انسان جي واهپي وارين شين ۾ ڏُڪار جو سبب

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2012۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [JUSTIFY]اڄ ڪنهن ڳالھ تان هي موضوع وري ياد آيو جيڪو مون پهريان به ونڊ ڪيو هو پر يادون جو تازيون ٿيون ته سوچيم اوهان جن به يادون تازيون ڪيون وڃن سو هيٻِهر اوهان سان موضوع ونڊي رهيو آهيان۔

    توهان پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ڏٺو آهي ته مينهن گوشت کايئندي هجي ٻڪري بنھن کائيندي هجي ، ٻلي گاھ کائيندي هجي ، ڪتو سڪو گاھ يا سائو گاھ کائيندو هجي نه ائين ڪنهن به نه ڏٺو هوندو. ان لاءِ انهن جي کاڌ خوراڪ ۾ ڪمي ناهي ايندي بلڪه جي ائين چئجي اسان ڏڪر ته ڏٺو ڪونهي پر ٻڌوآهي.پر اهو ڏڪر ناهي ٻڌو ته جانورن جي گاھ جو ڏڪر پيو هجي ، ڪتن جي خوراڪ ۾ ڪال پيو هجي . يار هي ڏڪر جڏهن به پوندو آهي انسان جي استعمال جي شين ۾ ئي ڇو پوندو آهي؟.
    آهي نه سوال پنهنجي جاءِ تي بيشڪ هي سوال جاهلاڻو آهي پر آهي سوال ؟ سوچيو اوهان به سوچيو آءُ به سوچيان ٿو؟ سوچيو ضرور سوچيو ملون ٿا ٿوري سوچ کان پوءِ . اکيون بند ڪريو سوچيو. ڪجھ سمجھھ ۾ آيو مونکي به ڪجھ سمجھھ ۾ آيو. ڪتا يا جانور هڪٻئي جو حصو ناهن کائيندا . نه ئي ذخيرا اندوزي ڪندا آهن سهڻا آئي سمجھ ۾ ڳالھ . توهان کي ٻڌايان جانور ۾ ڪيلي اهڙو جانور آهي (ياد رهي ته ماڪوڙو ڪيلي کان وڏو ٿيندو آهي شايد نظر ايندڙ رينگندڙ جاندارن مان سڀ کان ننڍو جاندار ڪيلي ئي آهي .) جنهن ۾ زخيره اندوزي جي بيماري آهي. ليڪن جي اوهان غور سان ڏٺو هوندو ته ڪيلين ۾ به اڪيلي سر اها عادت ناهي ته جواڪيلي سر وڃي ڪنهن جاءِ تي ڪا شي ڪٺي ڪري ، پر ڪئي ڪيليون ملي ماني جو ننڍڙو ٽڪر کڻي وڃي گڏجي زخيرو ڪنديون آهن . هاڻِي جي اوهان غور ڪيو ته هي انسان جڏهن ڪِري ٿو ته ڪيلي کان به اخلاقيات ۾ ڪري ٿوپوي. جي غور ڪجي جانور ڪنهنجو حصو نه ٿو کائي ته ان جي کاڌ خوراڪ ۾ ڪو ڏڪر ڪونهي . يار ٻي ڳالھ ٻُڌي اٿََوَ ڪالھ هڪ ننڍڙي سان جنهن جي عمر تقريبن ڇھ سال آهي هڪ جاءِ تان گذري رهيا ها سين ڪاسائي ڳئون زبح ڪري رهيو هو ننڍڙي سوال ڪيو ادا ڏاڏل اهو ٻڌاءِ ته هي ڇا ٿا ڪُهن ٿا، مون چيو هي ڍڳي آهي . ننڍڙي چيو ادا هي اهو جانور آهي جيڪو خير ڏيندو آهي ، مون چيو جي ، ننڍڙو چوڻ لڳو ته ادا جي هي اهي جانور نه ڪُهن ته اسان کير پيٽ ڀري نه پيئون ها ؟.
    مون چيو توکي ڪهڙي خبر هتي قرباني تي ڪيتريون ڍڳيون ڪٺيون وينديون آهن .جي اهي گابيون نه ڪُسن ته اسان جي ملڪ ۾ ڇا پوري دنيا ۾ شايد کير سستو هجي هاگهٽ ۾ گهٽ کير مهانگو نه هجي ها .
    بحرحال مون جيڪو لکڻ ٿي چاهيو ته جانورن جي خوراڪ ۾ ڏڪر ان لاءِ نه ٿو پوي جو جانورن جي ذات ۾ ڪو زخيره اندوزي ڪرڻ وارا جانور ناهن. ان جي لاءِ سڀ جانور خوش کائن پيٽ ڀري رات جو آرام سان ستا پيا هوندا آهن. نه مال هوندو آهي نه چوري جو انديشو نه رات جي ننڊ ڦٽل الله الله خير صلا. پکين کي ڏسو سڀ صبح جو سوير اٿي راڳ ڳائيندا ويندا آهن. سڄو ڏينهن چڳندا رهندا آهن . شام ٿيندي جهڙو حال هوندو واپس خوش کلندا پنهنجي آکيرن ۾ واپس هليا ويندا آهن. وري صبح ٿيندي آهي پنهنجي آکيرن مان اٿندا آهن هليا ويندا آهن. سڄي زندگي سڪون سان گذرندي آهي .
    اوهان ڏٺو آهي وڻ انهن جي عمر ايڏي وڏي ٿيندي آهي جو ڪئي نسلون ان جي ڇانَوَ ۾ ويهي گذري وينديون آهن . جيئن جيئن وڻ وڏو ٿيندو آهي ان جي ڇانوَ ايتري مشهور ٿنيدي ويندي آهي . دوست دشمن جي مٿان برار جي ڇانوَ. جيڪو پٿر هڻن تن کي پنهنجو ميووپيش ڪندا آهن .نه غصو نه ڪاوڙ نه ڪشمت، ڪنهن سان دشمني ناهن ڪندا سڪون ئي سڪون . پاڻ ڌُپ ۾ رهي ڪري ٻين تي ڇانَوَ ڪندا آهن . نه حسد نه ساڙ نه ڌوڪو نه ٻيائي نه دشمني نتيجو صحت و طولاني عمر.
    جانورن جي عمر ٿوري ڇو ٿيندي آهي ان جي مطلق سالڪ چون ٿا ته ان جي وجھ اها آهي ته انهن ۾ شهوت جي ڀرمار آهي انهن ۾ عقل ناهي هوندو. شهوت زندگي کي کائي ويندي آهي . ان جي مثال اها آهي ته فرشتا جن کي موت ناهي ان جي وجه اها آهي ته انهن ۾ شهوت ناهي. شهوت زندگي جي دشمن آهي. جاشي زندگي جي دشمن آهي اها شي ئي انهن وٽ ناهي. ان لاءِ جڏهن کان خلق ٿيا آهن تڏهن کان زنده آهن ۽ هميشه زنده رهندا .هاڻي ڏسو انسان جو حال هي جيڪو پنهنجي ذات ۾ ٻئي وجود رکي ٿو شهوت به ته عقل به عقل جنهن سان الله جي بندگي ٿيندي آهي شهوت جا الله جي مخالف آهي انهن ٻنهي شين تي انسان کي اختيار آهي جنهن کي گهري ان کي پنهنجو آقا بڻائي. جي شهوت کي پنهنجو آقا بڻائيندو ته نتيجو پنهنجي لاءِ به آزار ٻين لاءِ به آزار . ۽ ان جي شهوت پرستي ايتري ته خطرناڪ هوندي جو انساني معاشره ان جي شهوت کان تباه و برباد ٿي ويندا جيڪو هن محل اسان جي دنيا جو حال آهي . هاڻي اهو ائين به چئي سگهجي ٿو ته جانور جيڪي سراپا شهوت آهن انهن ته دنيا ۾ ايڏو ڏول ناهي وڌو پوءِ ڇو انسان جي ڪري هي سڄو معاشرو تباه ٿي رهيو آهي .جڏهن عقل ۽ شهوت تي اختيار هوندو آهي ته جي انسان شوت جي زير اثر رهندو ته ٻي قوت کي ان جي معاونت لاءِِ استعمال ڪندو. جي هن جو اختيار عقل هوندو ته شهوت کي ان جي معاونت ۾ استعمال ڪندو.
    هي جانور کان بدتر ان لاءِ سڏيو ويندو آهي يا جي چئجي ته جي جانور جو ڪنهن تي نالو رکيو وڃي ۽ جانور ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ جهڙو هجي ته ضرور چيف جسٽس جي ڪورٽ ۾ وڃي اها پٽيشن داخل ڪراائي ته سائين مون وٽ عقل ناهي مون کي جهڙو خالق خلقيو آهي تهڙي زندگي گذاريان پيو. پر هن انسان وٽ عقل آهي ان جي هوندي هي مون جهڙا ڪم ٿو ڪري ۽ وري ٻيا هن کي منهنجي برابر ٿا سمجهڻ. جڏهن ته هن جي ۽ منهنجي اختيار ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي. ها مونکي هن جي برابر اختيار ملن ها پوءِ آءُ ڪو اهڙو ڪم ڪريان ها ۽ هن کي منهنجو نالو ڏنو وڃي ها ته صحيح . مون الله جي ڪنهن نعمت جو غلط استعمال ناهي ڪيو جڏهن ته هن الله جي ڏنل نعمت جو غلط استعمال ڪيو آهي، هن جي ۽ منهنجي برابري انساني. معاشري جي سراسر نا انصافي آهي جناب.
    سائين هتي ماڻهون ماڻهن جا حق کائي راتو رات امير ٿيا ٿا وڃن. دنيا جي بي هسي هي آهي جو جنهن وٽ دولت آهي ان کي چڱو ٿي سمجهي . جڏهن ته هن جي ڪنهن جو حق نه کاڌو هجي ها ته هي ڪڏهن به امير نه هجي ها . جي جانور پنهنجي حصي تي اقتفا ٿو ڪري ته جانورن جي معاشري ۾ ڏڪر و غربت جي ڪا ڳالھ ڪانهي .پر انسان جي معاشري ۾ ڏڪر ۽ غربت دليل آهن ته انساني معاشره حيوانن کان بدتر آهن .هت غريب ۽ امير ٻئي ماني لاءِ ڊوڙندا ٿا وتن ليڪن ٻنهي جي ڊوڙ ۾ فرق آهي. غريب ماني ڪمائڻ لاءِ ۽ امير ماني هضم ڪرڻ لاءِ . حڪيم وٽ ٻه مريض آيا ٻنهي کي ساڳي بيماري پيٽ ۾ سور هو پهرين مريض امير کان پڇيائين توهان کي ڇا ٿيو آهي امير چيو حڪيم صاحب پيٽ ۾ سور آهي حڪيم چيو اوهان ڇا کاڌو آحي چيائين ڪجھ گهڻو کائي ويو آهيان . ٻئي مريض کان پڇيائين تو کي ڇا ٿيو آهي چيائين سائين حڪيم صاحب پيٽ ۾ سور آهي حڪيم چيو تو ڇا کاڌو آهي؟ مريض چوڻ لڳو سائين ٽن
    .ڏينهن کان بک تي آهيان حڪيم چوڻ لڳو جي امير غريب جوحصو نه کائي ها ته ٻنهي کي پيٽ ۾ سور نه هجي ها . معاشرتي ناهمواريون انساني معاشرن ۾ آزار جو سبب بڻيل آهن اسان دنيا ۾ امير آهن ان کي ٿا سمجهون جنهن وٽ مال گهڻو آهي دولت گهڻي آهي اسان جي نبي سڳوري جو فرمان آهي ته دنيا آخرت جي ٻانهي آهي جنهن ٻانهي سان شادي ڪئي آهي سو امير ٿورئي هوندو جنهن سائڻ (آخرت)سان شادي ڪئي اهو امير آهي. يا حضرت علي عه جو فرمان آهي دنيا ڇيڻي(گوبر) جي مثال آهي ۽ آخرت کير جي مثال آهي ڇا اوهان معاشري ۾ ڏٺو آهي ته ڪو شخص مينهن يا ڪو جانور ان لاءِ وٺندو هجي ته هي جانور ڇيڻُو(گوبر) ڀلو ڏيندو آهي نه انسان جڏهن ڪنهن مال جانور جو سودو ڪندو آهي ته معيار کير هوندو آهي ڇو جو جنهن معيار کير رکيو ته ڇيڻو( گوبر)ان سان گڏ پاڻهي ملي ويندو جنهن سائڻ (آخرت) سان شادي ڪئي ته ٻانهي پاڻهي ان جي ڏاج ۾ اچي ويندي .
    اسان جي معاشري جي حالت هي آهي جيڪو کائي ٿو ته ايترو ٿو کائي پيو جو اٿڻ ان لاءِ آزار آهي جيڪو فاقن تي آهي تنهنجي پيٽ جي سور ۾ مسلسل اضافو ٿو ٿئي پيو. جانورن جا معاشره انساني معاشرن کان تمام ڀلا آهن . جيڪو اسان جي معاشري جو حال آهي جي جانور کي ان جو احساس هجي ها ته شايد غم ۾ مري وڃن ها .اخلاقي اعتبار سان اسان وڏن جانورن جو ڇا ڪيلي مڪوڙي جو به مقبلو ڪرڻ جوڳا ناهيون .وسلام
    Pos[/JUSTIFY]
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: انسان جي واهپي وارين شين ۾ ڏُڪار جو سبب

    سائين ڏاڏل شينو صاحب اسلام عليڪم۔توهان جو هي ليک اڳ ۾ اسان جي نظر کان نه گذريو هو ،پر هاڻي جڏهن توهان وري پوسٽ ڪيو آهي ته پڙهڻ جو موقعو مليو آهي۔ذخير اندوزي،شين جي کوٽ جا سبب۔انسان ۽ جانورن جي عمل جو فرق ۽ ٻيون معاشري جون ڪميون پيشيون جنهن جي توهان پنهنجي ليک ۾ نشاندهي ڪئي آهي بلڪل سچ ۽ صحيحي تجزيه ته مبني آهي۔جيڪڏهن کاڌ ۽ خوراڪ جي سامان جي ذخيره اندازي ،جيڪا وڌيڪ منعافي ڪمائڻ جي چڪر ۾ ڪئي ويندي آهي،بند ٿئي وڃي ته اهئي شيون هڪ ته تمام گهڻي مقدار ۾ بازار ۾ ملنديون ۽ ٻيو ته انهن جي قيمتون به گهٽ ٿي وينديون ،جيڪي غريب ماڻهو به خريد ڪري سگهندا۔معاشري جي هڪ وڏي ناسور تي توهان جو ليک اسان سڀني کي گهڻو ڪجه سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي۔توهان جا لک لائق۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انسان جي واهپي وارين شين ۾ ڏُڪار جو سبب

    تمام خوبصورت ليک آهي۔

    اوهان جي اهڙي لکڻين جو انتظار رهندو آهي۔
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: انسان جي واهپي وارين شين ۾ ڏُڪار جو سبب

    سائين مصطفى صاحب اوهانجي پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
    وسلام
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: انسان جي واهپي وارين شين ۾ ڏُڪار جو سبب

    سائين تمام بهترين ليک آهي
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: انسان جي واهپي وارين شين ۾ ڏُڪار جو سبب

    ادا ڏاڏل يادون ته سور ڏينديون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙين يادن کي ياد نه ڪندو ڪر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تواهان جو موضُوع لاجواب آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو