[JUSTIFY]پنهنجي پروردگار کي اهو نه ٻڌايو ته اوهان جي مصيبت ڪيڏي وڏي آهي پر اوهان پنهنجي مصيبت کي ٻڌايو ته اوهان جو پروردگار ڪيترو عظيم آهي ۔ حضرت علي ڪرم الله وجه[/JUSTIFY]
جواب: پنهنجي مصيبت کي ٻڌايو واهه واهه ڇا ته مولا جو قول ونڊيو اٿوَ !!! مولا علي مشڪلڪشا پڇا نه ڳڇا ڌُوووووووووووو بهشت ۾ ۔
جواب: پنهنجي مصيبت کي ٻڌايو سائين اسان جي نظر ۾ جيڪو مشڪلڪشا آهي اهو هو ئي آهي ته اسان جي قيامت ۾ توري دنياوي فائدي ۾ مشڪلڪشائي ڪري ۔ پر عارفن و سالڪن جي نگاه ۾ ائين ناهي اصل ۾ مشڪلڪشائي انهن جون تعليمات آهن مثال جي ڪو شخص منجهيل هجي ته جيڪو ان جو مونجهارو ختم ڪري ان ان جي مشڪلڪشائي ڪئي ۔ هن دنيا جون دگرگون مصروفيات انسان کي گم راه ڪري رهيون آهن انهن مونجهارن ۾ انهن هستين جون تعليمات مشڪلڪشا ئي ڪنديون آهن اسان کي سالڪن ائين سمجهايو۔ وسلام
جواب: پنهنجي مصيبت کي ٻڌايو ڏاڏل شينو صاحب اسلام عليڪم۔توهان جا لک لائق جو حضرت علي ڪرم الله وجه جا بهترين اقوال هن فورم جي ڪينئوس تي چٽيا اٿئو۔بيشڪ الله پاڪ تمام گهڻين عظمتن وارو آهي،هر شي تي قادر آهي،ڪا به شي هن جي حڪم کان ٻاهر نه آهي۔وڏي کان وڏي مصبيت ۽ تڪليف هڪ لمحه ۾ ختم ڪر ي سگهن ٿا۔هو شان ڪبريا وارا آهن۔شل الله سائين اسان تي پنهنجي ٻاجھ ۽ رحم واري نظر ڪن۔آمين۔