
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو
ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽيء چانداڻ ۾ ملبو۔
جنوري مهينو جڏهن به ايندو آهي ته پاڻ سان گڏ ڪجهه اميدون کڻي ايندو آهي، ڇو ته نئين سال جي شروعات ٿيندي آهي۔ جنوري مهينو اسان سنڌين لاء انڪري به گهڻو اهميت وارو آهي جو هن مهيني ۾ سنڌ جي ٻن عظيم اڳواڻن، مفڪرن ۽ ڏاهن سائين جي ايم سيد ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا جنم ڏينهن ايندا آهن۔
سن جو سائين جي ايم سيد (سيد غلام مرتضى شاهه) سنڌ جو رهبر رهيو آهي۔ سائين جي ايم سيد پاڪستان ٺهڻ کانپوء سنڌين جي وڃايل وجود کي ٻيهر اڀاريندي سنڌ ۽ سنڌين جي تحريڪ کي جيئندان ڏنو۔
سائين جي ايم سيد انهن شخصيتن مان هڪ هو جن پاڪستان جي تحريڪ لاء وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ مسلم ليگ کي سنڌ ۾ منظم ڪندي اهم ذميواريون سنڀاليون۔ ان وقت سندس خيال ۾ آزاد پاڪستان جو تصور هو۔ پر اڳتي هلي جڏهن پاڻ اهو ڏٺن ته اسان جنهن پاڪستان لاء جدوجهد پيا ڪيون اهو ته اسان لاء استحصال جو سبب بڻجندو۔ تنهنڪري پاڻ مسلم ليگ کان پاسيرا ٿي ويا پر تيستائين دير ٿي چڪي هئي ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي چڪو هو۔
پاڻ سنڌ جي حقن ۽ آزاد سنڌ لاء جدوجهد شروع ڪين پر زندگيء جو وڏو حصو جيلن ۾ ۽ نطربندي ۾ گذري وين۔ قوپرست تحريڪ جو آغاز جنهن اصولن تي ڪيو هئن آخر تائين انهن اصولن تي قائم رهيا ۽ ڪڏهن به ڪا سوديبازي ڪانه ڪين۔ سندن لکيل ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي ۽ سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاء سنڌ جا مڪمل دستاويز آهن۔
سائين جي ايم سيد هڪ مدبر سياستدان هجڻ سان گڏ تصوف جو وڏو ڄاڻو، لطيف جو ڄاڻو هجڻ سان گڏ هڪ وڏي ادبي شخصيت پڻ هو۔ سنڌي ادبي بورڊ جو پهريون چيئرمين هجڻ سان گڏ پاڻ ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيائون جن جا موضوع سنڌ سان گڏ مذهب، تصوف، سياست، تاريخ، جاگرافي ۽ شخصيات سميت مختلف موضوعن تي آهن جن جو تعداد 60 کان وڌيڪ آهي. پهريون ڀيرو ”پيغام لطيف“ لکي شاه لطيف ڀٽائي جي شاعري جا انيڪ نوان رخ سامهون آندائين. سندن اهم ڪتابن ۾ پيغام لطيف، خطبات سيد، پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، ديار دل داستان محبت، جيئن ڏٺو آهي مون، سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ، جديد سياست جا نو رتن، سنڌو جي ساڃاه، جنب گذاريم جن سين، رهاڻ، پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي، رهاڻ ۽ ساهڙ جا سينگار وغيره شامل آهن. سندن اڪثر ڪتابن تي سرڪار بندش هڻي ڇڏي هئي. ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ سندن آخري تصنيف آهي.
پاڻ عدم تشدد واري فڪر جا پوئلڳ هئا ۽ استحصالي قوتن خلاف سينا سپر رهيا۔ اهوئي سبب آهي جو پاڻ گهڻو وقت جيلن ۾ رهيا۔ سندن پوئلڳن ۾ هڪ وڏو حصو شاگردن ۽ نوجوانن جو پڻ رهيو آهي۔ اڄ به سن ڏانهن ويندڙ قافلن تي نظر وجهبي ته هڪ وڏو تعداد جوشيلن نوجوانن جو نظر ايندو۔
سنڌ جي هن محسن شخصيت کي سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي۔
جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونء پيٺي ساريندي سڄڻن کي
وڃي ڀونء پيٺي ساريندي سڄڻن کي
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: