جواب: سپلاء ۽ پرائسز ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ ۾ روزگار جا موقعا
يار پاڻ ته هاڻي ٽيهن 30 کان ٽپي ويا آهيون ۔ اگر اسانجي عمر جي حوالي کان ڪا روزگار جي آسامي اچي ته ضرور آگاھ ڪندا ۔ تعليم بي اي آهي شاھ عبدالطيف يونيورسٽي مان۔ هتي قطر ۾ يارهن سال ٿيا آهن ۔ هاڻي ارادو آهي پياري ملڪ واپس ورڻ جو دعا ڪندا ته مسبب الاسباب ڪو سبب بڻائي وجهي۔ ته حياتي جا باقي ڏينهن ٻچڙن سان ، والدين سان گڏ گهاريون۔ مهرباني۔ بي اي کان علاوه ڊينٽل ٽيڪنيشن جو به هڪ سال جو پيرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ آف ڄامشورو ، بورڊ سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي مان سرٽيفڪيٽ آهي۔ ڪمپيوٽر جي حوالي کان صرف ڇهن مهينن جي شارٽ ڪورس جو پڻ سرٽيفڪيٽ آهي۔ جيڪو گورنمنٽ آف سنڌ ٽريڊ ٽيسٽنگ بورڊ طرفان آهي۔