• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿر ڪوئلو ۔۔۔ هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

نثارابڙو

نائب منتظم
هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

ٿر ڪوئلو پراجيڪٽ شروع


http://imageshack.us

سنڌ سلامت فيسبڪ تي جاويد ڀٽيءَ جي حوالي سان هڪ خبر ونڊ ٿي آهي ته ٿر ڪول پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن لئه انجنيئر، ماهر ۽ ٻيو عملو پنجاب يعني فيصل آباد انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ مان گهرائي ڀرتي ڪيو ويو آهي ...

افسوس!!!! جڏهن ته ٿر ڪول پراجيڪٽ جي بلڪل ڀر ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي موجود آهي، جنهن مان هر سال سوين انجنيئر نڪرن ٿا ... جنهن مان سوين انجنيئر ۽ ماهر پئدا ڪري سگهجن ٿا ... پر نه! سنڌ جي ماڻهن کي نه روزگار ڏيڻو آهي نه تعليم ڏيڻي آهي ۽ نه وري سنڌ جا وسيلا سنڌ جي لئه آهن ...

اسين سنڌ سلامت فورم ذريعي ان عمل جي سخت ندا ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌين سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سنڌي نوجوانن، انجنيئرز ۽ ماهرن کي ڀرتي ڪري سنڌ جا وسيلا سنڌين جي حوالي ڪيا وڃن ..

اسين سنڌ جي سياسي ۽ سماجي نتظيمن کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ان غير عادلانه عمل خلاف آواز بلند ڪري حقدارن کي حق ڏيارن ...

ياد رکو! جيستائين سنڌي پنهنجي مال ۽ اسباب جي مالڪي نه ڪندا تيستائين نه ته تعليم ۾ ڀڙ ٿيندا ۽ نه سماجي ترقي ڪري سگهندا ... انڪري پنهنجن وسلين جي مالڪي ڪريو ۽ قوم ۾ خوشحالي آڻيو ...

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
 
جواب: ٿر ڪوئلو ۔۔۔ هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

ٿر جي ڪوئلي جا ذخيرا؛
حوالو؛
سلمان علي پاران hubpages.com تي لکيل؛
سائين شفيق احمد جوکئي صاحب پاران سنڌي ادبي ايسوسيئشن فيسبڪ تي ونڊ ڪيل؛
ترجمو؛ نثار ابڙو
نوٽ؛ دوستو هي ليک مختصر ۽ معلوماتي آهي، اوهان سڀني جي پڙهڻ لاءِ آهي ۽ اسان سڀني جي لاءِ سوچڻ جو مقام آهي، ان اميد سان پيش ڪريانٿو ته اسين سنڌي هن مسئلي کي پنهنجي زندگي ۽ موت جي سوال جيئان سوچي حل ڪرايون ۽ هي ڪمسپرسي ۽ غربت جا ڏينهن ۽ اونده ۾ رهڻ جو دور ختم ڪريون ...

“ جيڪڏهن سعودي عرب ۽ ايران جي تيل جا ذخيرا گڏ ڪجن ته لڳ ڀڳ 375 بلين بئرل ٿيندا. پر اڪيلي سر ٿر سنڌ جي ڪوئلي جا ذخيرا لڳ ڀڳ 850 ٽرلين ڪيوبڪ فٽ ٿين ٿا. جيڪي سعودي عرب ۽ ايران جي تيل جي ذخيرن کان به گهڻا آهن.

هن ڪوئلي جي ذخيرن مان لڳ ڀڳ 850 ٽرلين ڪيوبڪ فٽ گئس ملندي جيڪا پاڪستان ۾ موجود موجود گئس جي ذخيرن کان 30 فيصد وڌيڪ ٿيندي.
ڊاڪٽر مرتضٰا مغل پاڪستاني اقتصاديات واري شعبي جي صدر چيو آهي ته ڪوئلي جي ذخيرن جي قيمت 25 ٽرلين آمريڪي ڊالر آهي ، ان پئسي سان نه فقط پاڪستان کي ايندڙ 100 سالن لاءِ بجلي ملي سگهندي بلڪه 4 بلين ڊالر بچندا جن سان پاڪستان کي گهربل تيل جو بل به ادا ٿي ويندو. ٿير جي ڪوئلي جو صرف 2 فيصد خرچ ڪرڻ سان 20،000 ميگاواٽ بجلي پئدا ڪري سگهجي ٿي ان بجليءَ کي هڪ منٽ جي وقفي کان بنا پوري پاڪستان لاءِ 40 سالن لاءِ بجلي مهيا ڪري سگهبي. ۽ جيڪڏهن سڀ ذخيرا استعمال ٿيندا ته تصور ڪريو ته ڪيترو ناڻو ڪمائي سگهبو يا بجلي پئدا ڪري سگهبي.
ڪوئلي مان بجلي پئدا ڪرڻ تي جيڪو خرچ ٿيندو اهو آهي 5.67 روپيا پاڪستاني، جڏهن ته هن وقت پاور ٺاهيندڙ ادارن جو خرچ اچي ٿو 9.27 پاڪستاني روپيا.
ڪوئلي مان بجلي پئدا ڪرڻ لاءِ صرف 420 بلين روپين جي ضرورت ٿيندي، جڏهن ته ان مان پاڪستان کي 1220 بلين روپيا ته صرف ٽئڪس ملندو.
چائنا سميت ڪجهه ٻين ادارن نه فقط سموريون رپورٽون ۽ منصوبا تيار به ڪري ورتا آهن ۽ 100 فيصد لاڳت لڳائڻ لاءِ به چيو آهي، پر پاڪستان جي پئٽرول سان لاڳاپيل چند ماڻهن ۽ ادارن (پئٽروليم گينگ) هميشه انهن منصوبن جي منظم طريقي سان مخالفت ڪندا رهنٿا ...
پاڪستان جي پئٽروليم وارو گروه گهڻُو مضبوط ۽ طاقتور آهي، ۽ پئٽرول کان علاوه هر طرح جي سگهه، قوئت يا بجلي حاصل ڪرڻ جي مخالفت ڪندي تيل جي درآمد تي زور ڏين ٿا. هن گروهه کي تيل جي درآمد ۾ سڀ کان گهڻو فائدو ملي ٿو، وڌندڙ تيل جي خرچ ۾ صرف هن سال 15 بلين ڊالر ٿيندا. پاڪستان جي مرڪزي حڪومت سنڌ جي ڪوئلي کي تمام سستي اگهه ۾ انهن ئي ڪمپينين کي کپائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي
*********************
ڪوئلي جي هيءَ سگهه سنڌ ۾ صدين کان موجود آهي ۽ سنڌ حڪومت کي انجي خبر گذريل 30 سالن کان آهي، ڇا 30 سالن ۾ ايتري دولت جو استعمال نه ڪرڻ بيوقوفي چئبي يا سنڌ دشمني؟
سنڌ جا وارثو، جاڳو ۽ پنهنجي سگهه جي حفاظت ڪريو ۽ سنڌ جو ڪوئلو سنڌ لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ حڪومت وقت کي مجبور ڪيو ۽ ان ڪوئلي تي صرف ۽ صرف سنڌ جو حق آهي ۽ سنڌ جي علائقي ٿر جو حق آهي، اچو ته سنڌ بچايون ۽ اهڙي سوچ ڪريون جنهن سان سنڌ خوشحال ٿئي ...
انکان اڳ جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي وڃي ، اکيون کوليون سنڌ جي مالڪي ڪريو ...
 
جواب: ٿر ڪوئلو ۔۔۔ هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جڏهن ته 2003 ۾ ڪي اي ايس سي ۾ فل ميرٽ هلي ء 90 مهراڻ يونيورسٽيء جا شاگرد چونڊجي آصا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌين سان هر دور ۾ ويساهه گاهتيون ٿينديو رهيون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي حڪمرانن کي اها شيء نظر ڇو نٿي اچي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
 
جواب: ٿر ڪوئلو ۔۔۔ هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

جنهن دوست کي ٿر ڪوئلي جي بابت 1994 ۾ شايع ٿيل هڪ ڪتاب نالي
Geology and Coal Resources of the Thar Coal Field,
Sindh Province, Pakistan
James E. Fassett and Nasir A. Durrani
U.S. Geological Survey Open-:ie Report 94-167
1994

پڙهڻو هجي ته هيٺ لنڪ تي ڪلڪ ڪري

Geology and Coal Resources of the Thar Coal Field,
Sindh Province, Pakistan
 
جواب: ٿر ڪوئلو ۔۔۔ هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

وڏي ڳالھ آھي خبر نه آھي ته اسان جا سنڌي ڀائر الائي ڪڏھن جاڳندا؟؟؟
 
جواب: ٿر ڪوئلو ۔۔۔ هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

تمام گهڻو معلوماتي ليک آهي۔۔۔
افسوس جو ڪامياب تجربي کان پوءِ وفاق طرفان واعدو ڪيل رقم پڻ هن پروجيڪٽ تي نه ٿي ڏني وڃي۔۔ اڄ چيئرمين ٿر ڪول پروجيڪٽ ۽ ماياناز سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ جو پڻ هڪ بيان پڙهڻ وٽان مليو ۔۔۔ جنهن ۾ هن چيو ۔۔ ”جيڪڏهن ايندڙ ٻن هفتن ۾ وفاقي حڪومت طرفان واعدو ڪيل ٻه ارب روپيا جاري نه ڪيا ويا ته ٿر ڪول منصوبو تباهه ٿي ويندو۔۔ “ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ان چيو ته ”ٿر ڪول منصوبي تي جولائي 2010 ۾ ڪم شروع ڪيو ويو هو۔۔ جنهن تي هيل تائين هڪ ارب روپيا خرچ ٿي چڪا آهن۔۔۔ هاڻي منصوبي ۾ گيس تيار ٿي چڪي آهي جيڪا ضايع ٿي رهي آهي۔۔ جيڪڏهن وڌيڪ مشينري نه گهرائي وئي ته گئس ۾ پاڻي داخل ٿي ويندو ۽ سمورو منصوبو ضايع ٿي ويندو ۔۔۔ اهڙي طرح حڪومت طرفان ڏنل هڪ ارب روپيا پڻ ضايع ٿي ويندا۔۔۔ “
حڪومت جو هن پروجيڪٽ کي نظرانداز ڪرڻ جو ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو جو وزيراعظم ۽ صدر ميڊيا جي سامهون ته بار بار منصوبي تي توجه ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون آهن پر ان جي پورائي لاءِ بلڪل به سنجيده نه آهن۔۔۔ وزيرِ خزانا ته ٻه دفعا ملاقات جو وقت ڏئي به ڦري ويو آهي۔۔
 
جواب: ٿر ڪوئلو ۔۔۔ هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

وفاقي حڪومت هڪ دفعو وري نا اهلي جو ثبوت ڏيندي هڪ اهم پراجيڪٽ جي فنڊنگ روڪي آهي۔ بلڪه مون ته ٻڌو آهي ته وفاق پاران اڃان ڪابه رقم جاري ناهي ٿي۔ اڃان تائين سنڌ حڪومت جا پيسا خرچ ڪيا ويا آهن۔

ڀلا جيڪڏهن هي پروجيڪٽ بند به ٿيو ته سنڌ جو فائدو آهي۔ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جا ّذخيرا محفوظ ته رهندا۔
 
Back
Top