سنڌي عوام کي قيادت جي ڳولها

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    موجوده پيپلزپارٽي جي حڪومت صدرآصف علي زرداري جي سربراهي ۾ خير سان چار سال پورا ڪري رهي آهي، پنجاب کان علاوه مرڪز ۽ باقي ٽن صوبن ۾ قائم مخلوط حڪومتون پنهنجي غير روايتي ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال واري انداز سان روان دوان آهن جڏهن ته آزاد جمو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به پيپلز پارٽي جون حڪومتون قائم آهن. يقينن پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت آهي پر هن ڀيري پيپلزپارٽي پنهنجي بنيادي منشور ۾ وڏي ڦيرڦارڪندي ان ۾ مفاهمت جو پڻ اضافو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جو اصل بنياد اجهي، لٽي ۽ ڳڀي تي رکيل هو جنهنکي صدر آصف علي زرداري ڦيرائي مفاهمتي پاليسي تي آڻي بيهاريو آهي، موجوده حڪومت جي مفاهمت واري پاليسيءَ سنڌي عوام جي سوچ کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اڳ ۾ جيڪي پاليسيون اينٽي پيپلزپارٽي يا اينٽي ڀٽو ازم پارٽيون ۽ تنظيمون جوڙينديون هيون جن کان سدائين سنڌي عوام نفرت ڪندو هو اڄ انهن ساڳين پاليسين تي پيپلز پارٽي پاڻ هلي پئي آهي. جڏهن پيپلزپارٽي اپوزيشن ۾ هوندي هئي ته خاص ڪري سنڌ ۾ اهي پارٽيون ۽ تنظيمون ايم ڪيو ايم سان ملي ڪري حڪومتون جوڙيديون هيون ته سنڌ جو عوام انهن جي پاليسين کان شديد نفرت ڪندو هو ۽ پيپلزپارٽي جي حق ۾ سدائين ڳالهائيندو هو ۽ سنڌي عوام کي جڏهن به موقعو مليو اهو غم ۽ غصي جو اظهار پنهنجي ووٽ جي طاقت سان ڪندو هو جيڪي اسلام آباد جي آشيرواد سان ته حڪومتون جوڙي هلائيندا هئا پر سنڌ جي عوام ڪڏهن به انهن جي غير جمهوري حڪومتن کي دل سان تسليم نه ڪيو ۽ نه قبول ڪيو پوءِ دنيا ڏٺو ته سنڌ جو عوام ڪهڙي طرح انهن کي موٽ ڏيندو هو ۽ جڏهن به سنڌ جي عوام کي موقعو مليو تڏهن پنهنجي ووٽ جي طاقت سان پنهنجي نفرت جو اظهار انهن خلاف ڪندا رهيا آهن، پر جڏهن اهو عمل هاڻي پاڻ پيپلزپارٽي جي قيادت ڪري رهي آهي ته عوام هاڻي ڪاڏي وڃي، سنڌ جو عوام هن وقت وائڙاپ جو شڪار بڻيل آهي ۽ هيڏي هوڏي واجهائي رهيو آهي ته باقي سنڌ ۾ ٻيو ڪهڙو اڳواڻ ، پارٽي يا تنظيم بچي آهي جنهن تي سنڌي عوام اعتماد ڪري ۽ ان جي ڪڍ لڳي.
    محترمه بينظيرڀٽو جي شهادت کانپوءِ سنڌ ۾ پيدا ٿيل قيادت جي کوٽ هاڻي سنڌ جي عوام کي شدت سان اهو احساس ڏياري رهي آهي ۽ محترمه جي شهادت کانپوءِ سنڌ جو عوام ان ڏينهن ئي پنهنجو پاڻ کي ننڌڻڪو محسوس ڪرڻ لڳو ۽ منهن مٿو پٽي رهيو هو ته هاڻي ڪيڏانهن ويندا سين. سنڌ جي عوام کي اڳيئي سور سجهن پيا ته پيپلزپارٽي ۾ هن وقت ڪوبه ان پائي جهڙو اڳواڻ موجود ناهي جيڪو سنڌ جي عوام جو ڀرجهلو بڻجي ۽ سنڌي عوام جي جزبن جي صحيح ترجماني ڪري سگهي ۽ يقينن هاڻي سنڌ جي عوام جا اهي خدشا درست ثابت ٿي رهيا آهن.
    موجوده پيپلزپارٽي جي حڪومتي پاليسين گذريل ساڍن ٽن سالن کان بد امني ۽ بيروزگاري جي مد ۾ جيڪي سنڌ جي عوام کي عزاب ڏنا آهن اهي سنڌ جو عوام ڪڏهن به وساري نه سگهندو، ويتر سنڌ ۾ ٻٽو بلدياتي ۽ ڪمشنري نظام نافظ ڪري اهڙو ته پاپ ڪيو ويو جو پيپلز پارٽي جي اندرئي بغاوت پيدا ٿي پئي، پيپلزپارٽي جا خود پنهنجا ماڻهو محسوس ڪرڻ لڳا ته جيڪو ڪم ضيا ۽ مشرف نه ڪري سگهيو اهو موجوده پيپلزپارٽي جي قيادت پاڻ ڪري رهي آهي. اهو عمل ڪري پيپلزپارٽي هڪ وڏي تاريخي غلطي ڪئي جنهن کان جند ڇڏائڻ ايندڙ وقت ۾ پيپلزپارٽي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. گذريل سال پيپلزپارٽي جي اڻڍنگي پاليسين سنڌ جي عوام کي اهڙو ته چيڙائي ڇڏيو جو ڪيترنئي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي گهرن تي عورتون ۽ مرد توا ٽنگي آيا ۽ عورتن انهن جي گهرن اندر چوڙيو اڇلائي ڏنيون ته توهان مردئي ناهيو تنهنڪري توهان هاڻي چوڙن پائڻ جي لائق رهجي ويا آهيو. سنڌي عوام جي ايڏي وڏي احتجاج ۽ نفرت جي اظهار ڪرڻ کان پوءِ راتو رات وري سنڌ ۾ هڪئي ناظمي نظام لاڳو ڪيو ويو. پرسنڌ جي عوام کي اڃا به پيپلزپارٽي تي ڀروسو ناهي ته سنڌ جي عوام پاران چونڊيل اسيمبلي مان پاس ڪيل ڪمشنري نظام وارو بل وري ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي راتو رات هڪ آرڊيننس وسيلي ختم نه ڪرايو وڃي ۽ سنڌ جي عوام جي ووٽ جي هڪ ڀيرو ٻيهر توحين ڪئي ويندي.
    صدر آصف علي زرداري جي مفاهمتي پاليسين سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي مڪمل تڏا ويڙهه جو مڪمل سامان مهيا ڪري ڇڏيو آهي، ايم ڪيو ايم هميشه سنڌ ۾ پيپلزپارٽي تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ويتر انهن کي وزارتون ڏئي انهن جي طاقت کي اڃا ٻيڻو ڪيو پيو وڃي جنهن تي سنڌي عوام کي تمام گهڻا تحفظات آهن ڇو ته ايم ڪيو ايم جي مزاج جي سڀني کي خبر آهي ته هنن جو طرزعمل ڇا هوندو آهي. پيپلزپارٽي جي قيادت کي ياد رکڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جي پاليسين ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي، ايم ڪيو ايم ڀلي ڪيڏيون به ڪلابازيون کائي ۽ هو پنج ڀيرا حڪومت کان ناراض ٿي نڪري چڪا هجن ۽ ڇهون ڀيرو هو وري به حڪومت کي جوائن ڪيو آهي پر انهن جي ووٽرن تي ڪو به اثر ڪون پوندو ڇو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي مخصوص انداز سان ووٽ وٺندي آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي وٽ اهو طريقو آهيئي ڪون ۽ نه اهڙي طريقي سان پيپلزپارٽي وارا ووٽ وٺي سگهندا جيڪو طريقو ايم ڪيو ايم اختيار ڪندي آهي. تنهنڪري پيپلزپارٽي جي قيادت کي گهرجي ته پنهنجي ووٽرن جي مزاج مطابق پاليسيون جوڙن نه ته هنن جو هشر به ارباب غلام رحيم جهڙو ٿيندو جيڪو اڃا تائين سنڌ جي عوام جي اکين کان غائب آهي. پيپلزپارٽي جي قيادت کي ايترو به احساس ڪرڻ کپندو ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب وزيرن جي درن تي ماڻهو توا ٽنگي ويا ۽ عورتن سرعام انهن جي گهرن ۾ چوڙيون اڇلايون ته حڪومتي وزير انهن کي ڪجهه به نه ڪري سگهيا پر جيڪڏهن اهڙي قسم جي حرڪت ايم ڪيو ايم جي خلاف انهن جا ووٽر ڪن ها ته انهن ماڻهن جو ڇا حشر هجي ها اهو توهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا. تنهنجي ڪري پيپلز پارٽي کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي جيڪڏهن نه ته سنڌ جي عوام جون اکيون گذريل سال ڏسي چڪا آهن.
    پر اسان کي لڳي ڪون تو ته صدر آصف علي زرداري في الحال پنهنجون اڻ ڍنگيون پاليسيون تبديل ڪري وٺندو ڇو ته هن ايوان صدر ۾ ويهي تمام وڏو تجربو حاصل ڪري ورتو آهي ته عوام جي قوت تي ڀروسو ڪرڻ هاڻي هن جي لاءِ بيڪارهوندو ڇوته هاڻي هن سمجهي ورتو آهي ته عوام جو مينڊيٽ ڪنهن به ڪم جو ناهي پر اصل قوتن جا مالڪ اڃا ڪي ٻيا آهن جن سان ڪڏهن به پيپلزپارٽي جي قيادت سمجهوتو ڪون ڪيو هو چاهي انهن جي حڪومت 18 مهينا هلي هجي يا 3 سال جڏهن ته آصف علي زرداري انهن قوتن سان سمجهوتو ڪري ورتو آهي جنهنجي ڪري آصف علي زرداري هي ته پنج سال پورا ڪري ويندو پر هن جون نظرون اڃا ايندڙ پنجن سالن ۾ آهن، تنهنڪري هن به اهي ساڳيون ئي پاليسيون اختيار ڪري ورتيون آهن جيڪي جنرل پرويز مشرف پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيون هيون.
    هاڻي جڏهن پيپلزپارٽي پنهنجون پليسيون تبديل ڪري چڪي آهي ۽ عام ماڻهن جي بنيادي حقن تان دستبردار ٿي چڪي آهي ته آخر سنڌي عوام ڪاڏي وڃي، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سنڌ جو عوام پنهنجو پاڻ کي ننڌڻڪو محسوس ڪرڻ لڳو ۽ عوام ان ڏينهن ئي هاءِ گهوڙا پئي ڪئي ته اسان ڇورا ڇنا ٿي ويا سين. سنڌ جي عوام کي اهي سور سجهن پيا ته پيپلزپارٽي جي ڇڏيل سياسي ميراث ڀٽو فيملي کان سواءِ ٻيو ڪوبه سمڀالي نه سگهندو ۽ نه ڪنهن ٻئي ۾ اهڙي صلاحيت موجود آهي، جنهن ۾ عوام جا اهي خدشا درست ثابت ٿي رهيا آهن. پيپلزپارٽي جي موجوده حڪومت پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ خاطر ڪيئن آساني سان سنڌي عوام جي حقن جو سودو ڪيو ويٺي آهي ۽ وري اهي ساڳيائي وزير مشير جن ڪمشنري نظام جي بحالي جو بل پاس ڪرائڻ کانپوءِ جهمريون هڻي رهيا هئا ان جي ختم ٿيڻ تي عوام جي آڏو اهو دليل ڏئي رهيا هئا ته ڪراچي ۾ امن خاطر ائين ڪرڻ ضروري هو، ان کان وڌيڪ ٻي هنن جي لاءِ ڪهڙي زلت جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، پيپلزپارٽي جي اهڙي طرز حڪومت تي سنڌي ماڻهن کي شديد اعتراض آهن. پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت کي ياد رکڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي جي ووٽ جو بنياد صرف سنڌ آهي جيڪڏهن سنڌ جي عوام کي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو ۽ انهن جي فيصلن کي اهميت نه ڏني وئي ته پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ ڪاپاري ڌڪ لڳندو جنهنجو پيپلزپارٽي کي اندازو به نه هوندو.
    سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جنهن اتحادي ڌر تي اعتماد ڪري انهن کي حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ويٺي آهي انهن اڃا تائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي تسليم ئي ناهي ڪيو، هنن سدائين سنڌي ماڻهن کي پٺي ۾ ڇرو هنيو آهي، هن کان وڌيڪ سنڌي عوام کان ٻي ڪهڙي نفرت ٿي سگهي ٿي ته پورٽ ۽ شپنگ جو وفاقي وزير بابر غوري چوي ٿو ته عدالت پاران بحال ڪيل پورٽ قاسم جا 23 ملازم ان ڪري بحال نه ڪندس ته انهن ۾ 17 سنڌي ملازمن جي آهي، جنهن جي ڪري اهي عدالت پاران بحال ٿيل 23 ملازم اڃا تائين درپدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن جن کي ٻه سال اڳ عدالت بحال ڪيو هو جن جون خبرون مختلف اخبارن ۾ به اچي چڪيون آهن، اهو ٻڌي ڏاڍو ارمان ٿيو ته آخر سنڌي ماڻهو ڪيڏانهن وڃن. پيپلز پارٽي جي قيادت کي ڪنهن به قسم جو ڪو به احساس ناهي ته پارٽي جي حامي ماڻهن سان ڪيڏي حالت ڪئي پئي وڃي، بس ڪجهه به ٿئي پر ساز باز ڪري پنج سال پورا ڪرڻا آهن چاهي عوام کي ڪجهه ملي يا نه.
    سنڌ ۾ هن وقت سنڌي عوام لاءِ قيادت جي تمام وڏي کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي تنهنڪري سنڌي ماڻهو ڪنهن مخلص قيادت جي تلاش ۾ آهن جيڪو هنن جي بنيادي حقن جي سنڀال ڪري ۽ انهن کي بنيادي حق وٺي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري. يقينن سنڌ جي عوام جون نظرون هن وقت قومپرستن ڏانهن وڌي رهيون آهن، پر ڏسڻو اهو آهي ته قومپرست سنڌ جي عوام جي ميار تي ڪيترو ٿا پورو لهڻ جي ڪوشش ڪن اهو وقت ثابت ڪندو، قومپرستن ۾ جيڪا خراب ڳالهه اها نظر اچي ٿي ته اهي هڪ پليٽ تي نٿا گڏ ٿي سگهن، هنن ۾ صرف انا جو مسئلو آهي جو هڪٻئي تي اعتماد نٿا ڪن، جيئن مسجد جي مولوين جي لاءِ مشهور آهي ته اهي هڪٻئي پٺيان نماز ناهن پڙهندا، اهڙي طرح قومپرست به هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪنهن هڪ کي اڳواڻ بڻائي ان جي پٺيان هلڻ جي لاءِ تيار ناهن جنهنجي ڪري هنن جي طاقت ورهائجي وڃي ٿي ۽ اليڪشن دوران الڳ الڳ ٿي ٻين وفاقي پارٽين جي ور چڙهي ٿا وڃن پوءِ هرهڪ پنهنجي آڌار تي ٻين پارٽين جي همايت ڪري ويهي ٿا رهن. اهڙي طرح جڏهن قومپرست پنهنجي اصل مقصد تان هٽي بيهي ٿا رهن جنهنجي ڪري سنڌي عوام هنن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ٿيندو. اسان هن ڀيري قومپرستن کي اها صلاح ڏيندا سين ته سنڌ جي وجود خاطر، سنڌي عوام جي ڏکن ۽ دردن جو درمان بڻجي انهن جي حقن جي حاصلات خاطر هڪ ٿي وڃو، ۽ جيڪڏهن قومپرستن هاڻي به حوش نه سنڀاليو ۽ هڪ پليٽ فارم تي گڏ نه ٿي سگهيا ته سنڌي قوم ڪڏهن به هنن تي اعتماد نه ڪندي ۽ نه هنن جي ڪڍ لڳندي ، ڇو ته سنڌي عوام هن وقت پيپلزپارٽي جي پاليسين مان مڪمل مايوس ٿي چڪو آهي جن کي سهاري ۽ آٿت ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ سنڌي عوام کي ننڌڻڪائپ ۽ وائڙائپ واري ماحول مان ٻاهر ڪڍي اچڻو آهي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي عوام کي قيادت جي ڳولها

    سهڻا دوست اسانجي به قومپرست ڌرين کي اها اوهان واري ئي صلاح آهي ۔۔۔

    پر جڏهن اکين ته دڪانداريءَ جا کوپا چڙهي وڃن ٿا ته ڪجهه نظر نٿو اچي ۔۔۔ سنڌ جي ڪجه قومپرست پارٽين جي اڳواڻن پنهنجن اکين تي دڪانداريءَ جا کوپا چاڙهي ڇڏيا آهن ۽ کين سنڌ ۽ سنڌيت نظر ئي ڪون ٿي اچي ۔۔۔۔

    محترم جي ايم سيد چيو هو ته سنڌي ماڻهن جون اميدون جڏهن پ پ پ مان ٽٽنديون ته کين پتو پوندو ته هو ڪيتري غلطي ڪري رهيا آهن، ۽ پوءِ اصل انقلاب جي راهه هموار ٿيندي ۔۔۔ سو هاڻ ڏسجي ته سنڌي قوم جو اٻوجهه اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽ کائي ۔۔۔؟؟؟؟

    اسين قومي طور تي ايترا ته ورهائجي چڪا آهيون جو اسانکي هڪ ڪرڻ لئه ڪو آسمان کان فرشتو اچي، باقي ته ڍڳو پير پيران آهي ۔۔۔

    پوءِ به اميدن تي جهان قائم آهي ۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي عوام کي قيادت جي ڳولها

    پيپلز پارٽي سنڌي عوام جي ڪمزورين جو فائدو پئي ماڻي۔ جنهن جو هڪ سبب سنڌ ۾ متبادل قيادت جي کوٽ آهي۔ سنڌ اهو صوبو آهي جتي ووٽ نظريات تي نه پر ذاتي اثر رسوخ، برادرين، جاگيردارن ، ميرن ، پيرن جي اثر هيٺ وڌا ويندا آهن۔ سنڌ جي هڪ ٻي قدمستي اها آهي جو اسان اهڙو ته ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهيون جو گڏ ٿيڻ جو نالو ئي ڪونه ٿا وٺون۔ اسان مان اجتمائي سوچ ۽ اجتمائي فائدن واري سوچ ختم ٿي رهي آهي۔

    ڪاش ڪا اهڙي قيادت اڀري سامهون اچي جيڪا اسان جي لاء هڪ رول ماڊل هجي ۽ بيباڪ هجي۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌي عوام کي قيادت جي ڳولها

    ادا مفاهمت جي نالي تي عوام جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو اٿن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌي عوام کي قيادت جي ڳولها

    اسان پهريان ان موضوع تي بحث ڪري چُڪا آهيون سنڌ سلامت جي فورم تي ته ڇا سنڌي قومپرستن کي پارليامينٽ تائين پنهنجي رسائي حاصل ڪرڻ گهرجي ۔ جڏهن ته اڄ پنجابي پٺاڻ مهاجر توڙي بلوچي و ڪشميري قومپرست اڳواڻ پارليامينٽ ۾ ويٺا آهن ۔ جي اسان ميدان موراڳي ڇڏي ڏنو ته نتيجو ڇا نڪرندو ۔ هن وقت ايم ڪيو ايم جي منهن ۾ ٻُنجو ڏيڻ لاءِ ڪو ايوانِ بالا قومي اسيمبلي توڙي يوان سنڌ اسمبلي سنڌ جو ڪو به ميبمر موجود ناهي جيڪو هنن جي اڍين ۾ اڍيون وجهي هنن سان ڳالهائي۔ باقي هاڻ يڏسون ته نام نهاد پيٽ پرست جي پاڻ کي قوم پرست سڏائين ٿا هاڻي ڇا ٿا ڪن۔
    وسلام
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي عوام کي قيادت جي ڳولها

    سائين اسان فقير ماڻهو اسان جيڪڏهن ان موٍضوع ۾ حصو ورتو ته موضوع کي ئي تالو لڳي ويندو ان ڪري دوستن جا رايا پڙهي ڪري

    ٿا لطف اندوز ٿيان

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو