يونيورسٽي جي لائبريري ۾ ويٺو هئس ته شاگرد اخبارن پڙهڻ ۾ مصروف هئا مون سوچيو ته اخبارن ۾رڳو ڦُرلٽ ۽ سياسي ملاکڙن جون خبرون هونديون.سوچيم ته وڃي ڪا اخبار ڏسان ته ڪير مئو ڪير بچو.ته اچانڪ منهنجي نظر عبرت اخبار جي تعليمي صفحي تي پئي. ۽ ڏاڍو سٺو لڳو ته ملڪ جي ترقي لاءِ تعليمي صفحا اخبار جي زينت بڻجن پيا.اها ڪوشش ڪافي حد تائين تعليم جي ترقي ۾ مدد ڏيئي سگهي ٿي . باقي اُهو به ضروري آ ته دنيا ۾ ملڪ ۾ سنڌ ۾ ڇا ٿيو ڇا نه ٿيو. آمريڪا اڳڪٿي ڪئي آهي ته 2025 تائين اهڙي جديد ٽيڪنالاجي قائم ڪري وٺنداسين جنهن جي مدد سان جنگ ۾ انسان جي ضرورت نه پوندي COMPUTER AUTOMATIC هر ڪم ڪندو چوڻ جو مقصد ته ڏينهون ڏينهن دنيا ۾جديد ۽ نيون شيون متعارف ٿين پيون سائنس ٽيڪنالاجي ترقي ڏانهن روان آهي .ته هاڻي اسان کي به پنهنجن پراڻن طريقن، نظامن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي خاص ڪري تعليم جي ميدان ۾ نئون طريقيڪار اختيار ڪرڻو پوندو .جنهن سان نه صرف تبديلي رونما ٿيندي پر شاگردن جي دلچسپي پڻ وڌندي .سنڌ جي اسڪولن ڪا ليجن جي ڪورس تي ڌيان ڏبو ته اُهي يڪسانيت جوشڪار نظر ايندا .درسي ڪتابن جو رڳو ڪور پيج تبديل ٿيئي ٿو پر اندران اُهوئي ساڳيو پراڻو مواد ڏسڻ لاءِ ملندو . آئون سڀني ڪتابن جي ڳالهه نٿو ڪريان خاص ڪري سائنس سان لاڳاپيل درسي ڪتاب.باقي اسلامي ۽ تاريخي ڪتاب ته ساڳي ريت برقرار رهندا انهن ۾ به جيڪڏهن اڃان آساني ڪبي ته شاگردن جو فائدو ٿيندو.ڳالهه پئي ڪيم ته سائنس سان وابستا ڪتابن ۾ ڪجھه نئون اضافو ضروري آهي.ڇاڪاڻ ته روزمرهه جي کوجنائن ۽ دريافتن جا حوالا صرف ريسرچ پيپرن تائين محدود ٿي ويا آهن.جيڪي تقريبن انٽرنيٽ تائين محدود آهن .پر جيڪڏهن انهن جو ٿورڙو حوالو هر سال جرنل سائنس جي درسي ڪتابن ۾ ڏنو ويندو ته ڪافي نواڻ ۽ تبديلي شاگردن جي دلچسپي جو مرڪز بڻبي . پرائمري کان مڊل ۽هاءِ اسڪول کان ڪاليج تائين ساڳين ڳالهين ، طريقن کي ورجايو پيو وڃي . اهڙي ريت شاگردن کي ڪا به ڳالهه واضع طور تي سمجھه ۾ ئي نه پئي اچي .ماستر به چند هوشيار شاگردن کي ٿورو گھڻو سمجھايو جان ڇڏايو پيرڊ پورو ڪيو وڃن ۽ پويان ويٺل شاگرد آهستي آهستي مولائي لڏو بڻجو وڃن .اڪثر استاد پنهنجي هڪڙي محدود پراڻي ڪاپي تان شاگردن کي هر سال ساڳئي تعليم ڏيئي نه صرف ڪتابن تي ڏنل تصويرن کان محروم ٿا ڪن پر ڪتاب کولڻ تان ئي سندن روح پليو ڇڏين .اهڙي ريت هر سال ساڳيي طريقيڪار سان نه صرف تعليمي سرگرميون يڪسانيت جو شڪار بڻجن ٿيون پر شاگرد به ٿڪاوٽ ۽ بوريت محسوس ڪن ٿا .هر سال استاد پنهنجن محدود پراڻين ڪاپين تان تعليم ڏيندا ته شاگرد ڇا سکندا ؟ ان ڪري شاگرد ڪتابن کي نظر انداز ڪري پنهنجن سينئر شاگردن کان نوٽ بُڪ وٺيو ڪاپيون فير ڪيو ڇڏين .۽ حالت اها آهي جو ماستر صرف ڪاپيون فير ڪرائڻ لاءِ شاگردن تي ڏنڊا کنيو ويٺا آهن . باقي سمجھائيندو ڪير ؟؟؟؟ چند اُستاد آهن جيڪي لکائڻ سان گڏ سمجھائن به ٿا .باقي ٻيا سڀ ڪاپي ٺهرائڻ تي وارو وار ان ڪري شاگرد اڪثر اسڪولن ۾ رڳو ڪاپيون فير ڪرڻ ۾ مصروف نظر ايندا . ڇا تعليم صرف لکڻ سان پرائي سگھجي ٿي ؟؟؟؟ شاگردن کي استادن پاران هدايتون ملنديون آهن ته وڃي گائيڊون وٺي پڙهو گائيڊن کي سمجھڻ لاءِ به گائيڊينس جو ضرورت پوندي آ . ۽ پوءِ چند شاگرد پنهنجي مدد پاڻ تحت نڪريو وڃن .باقي ڪافي شاگرد استادن جي بي ڌياني ڪارڻ مولائي لڏو بڻجو وڃن اُهي ويچارا سدائين سورن ۾ انهن کي ڪير سمجھائيندو ؟؟؟؟ هاڻي جيڪڏهن اهڙو طريقيڪار برقرار رهيو ته تعليم ڪهڙي آڌار تي ترقي ڪندي . اڄ جي جديد تيز ترين ڪمپيوٽرجي دور ۾ به پرائمري ،مڊل ۽ هاءِ اسڪول جا شاگرد ڪمپيوٽر جي تعليم ءِ تربيت کان محروم آهن .جيڪڏهن ڪمپيوٽر هوندا ته اهي صرف هيڊ ماسترن جي ذاتي استعمال ۾ مصروف نظر ايندا . افسوس آهي اسان پنهنجي معاشري کي ،ايندڙ نسل کي محدود سرگرمين ۾ وڪوڙيو اکيون پوريو چپ سبيو. 1 تاريخ جو ويٺا انتظار ڪيون ته ڪڏهن ايندي ۽ پگھار ملندي .جيڪڏهن ائين ئي زندگي کي محدود رکي تعليم ۽ شاگردن کي نظر انداز ڪبو رهيو ته دنيا جي ڀيٽ ۾ اسان جا اسڪول ، معيار ،طريقيڪارBlack list ۾ هوندا . اڻڄاڻائي اها ٿي ماري ته ملڪ ۾ تعليم لاءِ جيڪي اڻپوريون سهولتون آهن انهن جو به ناجائز استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن سان موجودا تعليمي ڪشتي ۾ به سوراخ ٿي چڪو آهي . ڪنهن به شئي جي سڃاڻپ ۽ ترقي علم کان سوا اڌوري آ اسان وٽ جيڪا ذريعا آهن انهن جو به جيڪڏهن جائز ۽ صحيح استعمال ڪجي ته شاگردن جا مايوس چهرا مُرڪن ۾ بدلجي ويندا پير ڪير سچو ٿيئي ڪير تبديلي آڻي ؟؟؟ ڪاليجن جي لائبريرين ۾ به ڏسندوءَ ته سئو سال پراڻا ڪتاب پيا هوندا جن کي اشو ڪرائڻ لاءِ ڪير تيار ئي نه هوندو .ڳالهه اها ناهي ته پراڻا ڪتاب بي مقصد آهن .يقينن اهي ڪتاب به اهميت جوڳا آهن ،پر انهن ۾ موجود موادکي موجودا دور سان ڀيٽبو ته ڪافي تبديلي نظر ايندي .چوڻ جو مقصد ته انتظاميا کي گھرجي ته بُڪ بيئنڪ سا رابطي ۾ رهي ڪري ورلڊ ليول تي ايندڙ نون ڪتابن کي به لائيبريرين ۾ متعارف ڪرائي جئين شاگردن کي سکڻ لاءِ نئون مواد ملي .اهڙي ريت انتظاميا کي گھرجي ته هر سال درسي ڪتابن ۾ به ڪجهه نئين مواد جو اضافو ڪري يڪسانيت واري ماحول کي ختم ڪري ته جئين شاگرد لائيبريرين ۾ دلچسپي وٺن .اهڙي ريت مختلف اسڪولن ۾ وقت سان گڏوگڏ استادن جي بدلي مختلف اسڪولن ۾ ٿيندي رهي ته جيئين اسڪولن ۾ سرگرميون بدلجن .انهي عمل سان شاگردن جي جوش ۽ ولولي ۾ ڪمي ڪون ايندي .ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ساڳيا استاد سالن کان مسلسل ساڳئي ئي اسڪول ۾ پڙهائيندا رهيا ته شاگرد ذهني طور تي الرٽ نه رهندا .۽ قدرتي انسان تبديلي چاهي ٿو ڪهڙو به ماحول يا جڳهه هجي تبديلي نه ٿيندي ته بيزار ٿي پوندو. ان لاءِ بهتر اهو رهندو ته 6 مهينن جي عرصي کانپوءِ تعليمي سرگرمين ۾ نواڻ سان گڏ استادن کي به مختلف اسڪولن ڏانهن روانو ڪجي ،سنڌ جا اڪثر اسڪول لاڳاپيل علائقن جي استادن سان ڀريل نظر ايندا ماستر ته رسيس محل گهران ماني کايو اچن .پري کان آيل ويچارا شاگرد موڪل جي انتظار ۾ هوندا آهن .. پرائمري مڊل ۽ هاءِ اسڪولن ۾ جرنل ناليج ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي پڻ تربيت ڏني وڃي .ته جئين شاگرد جديد دور جي ايجادن،کوجنائن کان به با خبر رهن . هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته اهو سڀ ٿيندو ڪئين ؟؟؟ سڀ کان پهرين ته اسڪول ، ڪا ليج جي پرنسيپل کي کپي ته شاگردن جا مسئلا ٻڌي .۽ پوءِ پورو اسٽاف هڪٻئي سان سچائي جو مظاهرو ڪري ۽ پوءِ آعليٰ عهديدارن سان مطالبو ڪن نوان ڪتاب ،ڪمپيوٽر ،جديد سائنسي سامان ۽ ٻيون گهربل ضرورتون پوريون ڪيون وڃن. اهڙي ريت تعليم جي معيار کي پوئتي وڃڻ کان روڪي شاگردن جي دلچسپي کي عملي شڪل ۾ آڻي انهن لاءِ آساني پيدا ڪري سگھجي ٿي . آئون سمجهان ٿو ته اهڙي تبديلي نه صرف تعليم جي معيار کي برقرار رکندي پر دنيا جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي تعليم جو معيار سر فهرست هوندو شيراز نظاماڻي rjsheeraznizamani@hotmail.com
جواب: ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔معياري تعليم لاءِ تبديلي ۽ نواڻ جي ضرورت آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تعليمي نظام تي لکيل سٺا نوٽ ۽ سهڻا خيال آهن۔ ڪاش ڪو اسان وٽ اهڙو هجي جيڪو هن فرسوده تعليمي نظام کي تبديل ڪري يا وري ان ۾ بهتريون آني، جيئن سنڌي قوم هن چٽا ڀيٽي واري دور ۾ ڪو مقابلو ڪري سگهي۔ هي دور سائنس ۽ معاشي علم سان گڏ ٽيڪنالاجي ۽ ميڊيا جو دور آهي۔ اسان کي نون نظامن ۽ جديد طريقن سان تعليم کي رائج ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ اوهان کي جس هجي، اوهان ڀلو پيا لکو