هالار جي هستي _ استاد بخاري جو جنم ڏينهن

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 جنوري 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌ جي برک عوامي ۽ قومي شاعر استاد بخاري جو جنم شهيد مخدوم بلاول جي سرزمين دادو جي ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ 16 جنوري 1930ع تي سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ ٿيو، سندس اصل نالو پنهل شاهه، اسڪولي رڪارڊ ۾ نالو احمد شاهه هو. ايم.اي، ايم.ايڊ پاس استاد بخاري دادو ڪاليج ۾ پروفيسر جي نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتي. استاد لکڻ جي شروعات 1942-43ع کان ڪئي، هن جي ادب جي دنيا ۾ پهريان اي.ايس. بخاري بعد ۾ بخاري دادوي ۽ آخر ۾ استاد بخاري جي نالي سان لکيو، استاد بخاري جو پهريون شعر ”اسان جي منزل“ رسالي ۾ 1952ع ۾ ڇپيو. استاد بخاري جو پهريون شعري مجموعو ”گيت اسانجا جيت اسانجي“ 1971ع ۾ شايع ٿيو. استاد بخاري هڪ گهڻي رخي شخصيت جو مالڪ هو، هو قومي ۽ عوامي شاعر، استاد، ڊرامه رائيٽر ۽ بهترين نثر نويس به هو. استاد ڪيترائي ڊرامه لکيا جن ۾ انجام ۽ ٻيا شامل آهن. پاڻ اسٽيج جي ”سسئي پنهون“ ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي. هو سٺي آواز جو مالڪ به هو ۽ پنهنجي اڪثر ڪلامن جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏنائين. سندس پهريون ڪلام ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نه ٿو پلجي“ 1968-69ع ۾ استاد محمد جمن ريڊيو تان ڳايو. بعد ۾ اهو ڪلام غلام قادر ميرپور خاص واري به ڳايو. استاد جي شاعري منظور سخيراڻي، استاد محمد جمن، غلام قادر ميرپور خاص واري ۽ محمد يوسف، عابده پروين، وحيد علي، زرينه بلوچ انور وسطڙو استاد گلزار علي، مني بيگم، مصري فقير، قمر سومرو، سرمد سنڌي، ممتاز لاشاري، الهداد زرداري، شازيه خشڪ، ديبا سحر سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي. استاد بخاري جي ڇپيل ڪتابن ۾گيت اسان جا جيت اسانجي (1971ع)، هي گيت گلابي ٻارن جا (1980ع)، اوتون جوتون (1983ع)، ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ (1986ع)، سوچون ڀڻڪا واڪا (1990ع)، لهر لهر دريا (1990ع)، ڪاري ڪڪر هيٺ (1991ع)، ڌرتي سرتي (1991ع)، زندگي زندگي (1992ع)، ميلا ملهالا (1988ع)، نه ڪم نبريو نه غم نبريو (1993ع)، جستجو لاتقنطو (1993ع)، ولولو ۽ ووڪ (1994ع)، ماندي ٿي نه مارئي (1994ع)، لهري لهري ۾ لالاڻ (1995ع)، گلدستي ۾ گيت (1996ع)، وطن ۽ ويساهه (1997ع)، هڙئي هيج وطن جا (1998ع)، ڳائي پيو جاڳائي پيو (1999ع)، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان (2000ع)، بخاري جا قطعا (2000ع)، گهڙيا سي چڙهيا (2002ع)، پير نه هٽن پوئتي (2002ع)، هي گجرا هي گولا (2004)، ڌوڙ دل تي درد جي (2008ع) ۽ ٻيا شامل آهن. استاد بخاري پنهنجي دور جو هڪ عظيم ۽ امر شاعر آهي. سندس شاعراڻي عظمت کان ڪوبه انڪار ڪري نه سگهندو. استاد بخاري جنهن لڳاتار دليري ۽ سورهيائي سان موت سان مقابلو ڪندي پتي جي پٿريءَ کان ڪينسر جي بيماريءَ باوجود 1983ع کان 1992ع تائين لاڳيتو ڏينهن رات گهڻي کان گهڻو ۽ سٺي کان سٺو لکيو شايد کيس اهو پتو پئجي ويو هو ته هو گهڻو وقت جيئرو نه رهندو، ان ڪري هن لکيو ۽ ڀرپور نموني لکيو.
    جيئن زندگي تيز تڪڙي ٿي گذري،
    ائين تون به تڪڙو لکي وٺ، لکي وٺ!
    پٺيان پاڻهي نقاد ”فيئر“ ڪندا پيا.
    تون ”رف“ جهڙو تهڙو لکي وٺ، لکي وٺ!.
    هالار جي هستي استاد بخاري جي وڇوڙي کي 20 سال گذري ويا آهن. ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته استاد بخاري جي لاڏاڻي سان پنهنجي دور جي هڪ وڏي شاعر جي پڄاڻي ٿي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن چراغ مان ڪيئي ڏيئا روشن ٿيا آهن ۽ ايندڙ دور ۾ به ڪيئي ڏئيا روشن ٿيندا. اهوئي سبب آهي جو اڄ استاد بخاري جي نالي کانسواءِ جديد سنڌي شاعري جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جو تصور بلڪل اڻپورو آهي، عزتون، محبتون، احترام گهرڻ سان ناهي ملندو، ائين شهرت ۽ عظمت به گهرڻ سان نه پر عمل ۽ ڪردار سان حاصل ٿيندي آهي. استاد بخاريءَ کي به عزت، شهرت ۽ عظمت پنهنجي اڌ صديءَ تائين سنڌي شاعري، سنڌي ٻولي جي خدمت سبب ملي. کيس حياتيءَ ۾ به ادبي ميڙاڪن، ڪانفرنسن، مشاعرن، قومي ڪاڄن ۽ عوامي جلسن ۾ جيڪا محبت ۽ عزت مان مليو، اهو سندس وڇوڙي کانپوءِ به ساڳئي جذبي سان ملندو رهي ٿو ۽ کيس سڄي سنڌ ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. 9 آڪٽوبر 1992ع تي وڇڙي ويل استاد بخاريءَ کي اکرن سان عشق هو، هو لفظن ۾ ساهه وجهڻ جو ڄاڻو، شاعر، قلڪمار هو، هن لکڻ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو ۽ لکڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد بڻايو. ڇو ته هو قلم جي طاقت کان واقف هو ۽ هن پنهنجي قلم جو مان به رکيو. استاد اڌ صديءَ کان وڌيڪ پنهنجي تخليقن، شاعري ۽ نثر ذريعي سنڌ واسين جي فڪري رهبري ۽ رهنمائي ڪئي. هو رهبر شاعر ۽ قلمڪار هو..
    لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي،
    لکڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي،
    ڏکئي کان ڏکيو عشق اکرن جو آ،
    رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي؟

    روزانه ڪاوش
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: هالار جي هستي _ استاد بخاري جو جنم ڏينهن

    واقعي استاد هڪ مهان شاعر ، اديب هيو ۔ استاد جي تعريف ڪرڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ مثل آهي۔ سندس مزار ، آخري آرامگاھ اسانجي گهر کان سڏ کن پنڌ جي فاصلي تي سيد واڌن شاھ لڪياري جي مزار جي پاسي ۾ ئي آهي۔ استاد جي برادر حاڪم علي شاھ سان روح رهاڻ ٿيل آهي۔ 16 جنوري منهنجي ڄمڻ جو ڏينهن پڻ آهي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هالار جي هستي _ استاد بخاري جو جنم ڏينهن

    استاد بخاري سنڌ جو عوامي شاعر هو۔ سندس ٻولي نج سنڌي ۽ سولي جيڪا عام ماڻهو سولائي سان پڙهي ۽ سمجهي سگهندو آهي۔ استاد پيار جو شاعر هو پر سندس انقلابي شاعري به پنهنجو مٽ پاڻ هئي۔

    [​IMG]
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هالار جي هستي _ استاد بخاري جو جنم ڏينهن

    استاد بخاريءَ جي حيثيت سنڌي ادب ۽ سنڌي فڪر ۾ هڪ وهائو تاري جيئان آهي، جيڪو هميشه سنڌ ۽ سنڌيت جي آسمان تي چمڪندو رهندو، سندس بيت، وايون، غزل ۽ سمورو ڪلام، محبت، عشق، سچ ۽ قومي جذبي سان سرشار آهي، عوامي ۽ عام فهم ٻوليءَ جي استعمال سبب هو هڪ سچو پچو عوامي شاعر آهي ۔۔۔

    سامهون آهين حادثو آهي، ديد ۾ دل ۾ زلزلو آهي،


    رب العالمين کيس جنت ۾ جايون عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: هالار جي هستي _ استاد بخاري جو جنم ڏينهن

    استاد بخاري سنڌ جو عوامي شاعر هوجنهن جي شاعريء کي هر ماڻهون آسانيء سان سمجهي سگهي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    دوستن جون مهربانيون
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هالار جي هستي _ استاد بخاري جو جنم ڏينهن

    سائين اسان جڏهن ننڍڙا هيا سين تڏهن سائين جن جي ڪچهري ۾ وڄي پاسو وٺي ويهندا ها سين ڇا عظيم شخصيت جا مالڪ هيا۔ اصول پرست ايترا هي جو ڪجھ ڏينهن پهريان سائين جي فرزند سان ملاقات ٿي ته سائين جن ٻڌايو ته آءُ بابا وٽ پنهنج ڪجھ ڪاغذ اٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ کڻي ويس ته بابا چيو اوريجنل ڊاڪومينٽس ڪٿي آهن مون چيو ته اهي گهر آهن ( ڇو جو بابا سائين پنهنجي اسٽيمپ گهر نه کڻي ايندا هيا الاءِ پيپر اٽيسٽ لاءِ سبندن آفيس وڃڻو پيو) چيائون پهريان وڃي اوريجنل کڻي اچو ته پوءِ آءُ اٽيسٽ ڪندس ۔ سندن طبعيت انتهائي سٻاجهڙي ملنسار محبت ڀريل و همدرد رهي ۔ سائين جو اڄ به اهي محبت ڀريل ڪچهريون ياد اينديون آهن جيڪي سائين اسان جي عزيز اقبال شينو صاحب جي اوطاق تي ڪندا ها ۔
    سائين پريا مڙس مهرباني جو اوهان هن ڌرتي جي مهان انسان جي ياد تازي ڪرائي۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو