پاڪستان ۾ سراسري طور ماڻهون جون گهڻيون سالگراهون ٿينديون آهن۔۔؟ هڪ مرغي شاپ تي همراه 6 فٽ ڊگهو آهي۔ هو وزن ڪنهن جو ڪندو۔۔؟ ريڍار وٽ 23 رڍون هيون۔ 11 کانسواءِ سڀ مري ويون۔ باقي گهڻيون بچيون؟ ڪجهه مهينن کي 30 ڏينهن ٿيندا آهن۔ ڀلا 28 ڏينهن گهڻن کي ٿين؟
جواب: سياڻا آهيو ته جواب ڏيو۔۔۔ پهرين سوال جو جواب؛ الله جي رضا سان ڪنهن کي هڪ به نصيب نه ٿئي ته ڪنهن کي 100 نصيب ٿين، سوال نمبر ٻي جو جواب؛ همراه پنهنجو وزن ڪندو جي ڪانٽو سهي ڏسندو ته، نه ته مرغي تورائيندو پئسا ڏيندو ۽ مرغي جي پچڻ جو انتظار ڪندو ۔۔۔ يا نصيب سوال نمبر ٽين جو جواب؛ 11 رڍون به وڪڻي ڇڏيندو ته جيئن ڪو ٻيو ڪم ڪري فائدو حاصل ڪري ۔۔۔ جي سياڻو هوندو ته سوال نمبر چوٿين جو جواب؛ فبروري مهينو به عجيب آهي ڪڏهن 28 جو ته ڪڏهن 29 جو ٿي ويندو آهي، چنڊ ته ڦرڻو گهرڻو هوندو آهي پر الائجي ڇو سج واري ڪئلينڊر ۾ اهڙي تبديلي ٿيندي آهي ۔۔۔ ائين ڇو؟ اهو هڪ الڳ سوال آهي؟ پر ادا رشيد! اوهان کان اهي سوال اوهانجي ننڍڙي ڪيا هيا، اوهان جواب ڏنا يا اسانکان پڇي ٻڌائيندا۔ خئير اسين به سياڻا آهيون، اهڙا جواب ڏينداسون جنهن ۾ عدالتي پڪڙ نه ٿئي ۔۔۔ ڇاڪاڻ اڄڪلهه سڀ ڪم عدالت ۾ پيا ٿين ۔۔۔؟؟؟ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سياڻا آهيو ته جواب ڏيو۔۔۔ يار گهڻو گهائي ڇڏيو اٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته سائين نثار جا جواب ڪافي آهن۔ جي نه ته ٿورا مدد مان به ٿو ڪيان۔ رڍن واري همراهه وٽ هڪ رڍ وڃي بچي يعني 11هين رڍ ، هاڻي بهتر اٿس ته وڃي گهر ويهي ۽ ان کي به قورمو ڪري يا سجي ٺهرائي کائيس۔ 28 ڏينهن سڀني يعني ٻارنهن ئي مهينن کي ٿين۔
جواب: سياڻا آهيو ته جواب ڏيو۔۔۔ هل ته سهي يار سليمان، ممڪن اوهان سهي سمجهيا هجو ته 11هين رڍ کانسوا سڀ مري ويون ۔۔۔ مطلب همراهه اسانجي سچل ڳوٺ جي ميمڻ جيئان سڀ ٻڪريون وڃائي ويٺو ۔۔۔ ياد ڪيو ته حج واري عيد کان اڳ سچل ڳوٺ جي ڪنڊ تي هوٽل جي مالڪ ميمڻ جون سڀ ٻڪريون چورائجي ويون هيون ۔۔۔ ماڻهن به ڏٺو ته پليل ٻڪريون بيٺيون آهن ۽ مٿان قرباني جي عيد به اچي ٿو سو نه ڪيائون هم نه تم، سڌو ميمڻ جون رڍو قرباني جي حوالي ۔۔۔ هل ڙي مسلمان تنهنجي قرباني ۔۔۔۔!!!!
جواب: سياڻا آهيو ته جواب ڏيو۔۔۔ رشيد وڏو سياڻو آهي اسان جهڙن کان اهڙا مشڪل جواب پڇي پنهنجن ڇوڪرن کي جواب ڏيندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊگها ته هت به گهڻا آهن۔۔۔۔ باقي شاپ وارو وزن مرغيء جو ڪندو رڍ ته هڪ ئي بچي 28 ڏينهن هر مهيني ۾ ايندا آهن
جواب: سياڻا آهيو ته جواب ڏيو۔۔۔ ادا رشيد صاحب اميد ته اوهان کي پنهنجي سوالن جا جواب ادا سليمان وساڻ ۽ ادا نثار ابڙو صاحب جي جواب مان ملي ويا هوندا۔ پاڪستان ۾ ماڻهن جي ايوريج عمر پنجاه کان سٺ سالن جي درميان آهي ان مان توهان پاڻ اندازو لڳيئي سگهئو ٿا ته پاڪستانين جون سراسري سالگراهون ڪيتريون هونديون۔(پنجاه يا سٺ)۔ادا ڪڪڙن جي دڪان تي ڪڪڙن جو ئي وزن ٿيندو نه ڪئي ڪنهن انسان جو۔سائين جڏهن 11 رڍن کانسواء ٻيون رڍون مري ويون ته اوهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته گهڻيون رڍون زنده رهيون۔ 28 تاريخ هر مهيني ۾ هوندي آهي۔
جواب: سياڻا آهيو ته جواب ڏيو۔۔۔ دوستن جي مهرباني جن سوالن جي جوابن ۾ حصو اٽڪائي مون کي پنهنجي ننڍڙن اڳيان شرمندگي کان ڪنهن حد تائين بچائي ورتو۔۔۔ اصل ۾ جيترا سوال آسان نظر اچي رهيا آهن ايترا آسان نه آهن جو انهن ۾ ور وڪڙ شامل ڪيا ويا آهن۔۔ بحرحال جواب ڪجهه هن طرح ٿيا۔۔۔ پاڪستان ۾ سراسري طور ماڻهون جون گهڻيون سالگراهون ٿينديون آهن۔۔؟ اصل ۾ هن سوال ۾ عمر بابت نه پيو پڇيو وڃي پر لفظ سراسري شامل ڪري الجهايو پيو وڃي ۔۔ هتي دراصل اهو پيو پڇيو وڃي ته ماڻهون سال جو جنم گهڻا دفعا ملهائي ٿو ۔۔۔ جواب يقينن هڪ ئي آهي۔۔۔ هڪ مرغي شاپ تي همراه 6 فٽ ڊگهو آهي۔ هو وزن ڪنهن جو ڪندو۔۔؟ هتي به سوال ڪندڙ همراه جو قد ڏسي سندس ئي وزن ۾ الجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۔۔ جڏهن ته سوال ۾ ئي جواب موجود آهي ته ۔۔ همراه مرغي جو ئي وزن ڪندو۔۔۔ ريڍار وٽ 23 رڍون هيون۔ 11 کانسواءِ سڀ مري ويون۔ باقي گهڻيون بچيون؟ هن سوال کي به الجهائي پڇيو ويو ۔۔ جڏهن ته جواب ته سوال ۾ ئي موجود هيو۔۔۔ يعني ۔۔ 11 رڍون بچيل آهن۔۔۔ ڪجهه مهينن کي 30 ڏينهن ٿيندا آهن۔ ڀلا 28 ڏينهن گهڻن کي ٿين؟ جي ها 30 ڏينهن جو ٻڌائي ذهن کي مختلف مهينن ۾ الجهايو ويو ۔۔ جڏهن ته هرڪو ڄاڻي ٿو ته ۔۔۔۔ 28 ڏينهن ته سمورن مهينن ۾ ٿيندا آهن۔۔ جوابن ۾ بهرو وٺڻ تي دوستن جي مهرباني۔۔
جواب: سياڻا آهيو ته جواب ڏيو۔۔۔ چگو ٿيو جو مون جي اچڻ کان اڳ دوستن جواب ڏئي ڇڏيا نه ته وري مان پنهنجي ننڍڙي ذهن تي زور ڏيڻو پوي ها بهترين سلسلو آهي ان کي جاري رکيو وڃي سدائين گڏ