اسان جو ڪوي دوست ملهار چانڊيو نثاراحمدناز [JUSTIFY]مونکي فيس بُڪ استعمال ڪندي ذري گهٽ ٻه سال ٿِي رهيا آهن ، ڪافي فيس بُڪ جا ساٿي، دُعا سلام ڪندا آهن، پر سڀني کان منفرد سڀني کان وڌيڪ جاکوڙي دوست مونکي تاريخي شهر لاڙڪاڻي سان وابسطه ملهار چانڊيو لڳو، پاڻ گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ آهي، پاڻ هڪڙو ڀلوڙ شاعر، ڀلوڙ ڊزائينر آهي سڀڪو ماڻهو صرف پنهنجي پاڻ لاءِ جيئندو آهي پر ملهار چانڊيو سنڌ جو اهو سپوت پُٽ آهي جيڪو اڪثر ڪري سنڌي دوست شاعرن جون ڪاوشون ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي چِٽي سموري سنڌ سميت ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊيندو آهي، سندس ڊزائن جو ڪينواس سدائين نڪور رنگن چٽن سان سجايل هوندو آهي ، جيئن ته پاڻ سموري سنڌ ۾ شاعر جي حيثيت سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو فيس بُڪ تي شاعريءَ ان شاعري جي چترڪاري جي ڳالهه نڪرندي ته ملهار چانڊيو هڪ شاعر ۽ هڪ چترڪار جي حيثيت سان آسمان جي بُلندين تي نظر ايندو ملهار جي سڀ کان خوبصورت ۽ بهترين ڳالهه اها آهي ته پاڻ سدائين شاعري جي ننڍن وزنن تي طبع آزمائي ڪندو آهي شاعري ءَ جي غزل واري شعبي ۾ ته سندس مڪمل دسترس آهي ، ڪڏهن فيس بُڪ تي سندس تخليق ڪيل وايون به ڏسڻ ۾ اچي وينديون آهن، مونکي هڪڙي شاعر جي ڪنهن فورم تي ڪيل هڪڙي ڳالهه ياد پئي اچي ته هر هڪ انسان ۾ جي وجود ۾ پيار رهي ٿو، پيار جي طفيل انسان جي اندر ۾ مختلف ڪيفيتون جنم وٺنديون آهن ، جيڪي کيس تخليقڪاريءَ ۾ مختلف روپن ۾ نمودار ڪنديون آهن ،اهڙي طرح ڪنهن کي مصور جو روپ ملندو آهي ته ڪو ادب ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي ڪهاڻيڪار ، افسانه نگار يا وري شاعر، يا ڪويءَ جو روپ ماڻيندو آهي، آئون مٿيئن حوالي کي بنياد بنائي بجا طور چئي سگهان ٿو ته اسان جو نوجوان شاعر دوست ملهار چانڊ يو انهن مڙني ڳالهين ۾ مُنڊيءَ تي ٽڪ جيان جرڪندو نظر ايندو آهي، سندس شاعريءَ ۾ جذبن جو رقص ۽ نغمگي هوندي آهي ، ملهار چانڊيو جي شاعريءَ ۾ نينهن جا نشا، سماجِي ۽ معاشرتي اوڻاين توڙي انساني دُکن دردن کي اجاگر ڪرڻ جي قوت آهي، سندس شاعريءَ ۾ جڳ مڳ جوت ۽ اُجالن جو اهو سفر آهي جنهن جي جوت جي سهاري اسان جهڙا نالي ماتر شاعر پنهنجي منزلن جا راهي ٿِي پنهنجو دڳ آسانيءَ سان ڳولي وٺندا آهن ، ملهار جيئن ته غزل گو شاعر آهي، شاعر لاءِ اڪثر اهو چيو ويندو آهي ساري دنيا ۾ شاعر ئي واحد هستي آهي جيڪو پوري پرڪرتي(ڪائنات) کي هڪڙي پيالي ۾ قيد ڪري ڏيکاريندو آهي، ان جو واضح ثبوت نوجوان شاعر ملهار چانڊيو پاران ننڍي بحر ۽ ننڍي وزن واري شاعري جي تخليق ڪرڻ آهي، هن جون وايون، هن جا غزل ، هن جا نظم فني فڪري گهاڙيٽي ۾ ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ سدائين مختلف ۽ منفرد رهيا آهن سندس شاعري اسلوب جي لحاظ کان پڪي ۽ پُختي شاعري آهي، مان ملهار چانڊيو جي مڪمل شاعري جو اڀياس فيس بُڪ تي گُذريل هڪ سال اندر ئي ڪيو آهي، پر اهو ڀلي ريت پروڙي ورتو اٿم ته سندس شاعري ۾ مور جي ٽور سندس شاعريءَ ڀنڀرڪي ويل گلاب جي گُلن تي ڪرندڙ ماڪ جيان آهي ، سندس شاعري ءَ ۾ “دم ” آهي، سندس شاعري متاثر ڪندڙ آهي، پاڻ ۽ سندس شاعري مونکي سدائين نئين گُلابن جي رت جيان لڳندا آهن ، ملهار چانڊيو ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ حساس جذبن جو مالڪ شاعر آهي، سنڌ سان لازوال پيار ڪندڙ سنڌ سان سچو رهندڙ شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ مان ظلم ، دولاب ٺڳي، جي خلاف هڪڙي وڏي ويڙهاند به نظر ايندي آهي ، سندس شاعريءَ ۾ چاهت جي چاشني کان سواءِ ڪنهن تيز بليڊ جيان مزاحمت وارو تيز تکو رنگ ۾ به نظر ايندو آهي، ملهار چانڊيو جي شاعري پڙهي ڪڏهن ڪڏهن مونکي ايترو ته ملهار تي پيار ايندو آهي جو دل چوندي آهي پيار مان کيس ڀاڪر وجهي سندس نرڙ تي چُميون ڏيئي چوانس ته “مٺا ملهار تون لاجواب آهين” مونکي لاکيڻي لطيف جو اهو لازوال شعر ياد پيو اچي ته ؛[/JUSTIFY] ويٺي جنين وٽ، ڏُکندو ڏُور ٿئي، تن تنين سان ڪٽ ، اوڏا اڏي پکڙا. [JUSTIFY]بلڪل ملهار چانڊيو به اهڙي ئي شخصيت جو مالڪ آهي جو ملهار جي اسان به ويجها آهيون ملهار جا گيت غزل پڙهي ، اسان جا ڏُکندا ڏُور ٿِي ويندا آهن ، ملهار جون رچنائون پڙهي اسان پنهنجو من معطر ڪري ويهي رهندا آهيون ، ملهار ان راهه جو پانڌيئڙو آهي ، جتان ڪئين اڻموٽ ماڻهو پنهنجي ڀُونءَ کي چُمندا ، پنهنجي ڌرتيءَ کي پنهنجي ڪويتائن ۾ سرجائيندي گُذرندا آهن. جيئن ته ملهار چانڊيو منهنجو هم عصر شاعر آهي ۽ همعصر جي حيثيت ۾ مان سدائين سندس شاعريءَ کي ٻين شاعرن جي نسبت روايتي شاعري کان هٽي ڪري ادب جي رڳن ۾ نئون رت ، نئون ولولو، نئون جذبو، نئين جدت، نئين لاٽ وانگر محسوس ڪندو آهيان ملهار چانڊيو جي شاعريءَ کي پڙهي مونکي سدائين جاکوڙي شاعر ايوب کوسي جون اهي دل کي ڇُهندڙ چند سٽون ياد اچي وينديون آهن جيڪي هُن پنهنجي ڪتاب “ڪنارن جا سڏ” ۾ لکيون هيون ته :[/JUSTIFY] “مُنهنجي غزلن جو ويس ڳوٺاڻي لاهيارڻ جي پوتِي وانگر ميرو آهي، منهنجي بيتن جي اکين ۾ ڪوبه سُرمون ڪونهي، نه وري انهن جي چپن تي ڪا لالي لڳل آهي! مُنهنجي خيالن جي ڪنن ۾ سون جا جهومڪ نه پر ڪن ڦاڙ جوڳين وارا والا پيل آهن ! منهنجا احساس مٽيءَجا هُئڻ ڪري بس ميرا ئي آهن! اُن ڪري اُنهن جي ڪنهن به ادبي مُلهه جي مون کي ڄاڻ ناهي ! بس اُه سُڌ آهي ته هڪ عشق آهي. جيڪو پنهنجي لاءِ پاڻ آٿت آهي! وقت مان شاعري لاءِ چورايل ڪُجهه پل قلمبند ٿي وڃن ٿا بس اهائي هن شاعريءَ جي ننڍڙي حقيقت آهي، مون شاعري فقط ان ڪري ڪئي آهي جو آئون شاعريءَ جي اهميت کي رد ڪندڙ ماڻهن کي اهو ٻُڌائڻ ٿو چاهيان ته شاعري، ڪڏهن به تقدس جي اجرڪ کي ناهي ڦاڙيو، ماڻهن کي ٻُڌائڻ ٿو چاهيان ته ماڻهن کي بي لباس معاشي مسئلن ڪيو آهي، شاعري جو ان بي لباسي آڻڻ ۾ ٽڪي جو به هٿ ناهي، شاعري کي روح جي تحرڪ جو سڏ سمجهڻ وقت جي ضرورت آهي، عام طور تي نابين انسانن جي ڪُلهن تي جڏهن به ڪي ماڻهو هٿ رکندا آهن ته هو پل ۾ انهن هٿن جي ڇُهاءُ مان اهو پرکي وٺندا آهن ته اهو ڪهڙي واقفڪار جو هٿ آهي، ائين ئي شاعريءَ جي هٿن ۾ به هڪڙو حُسن ، هڪڙو فن موجود آهي .(ايوب کوسو ڪتاب ڪنارن جا سڏ صُفحو نمبر 8 ۽ 9)”....! [JUSTIFY]بلڪل اهڙيءَ طرح اسان جي ساٿي دوست ملهار چانڊيو جي شاعري ۾ ڪڏهن غربت جو چولو ليڙون ليڙون نظر ايندو آهي ته ڪڏهن معصوم پيٽ بُکئي ٻارڙي کي چنڊ به ماني جيان نظر ايندو آهي ،ڪڏهن ملهار چانڊيو جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي ڌرتي مهڪندي مُسڪرائيندي نظري ايندي آهي ته وري ڪڏهن سنڌ ڌرتي ڌارين جي يلغار۽ پنهنجن جي غداري سان گهايل نظر ايندي آهي الغرض دوست ملهار چانڊيو اسان جي سنڌ ڌرتيءَ جو اهو پُٽ آهي ، جيڪو پنهنجي شاعري ءَ جي لفظن کي رقص ڪرائڻ جو فن بخوبي ڄاڻي ٿو، مختصر لفظ ڳولي انهن لفظن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ گُلن جيان پوئي سنڌ جي تازن گلابن ۽ ڪنول جي گلن جي مالا بنائي ان ڪويتا کي ڪنهن وائي، ڪنهن گيت، ڪنهن غزل، ڪنهن نظم يا ڪنهن ڪافِي جو مَڌُر نانءُ ڏيئي اسان کي ارپي ٿو . اڄ 20 جنوري آهي، سندس جنم ڏينهن آهي ، سندس هن جنم ڏينهن لاءِ مان ڪافي ڏينهن کان ڪوشش ڪري رهيو هُئس ته کيس ڪهڙي صورت ۾ ڀيٽا ڏيان، سوچيم ته کيس گُلن جي ڀيٽا ڏيندم گل اهڙن موقعن تي خوشبو وکيريندا آهن پر دير سوير گُل به مُرجهائجي ويندا آهن، سوچيم ته هيپي برٿ ڊي ڪيڪ موڪليندم ۽ جنم ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ جي ضرورت هوندي به آهي پر وري سوچيم ته ڪيڪ وقتي مزو ڪري ٿو مُنهن مٺو ڪري ٿو پر سدائين لاءَ محفوظ نٿو رهي سو اڄ پنهنجي قلم کي ساکي بنائي هي بظاهر سکڻي لفظن جي ڀيٽا سالگره واڌائين جي صورت ۾ ادا ملهار چانڊيو کي ڏيان پيو ٿي سگهي ٿو مُنهنجي شاعر دوست ملهار چانڊيو کي منهنجي لفظن جي هي غريباڻي ادا ڀانئجي وڃي. ۽ ملهار جو قرب مون لاءَ ملهار وانگر برسي پوي ۽ آئون ملهار جي قُرب ۾ واسجي وڃان....................! مهڪجي وڃان............. .! هيپي برٿ ڊي ادا ملهار چانڊيو شال جُڙيو هُجين اها مون نثارناز ٽي درجي واري شاعر جي دعا به آهي ته آرزو به آهي ....................................![/JUSTIFY] **********************Happy Birth day*************
جواب: اسان جي ڪوي دوست ملهار چانڊيو کي جنم ڏينهن جون لکين واڌايون اسان جي طرفان به ادا ملهار چانڊيو کي جنم ڏنهن جون مبارڪون هجن۔
جواب: اسان جي ڪوي دوست ملهار چانڊيو کي جنم ڏينهن جون لکين واڌايون لاڙڪاڻي جي نوجوان ۽ اڀرندڙ شاعر ملهار چانڊيو کي جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت سٿ پاران واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ ملهار فيسبوڪ جي سنڌي شاعري واري گروپ جو سرواڻ هجڻ سان گڏ دوستن کي ڀيٽائون پيش ڪرڻ ۽ شاعري کي ڊزائن ڪري ونڊ ڪرڻ ۾ اڳي کان اڳرو رهندو آهي۔ وائي ۽ غزل جو سٺو شاعر آهي۔ دعا آهي ته سنڌ جو هي سرجڻهار سدائين خوش رهي ۽ مسڪراهٽ سندس چپن جي هميشه سونهن رهي۔
لاڙڪاڻي جي نوجوان ۽ اڀرندڙ شاعر ملهار چانڊيو کي جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت سٿ پاران واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ ملهار فيسبوڪ جي سنڌي شاعري واري گروپ جو سرواڻ هجڻ سان گڏ دوستن کي ڀيٽائون پيش ڪرڻ ۽ شاعري کي ڊزائن ڪري ونڊ ڪرڻ ۾ اڳي کان اڳرو رهندو آهي۔ وائي ۽ غزل جو سٺو شاعر آهي۔ دعا آهي ته سنڌ جو هي سرجڻهار سدائين خوش رهي ۽ مسڪراهٽ سندس چپن جي هميشه سونهن رهي۔ غزل ملهار چانڊيو بيخودي ، بيخودي پيار جي مئڪشي موت جهڙِي لڳي تو سوا زندگي آهي دل جي پڪي درد سان دوستي خوف ۾ مبتلا آدمي آدمي لڙڪ ملهار جا ٿي پيا شاعري