڏهن متحده وارا وفاقي توڙي صوبائي ڪابينا ۾ شامل آهن ته اهو به ڪريڊٽ رحمان ملڪ ڏانهن وڃي ٿو.
    اهو باهه جو کورو ڊاڪٽرذوالفقارمرزا جي اندر ۾ گهڻي عرصي کان پچندو رهيو ته متحده وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۾ ڀاڳي ڀائيوار هوندي به ڪراچي جو امن تباهه پئي ڪري ۽ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون ڏي وٺ جي بنياد تي انهن سان رعايت پيون ڪن ته هي ڪهڙي قسم جي مفاهمت ۽ جمهوريت آهي؟ ان دوران متحده پاران صوبائي حڪومت تي پڻ تنقيد ڪئي ويندي هئي ته صوبائي حڪومت ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، ائين کڻي چئجي ته ڊاڪٽرذوالفقارمرزا جي ڪيل ڪوششن تي پاڻي ڦيريو ويندو هو. ڊاڪٽرذوالفقارمرزا پنهنجي اندر ۾ پئي باهه جو کورو پچايو ۽ آخرڪار مرزا صاحب جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ۽ ان جي اندر وارو تپندڙ باهه جو کورو اگسٽ مهيني جي آخري ڏينهن ۾ ڦاٽو جنهن پنهنجي صوبائي وزارت، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ، پي پي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ سنڌ پيپلز پارٽي جي نائب صدارت تان استعيفا ڏيندي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پنهنجي هنگامه خيز پريس ڪانفرنس دوران قوم کي يقين ڏيارڻ جي لاءِ قرآن پاڪ مٿي تي کڻي ان کي گواهه بڻائيندي متحده قومي مومينٽ ۽ ان جي ٽاپ ليڊرشپ يعني الطاف حسين خلاف ان جي ملڪ دشمن سازشن ۾ ملوث هئڻ جا انڪشاف ڪيا، ان کان پوءِ ڊاڪٽرذوالفقار مرزا ۽ متحده قومي مومينٽ جي وچ ۾ ڪشيدگي وڌڻ لڳي، ان صورتحال جي پيش نظر حڪومت پاران ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ان جي سموري فيملي جي سيڪيورٽي ۾ غير معمولي اضافو به ڪيو ويو هو، ڊاڪٽرذوالفقار مرزا جي متحده خلاف بيباڪ مهم دوران ان جي سيڪيورٽي ۾ غير معمولي واڌارو ڪندي ان کي وڌيڪ محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ، ان کان پوءِ ڊاڪٽرذوالفقار مرزا پنهنجي ذاتي گارڊن تي مشتمل لڳ ڀڳ 50 ڄڻن جو دستو پنهنجي اڳيان پويان مقرر ڪيو هو جيڪو سدائين ان جي حفاظت لاءِ چوڪس رهندو هو، پر جيئين ته هو اڄ ڪلهه غيرملڪي دوري تي آهي ان ڪري في الحال اهو معاملو ماٺار ۾ آهي، سياسيي حالات جون موجوده تقاضائون ٻڌائين ٿيون ته هو مارچ 2012 ع کان پوءِ ڏيهه اچي سگهي ٿو. ڊاڪٽرذوالفقارمرزا جو بار بار اهو چوڻ ته موت ان جي محبوبه آهي پر ان جي باوجود به مرزا صاحب پنهنجي زندگي لاءِ خطرو محسوس ڪندي سرڪاري گارڊن تي ڀاڙڻ بدران وڌيڪ پنهنجي ذاتي گارڊن کي اهميت ڏني ۽ سرڪاري گارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.
    ميڊيا جي رپورٽن ۾ اهو به انڪشاف ٿيو هو ته متحده قومي مومينٽ پنهنجي انوکي واردات جو طريقو اختيار ڪندي پنهنجي جماعت اندر ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ته ڊاڪٽرذوالفقار مرزا کي توهين رسالت ۾ ڦاسائڻ جو ماحول پيدا ڪري ان کي ٽارگيٽ ڪرڻ سان اهو معاملو سلمان تاثير وانگر سڌو سئون مذهبي جماعتن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي ٿو، ميڊيا اهو به رپورٽ ڪيو آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي حملي لاءِ هروقت دهشتگردن جو هڪ گروهه موقعي جي تلاش ۾ رهي ٿو ۽ ذوالفقار مرزا کي قتل ڪرڻ جي پهرين منصوبابندي ڪجهه مهينا اڳ چيمبر آف ڪامرس کي خطاب دوران ان جي دوهان دار تقرير ڪرڻ کان هڪ هفتو پوءِ سامهون آئي هئي ۽ اها سازش لياقت آباد ۾ تيار ڪئي وئي هئي جنهن جي منصوبا بندي پيلي ڪوٺي جو يونٽ انچارج ڪري رهيو هو، ان دهشتگرد گروهه جي منصوبابندي تحت ڊاڪٽرذوالفقار مرزا کي ٽاور ۽ مائي ڪولاچي جي علائقي ۾ ٽارگيٽ ڪرڻو هو پر اها منصوبابندي پهريون ئي پڪڙجي پئي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي قتل ڪرڻ وارو اهو منصوبو ناڪام ٿي ويو. مرزا صاحب کي دهشتگردن پاران قتل ڪرڻ جي ٻي سازش ٻه مهينا اڳ ڪئي وئي هئي پر اها به وقت کان اڳ پڪڙجي پئي ۽ مرزا صاحب کي دهشتگردن پاران قتل ڪرڻ وارو اهو منصوبو به ناڪام ٿي ويو، ميڊيا رپورٽ مطابق ان منصوبا بندي جي اڳواڻي متحده جا سيڪٽر انچارج نعمان عرف نومي ۽ غلام پٽني ڪري رهيا هئا جن جي بنيادي ذميداري مرزا صاحب کي ٽارگيٽ ڪرڻو هو.
    ڊاڪٽرذوالفقار مرزا انهن ڏينهن کان وٺي ميڊيا ۽ عوام جي زهنن تي ڇانيل رهيو ۽ ان جو آواز ايوانن کان اعليٰ عدالتن تائين گونجندو رهيو، هرطرف ان جي حمايت ۾ جلسا ۽ ريليون به نڪرنديون رهيون، ائين ڏسندي ئي ڏسندي مرزا صاحب عوام ۾ تمام گهڻو مقبول بڻجي ويو، اها صورتحال ڏسي متحده پاران ڊاڪٽرذوالفقار مرزا ۾ هٿ وجهڻ ڏاڍو ڏکيو پئي سمجهيو ته ائين جيڪڏهن ذوالفقار مرزا کي سڌو سئون ٽارگيٽ ڪيو ويو ته اها متحده جي بحيثيت سياسي پارٽي تمام گهڻي بدنامي ٿيندي ڇوته اڳ ۾ ئي دهشتگردي جي حوالي سان متحده خلاف هرطرف کان آواز بلند ٿي رهيا آهن، ان صورتحال جي پيش نظر متحده پاران ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي معاملي ۾ ڪافي محتاط روي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي ۽ اهو به متحده جي وارڌات جو نئون ۽ نرالو طريقو سامهون آيو ته متحده وارا ان ٽارگيٽ ڪلنگ کي بي داغ ڪرڻ لاءِ مرزا صاحب کي پهريو توهين رسالت جهڙي حساس معاملي ۾ ڦاسائي ان جو ڪم تمام ڪرڻ کان پوءِ اهو سڄو معاملو مذهبي جماعتن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن، ڇوته متحده جو ڪڏهن اهو مزاج ئي ناهي رهيو ته هو پنهنجي دشمن کي ائين آزاد ڇڏي ڏين ۽ هو سر عام انهن خلاف ڳالهائيندو رهي ۽ متحده ڪڏهن به ڪنهنجي هٿان هار کائڻ سکي ناهي ۽ سدائين پنهنجي جارحاڻي انداز سان دشمن سان مقابلو ڪندي رهي آهي جن پنهنجي هن طريقه واردات ۾ تبديلي آڻيندي اهو انوکو رستو اختيار ڪيو ته نانگ به مري ته لٺ به بچي، ان ڪري انهن ڏينهن ۾ متحده جا اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو نالو ان غم ۽ غصي واري لهجي ۾ نه وٺي رهيا هئا جيئن هو پهريون پنهنجي جارحانا انداز ۾ وٺندا هئا ، متحده جي ان طريقه واردات مان اهو تاثر ملي رهيو هو ته اڃا ڪجهه ٻيو ٿيڻ وارو آهي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي لاءِ خطرو آخري حد تائين پهچي چڪو آهي ۽ متحده پاران ان کي مذهب جو بنياد بنائي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف توهين رسالت وارو معاملو بار بار اٿاريو ويو، جنهن جو ثبوت اهو سامهون آيو ته متحده قومي مومينٽ پنهنجي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير رئوف صديقي ذريعي ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ هڪ درخواست دائر ڪرائي هئي جنهن ۾ متحده جي صوبائي وزير جو موقف هو ته ڊآڪٽر ذوالفقار مرزا 19 آڪٽوبر تي لياري جي علائقي ڪلاڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران پيغمبر اسلام جي مڪي کان مدينه جي هجرت جي حوالي سان اهڙا لفظ استعمال ڪيا هئا جيڪي پيغمبر اسلام جي توهين جي ذمري ۾ اچن ٿا، ڪراچي جي عدالت پوليس کي حڪم ڏنو هو ته صوبائي وزير رئوف صديقي جو بيان قلمبند ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪو قابل گرفت ڏوهه ڪيو آهي ته ان خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ عبدالرزاق جي عدالت اهو حڪم متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ جي درخواست تي جاري ڪيو هو. عدالت 22 آڪٽوبر تي فيصلو ٻڌائيندي ايس ايڇ او ڪلاڪوٽ کي اهو اختيار ڏنو هو ته جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪو قابل گرفت جرم ڪيو آهي ته ان جي خلاف مقدمو داخل ڪري چالان ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي جڏهن ته ايس ايڇ او ڪلاڪوٽ هن فيصلي کان پهريان ئي عدالت کي آگاهه ڪري چڪو هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي جيڪا توهين رسالت جي ذمري ۾ ايندي هجي، پر تنهن هوندي به ڊاڪٽرذوالفقارمرزا ان حساس معاملي کان بچاءَ خاطر سني عالم مفتي منيب الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري ان کي اعتماد ۾ وٺندي متحده جو اهو رستو به بند ڪرائي ڇڏيو هو هاڻي ته ڊاڪٽر صاحب ملڪ کان ٻاهر آهي اهو يقينن مارچ کان پوءِ ڏيهه اچڻ جون تياريون ڪندو پوءِ ڏسڻو اهو آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وڌيڪ ان معاملي سان ڪيئن ٿو منهن ڏئي اهو ايندڙ وقت تي ڇڏيون ٿا پر اسين ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي حياتي لاءِ دعاگو آهيون۔
     
  2. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: (توهين رسالت) سلمان تاثير کان پوءِ ذوالفقار مرزا کي ڦاسائڻ جي سازش

    ڊاڪٽرذوالفقارمرزا ان حساس معاملي کان بچاءَ خاطر سني عالم مفتي منيب الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري ان کي اعتماد ۾ وٺندي متحده جو اهو رستو به بند ڪرائي ڇڏيو هو
    ادا محمد عيسا تمام بهترين توهانجا لکيل لفظ پڙهڻ وٽا گذريا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو