سنڌ جي عوامي راند ۔۔۔ ڏيٽي ڏڪر

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڏيڪي ڏڪر ( ڏيڪيءَ کي ڏيٽي به چئجي ته اٽي به)

    [​IMG]


    هن راند ۾ ٽي شيون هونديون آهن، هڪ ڏڪر، ٻيو ڏيٽِي يا اٽي، ٽيون گد ... جنهنکي هنديءَ ۾ گلي چون .... هن راند ۾ ڪجهه ڀيچي يعني ٽيم به ٺهندي آهي ۽ اڪيلي اڪيلي يا ٻن ڄڻن جي وچ ۾ به کيڏبي آهي ...

    اتر سنڌ ۾ کيڏڻ جو نمونو؛
    واريءَ جي شروعات، گد تي ڏيڪي رکي، ڏڪر سان تڏ ڏئي اڇلائي ڪبي آهي، جي مخالف ٽيم جهپي ورتي ته کلاڙي ٻاهر ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن نه جهپيائين ته گل يا گد تي پيل ڏڪر کي نشانو وٺي ڏيٺي اڇلائي هڻندو، جي ڏڪر تي نشانو سهي بيٺو ته به کلاڙي ٻاهر ٿي ويندو ... ۽ جي بچي ويو ته پوءِ اصل راند شروع جنهن ۾ اسڪور يا پوائنٽس ٺهنديون آهن ...

    هاڻ کلاڙي ڏڪر سان ڏيڪيءَ کي 3 ٽلا يا ٽپا کارائي ڌڪ هڻندو، جيترو پري ڏيڪي ويندي اوتريون پوائنٽون ٺهنديون (گد کان هڪ ڏڪر جو مفاصلو هڪ پوائنٽ ٿيندو آهي) اهو کلاڙي ان وقت تائين کيڏندو رهندو جيستائين مخالف ان ڏيڪيءَ کي جهپي وٺي يا وري اڇلائي ڏڪر کي نشانو هڻي سگهي ... اهڙيءَ طرح راند هلندي رهندي جيستائين سڀ ڀيچي (ساٿي) ختم نه ٿي وڃن ...

    مخالف ڌر جي واري به ساڳيءَ طرح سان شروع ٿيندي ۽ ان ٽيم کي به مخالف کلاڙين جي ڪيل پوائنٽس (اسڪور) کان گهڻو ڪرڻ تي جيت :chilli: ٿيندي ۽ جي اڳ۾ کامي ويا ته هارائجي :hitwall: ويندا ....
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ جي عوامي راند ۔۔۔ ڏيٽي ڏڪر

    واه سائين واه پراڻيون يادون تازيون ڪري اوهان احسان ڪيا مهرباني ۔
    وسلام
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سنڌ جي عوامي راند ۔۔۔ ڏيٽي ڏڪر

    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔اسان کي ياد آهي ته ٻالڪپڻ جي عمر ۾ اسان به ڏٽي ۽ ڏڪر واري راند ڪُُڏي هئي۔تواهان ان جي کيڏڻ جو طريقو پنهنجي هن خوبصورت ليک سان ٻڌائي،هر ان ميمبر جنهن ڪڏهن به ڏٽي ڏڪر واري راند نه رهي هوندي جي دل ۾ ان کي کيڏڻ جو اشتياق پيدا ڪيو آهي۔اسان کي ياد آهي ته اسان جي ڳوٺ دادو ۽ موري شهر ۾ پراڻي زماني ۾ ڏٽي ڏڪر جون باقائده ميچون به ٿينديون هيون۔هاڻي ان جي جاء تي ڪرڪيٽ ۽ والي بال جون ميچون ٿينديون آهن۔تواهان ته اسان کي زندگي جي ان دور ۾ وٺي ويا آهيو جنهن ۾ اسان هر فڪر کان آزاد ٿئي راند ۽ روند ۾ لڳا پيا هوندا هئاسين۔توهان جي هن ليک پڙهڻ کانپوء اسان کي شدت سان اهو زمانو ياد اچي ويو جنهن ۾ انسان جو هڪ ٻئي سان تمام گهڻو قرب هوندو هو۔جوائنٽ فيملي سسٽم هڪ وڏي جي سربراهي ۾ هلندو هو۔ان وڏي جي حڪم کان ڪوبه انحرافي نه ڪندو هئو، ڪنهن جو به مسئلو هوندو هئو ته فيملي جو وڏو پنهنجي عقل ۽ فهم سان ان کي اهڙي ته سٺي نموني سان نبريندو هو جو نانگ به مري ويندا هئو ۽ لٺ به نه ڀڄندي هئي (مثال) پراڄڪله ته هر ڪنهن ماڻهون پنهنجي ٻن سرن / ڏيڊ فٽ جي مسجد الڳ سان ٺاهي آهي۔جنهن جي ڪري نه مسئلا حل ٿا ٿين نه ئي وري اهئي محبتون قائم ٿيون رهن۔ان موضوع تي گهڻو ڪجه لکجي سگهجي ٿو پر دل ٿي چوي ته ڪاش الله پاڪ اسان کي پنهنجي بري۽ ڀلي ۾ تميز ڪرڻ جي سمجه عطا فرمائي۔توهان جون تمام گهڻيون مهربانيون اسان کي پنهنجي ٻالڪپڻ جي ياد تازا ڪرائڻ جي لاء۔هميشه خوش رهو۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي عوامي راند ۔۔۔ ڏيٽي ڏڪر

    اوهان پراڻيون يادون تازيون ڪيون آهن۔

    ڪرڪيٽ جي راند اچڻ کانپوء اسان جي ملڪ ۾ هر طرف ڪرڪيٽ جو آزار آهي۔ مونکي پڻ هاڻي ڪرڪيٽ سان ئي لڳاء آهي۔ ڪرڪيٽ راند به چون ٿا ته ڏيٽي ڏڪر مان ئي ترقي ڪئي آهي۔

    اهي پراڻيون رانديون خبر ناهي هاڻي ڪٿي آهن يا نه پر يادون ضرور آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو