سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ: نقصان ڪنهن جو؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [JUSTIFY]سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ: نقصان ڪنهن جو؟

    انعام شيخ

    منهنجو هڪڙو ٻار سنڌ يونيورسٽي جي هڪ تمام سٺي شعبي ۾ گريجوئيشن ڪري رهيو آهي. منهنجو خيال هو ته کيس ماسٽرس جي ڊگري به اتان ئي ڏياريندس. پر هاڻي انتظار ڪري رهيو آهيان ته گريجوئيشن جي انڌي منڊي ڊگري ڏيارڻ کان پوءِ نه رڳو کيس سنڌ يونيورسٽي مان ڪڍي لاهور يا اسلام آباد جي ڪنهن اداري ۾ وڌيڪ تعليم ڏياريندس، پر ٻئي ٻار کي به ايندڙ سال سنڌ يونيورسٽي بجاءِ سڌو سنئون ڪراچي جي ڪنهن اداري ۾ موڪليندس. اهو منهنجو اڪيلو ۽ نادر شاهي فيصلو ناهي، پر انهن ٻارن سميت تازو پنجاب ۽ اسلام آباد جي تعليمي ادارن جو دورو ڪرڻ کانپوءِ اسان گهر جي ڀاتين گڏجي اهو طئي ڪيو آهي. سبب؟ سبب اهو آهي ته پوئين سيمسٽر (آگسٽ-ڊسمبر 2011ع) ۾ منهنجي نياڻيءَ مون کي آڱرين تي ڳڻي ۽ پني تي حساب ڪري ٻڌايو ته مٿئين سيمسٽر جي 150 ڏهاڙن ۾ سندس ڪُل 15 ڪلاس ٿيا، (سي به انتهائي تڪليف ۽ مشڪل سان) ۽ ان کانپوءِ فورن فائينل ٽيسٽون شروع ڪيون ويون. 15 ڏينهن ۾ 5 مضمونن ۾ ڇا پڙهائي سگهجي ٿو ۽ ڇا پڙهي سگهجي ٿو؟ پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙ پاڻ فيصلو ڪن ته بهتر! سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اها سُورهيائپ ڪا سال اڌ جي ڳالهه ناهي، پر گذريل ڳچ عرصي کان اُتي ڏيڍ ڊزن کن شاگرد تنظيمن، ٻن چئن اُستادن جي گروپن، ٻن چئن ملازمن جي گروپن ۽ انتظاميه جي سياستباز هڪ حصي طئي ڪري ڇڏيو آهي ته اُهي پنهنجن مطالبن جي پورائي لاءِ احتجاج جا مهذب طريقا اختيار ڪرڻ ۽ تعليمي اداري کان ٻاهر سياسي سرگرميون ڪرڻ بجاءِ سڄو زور ڪلاسن جي بائيڪاٽ ۽ تدريسي عمل جي معطليءَ تي ڏيندا. قصور ڪنهن جو به هُجي، ڪلاس شاگردن جا نه ٿيڻ ڏبا...۽ پوءِ وڏي مان شان سان يونيورسٽيءَ کي ”مادرِ علمي“ سڏي ايڪويهين صديءَ کي فخر سان ٻڌائيندا ته: ”جهان کي ڏيو مبارڪون، اسان ڪلاس بند ڪرايون پيا اچون!“ مون کي ياد آهي ته اسان جي شعبي انٽرنيشنل رليشنز ۾ چيئرمين ڊاڪٽر لطف الله منگيءَ جهڙي لائق انسان اهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو، جو استاد جي ڪلاس نه وٺڻ جو ته سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو، پر جي استاد دير ڪئي يا بنا تياريءَ ڪلاس روم ۾ ويو ته هو صاحب پنهنجي مخصوص مُرڪ ۽ اخلاقي دٻاءَ سان اهڙي اُستاد کي شرمندو ڪندي ٻُڏي مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيندو هو. سندس هڪ پراڻو دوست جيڪو ڪلاسن وٺڻ ۾ ڪُجهه انگل ڪندو هو، چيئرمين ٿيڻ کان پوءِ اُن ڏانهن وچ وارن دوستن هٿان نياپو موڪليائين ته هو يا پابنديءَ ۽ تياريءَ سان ڪلاس وٺي، نه ته مان کيس غير حاضر ڏيکاريندس. سندس ان سختيءَ سبب 25 سالن جي پراڻي دوست اُستاد رٽائرمينٽ وٺي جند ڇڏائي. ان شعبي ۾ به پوين سالن دوران ڏسڻ ۾ آيو ته تيار ٿي ڪلاس روم ۾ مس پڄو ته اوچتو ”بائيڪاٽ...بائيڪاٽ!“ ازغيبي آوازن سان ماحول ٻُري اُٿندو...لَتَ سان ڪلاس کُلندو، ٻه پاچن ڦريل ڏاڍا ڪلاس ۾ داخل ٿيندا ۽ چوندا: ”سَرِ اسان مٿي ڦريل اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جا ڪارڪن آهيون، اسان جي ليڊر ڦَتُو فراڊيءَ کي انتظاميه جي غُنڊن گرفتار ڪرايو آهي، اسان جو احتجاج آهي، ڪلاس خالي ڪريو، نه ته اسان باهه ڏينداسين!“ جيڪڏهن کين سمجهائيندي چئبو ته ”بابا، اسان به شاگرد حيثيت جو حصو رهيا آهيون، پر اسان جي سياست ڪڏهن به تعليم سان دشمنيءَ واري نه رهي، جواب ملندو: ”سائين اسان جي تعليم سان نه پر انتظاميه سان جنگ آهي، اها تيستائين جاري رهندي، جيستائين ڦتو فراڊيءَ کي آزاد نٿو ڪيو وڃي...ڏسو اسان اوهان جي عزت ڪريون ٿا، بحث نه ڪريو، نه ته سُٺو نه ٿيندو.“ موقعي جي نزاڪت ڏسندي منگي صاحب اچي نڪرندو ۽ اک هڻي في الحال ڪلاس ختم ڪرڻ جو اشارو ڏيئي شاگردن جي روپ ۾ آيل عذاب ٽرڻ کانپوءِ ٻيهر ڪلاس وٺڻ جي هدايت ڏيئي ڇڏيندو. بعد ۾ ڪلاس ٿئي يا نه، پر خبر وٺڻ تي پتو پوندو ته ”ڦتو فراڊيءَ“ جي گرفتاريءَ جو اصل سبب رات هاسٽل ۾ ڪڙو پاڻي پي فائرنگ ڪرڻ ۽ ساڳي هاسٽل ۾ رهندڙ هڪ شاگرد کي ”انقلابي جدوجهد“ ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ هو...بهرحال اهڙا هڪ نه هزارين بيڪار سبب آهن، جن کي جواز بڻائي سنڌ جي ادارن ۾ پنهنجن هٿان تعليم جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو آهي ۽ برو ڀلو ”پنجاب سامراج“ کي ليکيو پيو وڃي.

    توقع هئي ته ان ”بائيڪاٽي آزار“ آڏو استاد مزاحمتي ديوار ٿي بيهندا ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن سنڌ يونيورسٽيءَ منجهان ان آزار جو خاتمو ٿيندو، پر حيرت جي ڳالهه آهي ته گذريل ڪجهه عرصي کان هڪ سياسي جڳاڙيءَ جي فلسفيانه راهبريءَ ۾ استاد صاحبان تعليمي ۽ تدريسي بائيڪاٽ جو بار پنهنجي ڪُلهن تي کنيو آهي. هاڻي اُنهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ سڄو زور شاگردن جي اڳ اونداهي ٿيل آئيندي کي وڌيڪ اونداهون بڻائڻ تي رکيو آهي. ان روش جو تسلسل تازو اُستادن جو هلندڙ بائيڪاٽ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل 15 ڏينهن کان اداري ۾ تدريسي عمل بند آهي ۽ خبر ناهي ته اهو سلسلو ڪيستائين جاري رهندو؟ استاد صاحبان جو ته چوڻ آهي ته موجوده وي سي ڊاڪٽر مغل جي اداري مان روانگيءَ تائين اهو بائيڪاٽ جاري رهندو.

    غضب ڪيا تيري واعدي په اعتبار ڪيا

    تمام رات قيامت کا انتظار ڪيا

    استادن جي هڪ حلقي جو ماضيءَ ۾ خيال هو ته مظهرالحق صديقيءَ جي روانگي کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ کير جون نديون وهنديون ۽ هاڻي خيال اٿن ته مغل صاحب جي روانگي کانپوءِ ماکيءَ جا واهڙ وهندا. اهو ڏسڻ بنا ته جيڪي ماڻهو وي سيءَ کي چلتو ڪرڻ لاءِ سرگرم ۽ پنهنجي لاءِ صدريون سبرايون ويٺا آهن، تن منجهان ڪنهن جو به اهڙو نه آهي ۽ نه ئي وري منجهائن ڪو برٽرئنڊرسل ۽ جان ڊيويءَ جهڙو آهي. اسان لاءِ گذريل وڏي عرصي کان ته ڳالهه اها ئي ٿيندي آئي آهي ته:

    عبدالڪريم گئي تو آئي ڪريم بخش،

    ايسي ڪريم بخش سي، رب ڪريم بخش!

    اُستاد برادريءَ جو حصو هئڻ ڪري، مون کي استادن جي جائز مطالبن سان نهايت همدردي آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته موجوده سُوٽا جو صدر اظهر شاهه هڪ شريف، ذميدار ۽ انتهائي قابل اُستاد آهي، جنهن جو تدريسي رڪارڊ صاف سٿرو آهي ۽ چند ”عادي احتجاجي عادتين کي ڇڏي ساڻس هڪ وڏو حلقو تعليم دوست استادن جو گڏ آهي. کين مهذب احتجاج ڪرڻ جو مڪمل جمهوري حق آهي، پر اهو احتجاج ”ڪلاسن جي بندش“ جي قيمت تي هرگز قبول ناهي! اسان جي برادريءَ جا دوست سينڊيڪيٽ، سينيٽ، گورنر هائوس، پريس ڪلبن، سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين تائين ضرور پهچن. جيڪڏهن اُتان رليف نٿو ملي ته اداري اندر به ڀلي ڌرڻا هڻن، پر اُهي ڌرڻا ڪلاسن جي خاتمي کان پوءِ هڻڻ کپن. مان اظهر شاهه صاحب جي جدوجهد جي حمايت ڪندي کيس اها به صلاح ضرور ڏيندس ته هُو پنهنجي حلقي ۾ پڻ احتسابي اک ڊوڙائي، هُو اهي ويڊيوز گهرائي ڏسي، جنهن ۾ ٻه چار مهينا اڳ تائين انڊس هوٽل سميت مختلف هنڌن تي ڪجهه استاد موجوده وي سي صاحب تان گهوٽ ماءُ جيان گهور پئي ٿيا. هُو اهڙن استادن کي به پنهنجي حلقي مان پري رکي جيڪي سالن کان ڪلاس وٺڻ کان پڙُ ڪڍيو بيٺا آهن ۽ ڪلاسن ۾ وڃن به ٿا ته ”واٽ مَني ڪياماڙي گو“ جهڙي انگريزي ڳالهائي شاگردن کي ڏندڻ ڏيارڻ جي ڌنڌي ۾ ملوث آهن. اُهي استاد جيڪي اداري جا اسي لک سيڙائي اٺ سال انگلينڊ ۾ رهي اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ انگريزن جي انگريزيءَ جو ٻيڙو ٻوڙي ڊگريون وٺڻ بنا وطن واپس موٽيا، تن کان به پڇاڻو ٿيڻ کپي. استادن منجهان جيڪي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندي به وَرمِ ايامِ جاهليه جي دور جا نوٽيس وجهي ڪلاسن ۾ اَڪَ ڪارا ڪن ٿا، تن جي لاءِ پڻ تربيتي ڪورس ڪرائڻ جي ضرورت آهي. سماج کان حق طلبيندڙ اُستادن جي حلقي لاءِ ضروري آهي ته اُهي سول سوسائٽيءَ تي ٻڌل فورم ٺاهي، اُنهن کي استادن جي ڪلاسن جو ٽائيم ٽيبل ڏيئي اوچتو ڪلاسن جا دورا ڪرائي ۽ کين ٻڌائي ته ڪهڙا استاد ٽائيم ٽيبل مطابق ڪلاس روم ۾ آهن، ڪهڙا ناهن؟ ۽ جيڪي موجود آهن، اُهي ڇا ٿا پڙهائين! جڏهن خود احتسابيءَ جو اهڙو عمل سنڌي سماج پنهنجي اکين سان ڏسندو ته اهو استادن سان ايترو ويجهو ٿي ويندو، جو استادن کي ڪو رجسٽرار يا وي سي تنگ نه ڪري سگهندو. بلڪه ڪنهن به استاد کي احتجاج ۽ ڪلاس جي بائيڪاٽ جي ضرورت ئي نه پوندي. ان ڪري مان اظهر شاهه صاحب کي صلاح ڏيندس ته اهو پنهنجي چار نڪاتي ايجنڊا ۾ تبديلي آڻي،

    سنڌ يونيورسٽيءَ کي باوقار ادارو بڻائڻ لاءِ ڪجهه هيٺين نڪتن تي به غور ڪرڻ فرمائي. مون کي اميد آهي ته ان سان عارضي مڃتا بجاءِ دائمي حاصلات جا امڪان تمام گهڻا آهن ۽ انتظاميه کان استادن جي جائز شڪايتن جو ازالو ممڪن آهي. (1) پروفيسر بشير چنڙ جي قاتلن جي گرفتاري هر صورت ۾ ممڪن بڻائي وڃي. (2) سنڌ يونيورسٽيءَ مان شاگرد سياست کي ٻن سالن لاءِ رضاڪارانه بنياد تي معطل رکيو وڃي، ٻن سالن کانپوءِ ورتل جائزي جي بنياد تي وڌيڪ فيصلا ڪيا وڃن. (3) تعليم جو بائيڪاٽ ڪندڙن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. (4) يونيورسٽيءَ جي ڪنهن به عهدي تي رٽائرڊ ملازم کي ڀرتي نه ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ابتدائي طور تدريس سان لاڳاپيل استاد رضاڪارانه طور پنهنجون استعيفائون پيش ڪن. (5) يونيورسٽيءَ جي گذريل 10 سالن جي خرچ جي اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان جي آفيس ذريعي پڙتال ڪئي وڃي. (6) يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪٽ جي گذريل ويهن سالن جي فيصلن جو جائزو وٺي هڪ ٻئي جي ضد ۾ ڪيل فيصلا منسوخ ڪيا وڃن. (7) يونيورسٽيءَ جي 5 گريڊ کان مٿي جي ملازمتن لاءِ ڪمپيوٽر جي سکيا ۽ رابطائي انگريزيءَ جي صلاحيت لازمي قرار ڏني وڃي. (8) ڪلاس نه وٺندڙ استادن کي گولڊن هينڊ شيڪ ڏيئي وڌيڪ شاگردن جو آئيندو اونداهون ڪرڻ کان پرهيز ڪئي وڃي. (9) ملازمن ۽ استادن لاءِ هنگامي بنيادن تي تربيتي ڪورس شروع ڪرايا وڃن. (10) ليبارٽريز ۽ ٻين شعبن ۾ گهربل سامان فراهم ڪيو وڃي. (11) يونيورسٽيءَ ۾ تعمير ٿيل بدصورت ۽ بي ڍنگين عمارتن ۽ ڪيل اٿاهه خرچ جو حساب ڪتاب ورتو وڃي. (12) يونيورسٽيءَ جي خرچ تي ٻاهر ويل ملازمن مان جيڪي طئي ٿيل ذميواري پوري نه ڪري سگهيا آهن، تن جي پگهارن مان مٿانئن ٿيل خرچ ڪاٽيو وڃي. (13) تدريس ۽ تحقيق کي ٻه ڌار شعبا قرار ڏيئي، ترقين ۽ مقررين جا نوان معيار جوڙيان وڃن. (14) پرووسٽ ۽ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرس جي عهدن کان سواءِ استاد صاحبان کان سڀ اضافي ذميواريون واپس ورتون وڃن ۽ عارضي مقررين بجاءِ انتظاميه ۾ دائمي ۽ پڪا آفيسر آندا وڃن. (15) يونيورسٽيءَ جي انتظامي شعبن ۾ اوپن اشتهارن ذريعي نئين دور جا ايم بي اي ۽ آءِ ٽي پاس نوجوان ڀرتي ڪيا وڃن ۽ ٽائيم پاس آفيسرن کي هٽايو وڃي. (16) ٽرانسپورٽر، هاسٽل ۽ پرچيز سميت مختلف شعبن کي خودمختيار ڪميٽين ذريعي هلايو وڃي. (17) امتحاني شعبي ۾ بدانتظامي ختم ڪري ڪرپشن کي روڪيو وڃي. (18) يونيورسٽيءَ جو سڄو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي. (19) يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل ۽ ٿيندڙ تحقيق کي سماج جي مختلف شعبن سان سلهاڙيو وڃي. (20) ڄامشوري جي تعليمي ادارن مان رينجرز کي ٻاهر ڪڍي، هڪ ڪل وقتي ايماندار ۽ تعليمي مامرا ڄاڻيندڙ پوليس آفيسر کي ايس پي ايجوڪيشن ۽ تعليم دوست ايجوڪيشن مئجسٽريٽ مقرر ڪيو وڃي، جيڪي ٿڏي تي فيصلا ڪندي، تعليم دشمن ماحول کي پاڙئون پٽڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. (21) آءِ بي اي سکر جيان سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي شعبه-جاتي تدريس کان اڳ ”زيرو-سيمسٽر“ جي نالي سان هڪ پورو سيميسٽر کين رابطائي انگريزي ۽ ڪمپيوٽر جي تربيت ڏني وڃي. (22) يونيورسٽيءَ ۾ سماجي سرگرمين، تقريري مقابلن، سيمينارن ۽ ادبي پروگرامن سميت مختلف هم نصابي سرگرميون وڏي پيماني تي شروع ڪيون وڃن. (23) يونيورسٽيءَ ۾ حاضريءَ جو سرشتو ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي ته جيئن ملازم جي اچڻ ۽ وڃڻ جي وقتن جي خبر پئجي سگهي. (24) اداري ۾ نشيدار شين جي واهپي، گاڏين جي ريس، هارن وڄائڻ ۽ وڏي آواز ۾ گانا هلائڻ تي پابندي وڌي وڃي ۽ پارڪنگ لاءِ جڳهه مخصوص ڪئي وڃي. (25) ڊيموڪريسي وال جي نالي سان هڪ ڊگهي ديوار تعمير ڪري يونيوسٽيءَ جي هر فرد کي اندر جون آهون ڪڍڻ لاءِ هٿيارن ۽ ڄُنڊا پٽ ڪرڻ بدران ان ديوار تي لکڻ جي ترغيب ڏني وڃي. (26) استادن ۽ شاگردن طرفان لائبريرين ۾ ڪمپيوٽر ليب سيمينارن ۽ ادبي علمي پروگرامن ۾ وڌيڪ وقت گذارڻ لاءِ ترقي ۽ اضافي مارڪون منظور ڪيون وڃن. (27) تحقيقي شعبن ۽ چيئرز ۾ خوشامدي بجاءِ نئين دور جا ماڻهو ميرٽ تي مقرر ڪيا وڃن. (28) يونيورسٽيءَ ۾ رهندڙن کي بنا ڪنهن حد جي بجلي، گئس ۽ پاڻي جي فراهميءَ تي حد مقرر ڪري ٿيندڙ زيان تي ضابطو آندو وڃي. (29) پنجن سالن لاءِ يونيورسٽيءَ جي وڌيڪ ڦهلاءَ (Extension) کي ختم ڪري ان کي موجوده جوڙجڪ ۾ وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ جاکوڙيو وڃي ۽ مقرر ڪيل اضافي اعليٰ اهلڪارن کي مقرر جڳهه تي موڪليو وڃي. (30) سڀ کان اهم ڳالهه ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فورن تعليمي ايمرجنسي لڳائي، هر قسم جي غير علمي سرگرميءَ کي ختم نه ته ڪجهه وقت لاءِ معطل ڪيو وڃي. ايتري قدر جو ميڊيا جي غير ضروري مداخلت به ختم ڪري، ملازمن کي سرڪاري ضابطن ۽ شاگردن کي اداري جي ضابطن ۾ سختيءَ سان پابند ڪيو وڃي.

    لکڻ جي لاءِ ته سئو کن ٻيون تجويزون به ٿي سگهن ٿيون، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته يونيورسٽيءَ ۾ عدليه، سول سوسائٽي، عالمن، استادن ۽ ٻين پروفيشنل حلقن تي ٻڌل ڪميشن جوڙي حقيقتن تي مبني هڪ رپورٽ جوڙي وڃي ۽ اداري جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ مذڪوره رپورٽ جي روشنيءَ ۾ گهڻ پاساوان ۽ مستقل اپاءَ وٺي ان کي اهڙي معيار تي پهچائجي، جنهن جا خواب سندس بانيڪارن ڏٺا هئا، ڇاڪاڻ جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سڌارو ڪنهن هڪ شخص جي رهڻ يا نه رهڻ سان حل نه ٿيندو، بلڪه ان جي انتظامي ڍانچي ۾ بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي. ”سُوٽا“ جي دوستن کي به مشورو آهي ته اُهي ٻارن وانگر ”نه کپي-نه کپي“ واري ڳالهه تي ڳَت ڏيڻ بدران صدر صاحب جي ”کپي کپي“ واري فڪر فلسفي تي به غور ڪن. اميد ته کين به جائز ۽ هاڪاري طريقي سان ڪجهه نه ڪجهه ملي پوندو. اداري جو به ڀلو ٿيندو ۽ قوم پڻ ڪنهن دڳ وڃي لڳندي. جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اڃا به تعليمي بائيڪاٽ جاري رهيو ته ان جو مطلب ”کپي کپي“ ته هوندو، پر اها ”کپي کپي“ شام ڌاران بيزار ٿيل ان گهورڙيي جي هوڪي وانگر هوندي، جيڪو مال نه کپڻ جي صورت ۾ گاڏي سميت هر چيز سستي اگهه ۾ وڪڻڻ لاءِ تيار هوندو آهي. ان صورتحال سان نه رڳو هر لاڳاپيل ڌر جو نقصان ٿيندو، پر سڄي قوم اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب هوندي ته ملازمن، انتظاميه، شاگرد اڳواڻن ۽ استادن طرفان پنهنجن مفادن لاءِ تعليمي سرگرميءَ جي معطلي جو اصل فلسفو. ”چَٽي پئي چاڪَرَ تي، ڀَرِ وَتايا تون“ وارو يعني يارن جون باهيون ٻارن مان ڪڍڻ وارو آهي.

    The Kawish Group of Publication جي ٿورن سان
    [/JUSTIFY]
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ: نقصان ڪنهن جو؟


    استادن جي هڪ حلقي جو ماضيءَ ۾ خيال هو ته مظهرالحق صديقيءَ جي روانگي کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ کير جون نديون وهنديون ۽ هاڻي خيال اٿن ته مغل صاحب جي روانگي کانپوءِ ماکيءَ جا واهڙ وهندا.

    سائين نثار صاحب هو اوهان بادشاه واري ڪهاڻي ته ضرور ٻُڌي هوندي ته هڪ بادشاه جيڪو مُردن جا ڪفن لهرائيندو هو جڏهن جو وقت قريب آيو ته ان کي پريشاني ٿي ته سڄي عمر ڪُڌا ڪم ڪيا آهن منهنجي مرڻ کان پوءِ مانحون ڇمونکي بُرو چوندا ته ان جي پُٽ چيو بابا اوهان پريشان نه ٿيو آء اوهان جي وڃڻ کان پوء اهڙو ڪم ڪندس جو ماڻهو اوهان کي نيڪ سمجهندا ۽ انهن ماڻهن واقعي سندس وڃڻ کانپوءِ ان کي نيڪ ڄاتو سو ڪيئن اهو حوال ونڊڻ جهڙو ڪونهي۔
    پٺين ڏينهن ۾ جي او تي پروگرام خبر ناڪ ڏسڻ جو اتفاق ٿيو ته ان ۾ پرويز مشرف آصف زرداري جي حق ۾ ووٽ ڏئي رهيو ان کان سوال ڪيو ويو ته تون آصف زرداري کي ووٽ ڇو ٿو ڏين ته چوڻ لڳو هن جي ڪري مونکي ماڻهون چڱو سمجهڻ لڳا آهن جي پنج سال ٻيا رهيو ته ماڻهون مونکي ولي سمجهندا وغيره ۔
    هميش ياد رهي ته ڪنهن هڪ مڻهون جي ڪري سسٽم ناهن بدلجي سگهندا سسٽم ۾ ڪو خراب ماڻهون اچي وڃي ته ان کي بدلي سگهجي ٿو پر خراب سسٽم کي ڪنهن هڪ مانهون جي بدلڻ سان سٽم نه بدليو آهي نه بدلجي سگهجي ٿو۔
    بهرحال اسان جي تعليمي ادارن جي زبون حالي بلخصوص سنڌ جي تعليمي نظام ٍجي زبون حالي انتهائي تشويش ناڪ آهي ۔
    وسلام
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ: نقصان ڪنهن جو؟

    هڪ اهم موضوع تي وقتائتو ليک لکيو آهي سائين انعام شيخ صاحب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ يونيورسٽي ۾ پهريان صرف شاگردن جي سياست هوندي هئي پر هاڻي اها سياست استادن تائين وڃي پهتي آهي ۽ حالتون اهڙيون آهن جو روز ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ٿو وڃي۔ استادن، انتظاميه ۽ اسان جي سياسي قيادت کي خبر ناهي ڪڏهن عقل ايندو۔ فيسبوڪ ۽ انٽرنيٽ کي قومي نعرن سان سجائڻ وارن کي هن اهم موضوع تي لکندي خبر ناهي ڇو تڪليف ٿي ٿئي۔

    اسان جي سجاڳ ٿيڻ ۽ سوچڻ جو وقت آهي، نه ته جي هي ادارا به ويا ته پوء اسان لکيل پڙهيل ماڻهو به پيدا ڪري ڪونه سگهنداسين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو